سنڌ کي ورهائڻ وارو خواب ايم ڪيو ايم جي ڀل آهي!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سنڌ کي ورهائڻ وارو خواب ايم ڪيو ايم جي ڀل آهي!!!!!
    عبدالسميع سومرو

    متحده قومي موومنٽ وارا چون ٿا ته سنڌ جو اڪثريتي عوام سنڌ کي ورهائڻ واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيو آهي ان لاءِ هاڻي هڪ انچ به پوئٽي نه هٽندا سون،متحده اهڙو مطالبو سنڌ اسيمبلي سان گڏ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پڻ رکي ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ انهن درخواستون پڻ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن،

    متحده کي ان ڳالهه تان به چڙ لڳي آهي ته لفظ مهاجر کي گار ڇو چيو ويو آهي،مهاجر لفظ کي گار سيد خورشيد شاهه چيو هيو پر بعد ۾ سيد خورشيد شاهه ان تي معذرت پڻ ڪئي هئي،

    اسان تواريخ جا جڏهن ورق اٿلائيندا سون ته اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته حضرت محمد صه جن هجرت ڪري مڪي کان مديني پاڪ آيا هئا ته پاڻ صه جن اتي پاڻ کي مهاجر نه سڏايو هيو،انصارن ۽ مهاجرن جي شان الله پاڪ قرآن ۾ بيان ڪئي آهي،ان لحاظ سان ڏسبو ته مهاجر لفظ کي گهٽ وڌ چوڻ درست ناهي،پر ٻئي پاسي وري مهاجر لفظ تي سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارو عمل به درست نه آهي، ڇو ته هجرت ڪرڻ کان بعد مستقل رهائش اختيار ڪرڻ بعد اهي ماڻهو پاڻ کي مهاجر نه ٿا سڏائي سگهن،دين اسلام ۾ 15 ڏينهن کان وڌيڪ وقت رهندڙ مسافر تي سفري نماز پڙهڻ جائز نه آهي پر اهو مڪمل نماز ادا ڪندو،ان لحاظ کان به اسان ڏسون ته 15 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي وارو فرض نماز مڪمل پڙهڻ جو پابند آهي ته پوءِ سالن کان رهندڙ ڪجهه ماڻهو پاڻ کي مهاجر سڏائڻ تي ڇو فخر محسوس ڪري رهيا آهن ۽ ان جي بنياد تي ڇو الڳ صوبو گهري رهيا آهن؟

    ڪراچي کان جيڪب آباد تائين سڄي سنڌ ۾ متحده جا حامي ڪيترا ماڻهو آهن؟ڇا ٻين پارٽين جا ماڻهو نه آهن جو متحده وڏي واڪي اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته هنن سان عوام جي اڪثريت گڏ آهي.2013ء جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين پاران حاصل ڪيل ووٽن جو وچور هن طرح آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي 32 لک 9 هزار 686 ووٽ کنيا.متحده قومي موومنٽ 25 لک 10 هزار 853 ووٽ کنيا ،پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل 11 لک 38 هزار 400 ووٽ کنيا،پاڪستان تحريڪ انصاف 6 لک 7 هزار 383 ووٽ کنيا، پاڪستان مسلم ليگ نواز 5 لک 92 هزار 799 ووٽ کنيا،نيشنل پيپلز پارٽي 2 لک 8 هزار 499 ووٽ کنيا،جمعيت علماءِ اسلام ف هڪ لک 5 هزار 799 ووٽ کنيا،سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 68 هزار 648 ووٽ کنيا،متحده وحدت المسلمين 36 هزار 868 ووٽ کنيا،عوامي نيشنل پارٽي 23 هزار 722 ووٽ کنيا،پ پ شهيد ڀٽو 24 هزار 528 ووٽ کنيا،سنڌ ترقي پسند پارٽي 9965 ووٽ کنيا،مهاجر قومي موومنٽ 4521 ووٽ کنيا،قومي عوامي تحريڪ 2451 ووٽ کنيا،انهن سان گڏ ٻين پارٽين به ووٽ کنيا آهن .

