• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بوڪ تان چونڊ سائين نور احمد ميمڻ جو اڀياس

سائين نوراحمد ميمڻ جي اڀياس سائين سومري صاحب جي مهربانين سان ...فيس بوڪ تان چونڊ

اي سنڌ جا سنڌيو!

اسان انسانن کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو ھو. ڪائنات جي ٻي سڄي مخلوق کي ”ڪُن“ جي حڪم سان پيدا ڪيائين پر اسان کي سڀني کان سھڻي انداز تي پنھنجي ھٿن سان جوڙي اسان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيائين. اسان کي سڄي مخلوق ۾ تڪريم ۽ احترام وارو بڻايو ويو ھو. پوءِ اسان جي ھدايت ۽ رھبريءَ لاءِ پيغمبرن ۽ ڪتابن جو سلسلو جاري ٿيو. ھيءَ اسان جي خوش بختي ھئي جو اسان جي سليم فطرت پنج ھزار سال اڳ ۾ ئي اسلام يعني ”ابراھيمي دين“ قبول ڪري ورتو ھو.* (موھن جي دڙي جا ماڻھو حضرت ابراھيم جي دين تي ھلندڙ ھئا، بحواله تفسير ترجمان القرآن: (مولانا ابوالڪلام آزاد). ان ابراھيمي دين سنڌ واسين ۾، انسانيت جا اعليٰ گُڻ، فضيلتون ۽ مھارتون پيدا ڪيون ۽ اسان سنڌو ماٿريءَ جھڙي عظيم تھذيب جو بنياد وڌو. اسان مھر ڳڙھه کان لسٻيلي تائين ان ابراھيمي دين تي ڪاربند رھندي تھذيب جا شاھڪار بنياد وڌا، نه صرف ايترو پر اسان جي وڻجارن ۽ ماھرن سمير ۽ عڪاد ۾ وڃي پنھنجي ڪاريگري ۽ مھارتن سان شاندار تھذيبن جي تعمير ڪئي ۽ انھن جي بنيادن ۾ پنھنجو رت ۽ ست شامل ڪيو.
ان وقت به اسان جي خوشحالي طاقتور ڦورو قومن کان ڏٺي نه ٿيندي ھئي، پر قدرت جو اھو اصول رھندو آيو آھي ته جڏھن ڪمزورن جي مٿان طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي غاصب حڪمران مسلط ٿيندا آھن، جيڪي قدرت کي گھربل انصاف ۽ فلاح جي فروغ جا دشمن ھوندا آھن، ته ٻين طاقتورن جي ذريعي ڪمزورن کي ان تسلط مان ڪڍڻ جو قدرتي بندوبست ٿيندو آھي.
اسان جي وڏڙن ۾ ھوشمندي ھوندي ھئي، ھُنن قدرت طرفان فراھم ڪيل موقعن جو فائدو ورتو ۽ قدرت جي ضابطن کي دل ۽ جان سان مڃي، ڪيترين صدين تائين سنڌ ۾ علم پرور ۽ انصاف پسند معاشرو جوڙي رکيو. سنڌ جي جاگرافيائي اھميت جي ڪري غنيمن ۽ غاصبن اسان کي جڏھن به غلام پئي بڻايو ته اسان جي وڏڙن ۾ ھڪ سڌريل قوم واريون سڀ صلاحيتون ھيون ۽ ان جي ڪري اسان ڌارين جي تسلط کان ھر ڀيري پاڻ کي خلاصو ڪرائي پئي ورتو. ڌارين اسان جي وجود کي مِٽائڻ جا وڏا وس ڪيا. اسان جي تمدن ۽ علم جي مرڪزن کي باھيون ڏياريون ويون. اسان جي ان وقت جي دارالحڪومت ٺٽي کي چار دفعا