    متحده کي اها ڀل آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ هنن جون سيٽون آهن ۽ ان حساب سان انهن سان عوام جي اڪثريت گڏ آهي،اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اوهان کي ڪل 25 لک 10 هزار 853 ووٽ ملي سگهيا آهن،جڏهن ته جيڪڏهن پ پ، فنڪشنل ليگ سميت سڀني پارٽين کي ملندڙ ووٽن کي جوڙ ڪيو وڃي ته اهي اٽڪل 80 لک ووٽ ٿين ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ هر ماڻهو جو نه ته ووٽ داخل آهي ۽ نه ئي هر هڪ ماڻهو ووٽ به ڏيندو آهي. 1998ع جي ڪيل آدم شماري موجب سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 4 لک 40 هزار آهي ۽ سنڌ اسيمبلي لاءِ سال 2013ء جي اليڪشن ۾ 98 لک 36 هزار 50 ووٽ استعمال ڪياويا هئا، هاڻي اوهان پاڻ ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته متحده کي ڪيتري عوامي موٽ مليل آهي،متحده وارن کي اهو به ٻڌائڻ گهرون ٿا ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٻين پارٽين خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين اوهان کان ڪافي حد تائين ووٽ وڌيڪ حاصل ڪيا آهن،ان سان گڏ اوهان کي اها به سڌ ڏيون ٿا ته سائين جي ايم سيد جي فڪر واريون قوم پرست جماعتون ته اليڪشن واري مرحلي جون مخالفت ڪنديون آيون آهن ته ڇا انهن وٽ افرادي قوت ڪو نه آهي؟



    سنڌ امڙ لاءِ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جو فرمان آهي ته مون کي سنڌ جي طرف کان ٿڌڙي هير پئي اچي ۽ سنڌ باب الاسلام آهي،حضرت علي رضه جو چوڻ آهي ته سنڌ اها ڌرتي آهي جتان علم جو سج اڀري ٿو،امام حسين رضه جو چوڻ آهي ته”دل جي حسرت هئي ته سنڌ ڏسان،سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي.

    متحده جي سنڌ ورهاڱي کي اسان جا سياسي ڏاها بليڪ ميلنگ سمجهن ٿا،اسان به سمجهون ٿا ته سنڌ کي الڳ صوبي جي نعري ۾ اوهان جي سياسي چال هوندي ڇو ته اوهان جو ووٽ بينڪ تحريڪ انصاف وارن خراب ڪرڻ شروع ڪيو آهي،اوهان هاڻي ان نعري هيٺ ايندڙ اليڪشن لاءِ پنهنجي راهه هموار ڪري رهيا آهيو،هتي اسان پاڪستان پيپلز پارٽي کي به چوندا سون ته اوهان به سنڌي ماروئڙن کي سياسي دوکو نه ڏيو ۽ جيڪي حقيقتون سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بيان ڪيون آهن انهن تي جلدي سان عمل ڪري متحده جي اجاراداري ختم ڪيو اگر اوهان ائين نه ڪيو ته پوءِ سنڌي ماڻهو سمجهي ويندا ته اوهان ۽ متحده وارا هڪ سڪي جا ٻه رخ آهيو.

    سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ قومپرست نظريو رکندڙ ماڻهن متحده جي اهڙي مڪروهه بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن خلاف هڙتال ڪرائي آهي،اسان سنڌ جي ليکڪن کي سنڌ امڙ تمام گهڻي عزيز آهي ،

    اسان سنڌ امڙ کي تقسيم ڪرڻ واري سازش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو پڻ پيش ڪندا سون پر ڪنهن غاصب کي سنڌ جو هڪ انچ به ڦرڻ يا قبضو ڪرڻ نه ڏيندا سون .ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.

    Email:samijcd@yahoo.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مهرباني سائين سليمان وساڻ اميد ته اڳتي به همٿائيندا رهندا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان ۽ اسان جو گڏيل فورم آهي. اسان جي ۽ اوهان جي ڪوشش هجي ته وڌ کان وڌ سٺي چونڊ هن فورم تي آنيون ۽ پاڻ به نه صرف لکون پر پنهنجا رايا به ڏيون.

    سدا خوش هجو
     
  4. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    جس
    ي ادا بلڪل اهڙي ئي ڪوشش ڪبي ٻيو ته هن ۾ وڊيو ڪيئن رکي سگجهي ٿو؟
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن لنڪ تي سنڌ سلامت جي حوالي سان سڀني سوالن جا جواب ۽ انهن جا لنڪ موجود آهن.

    ڏسو ۽ ڪو مسئلو پيش اچي ته ڀلي ٻيهر پڇو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو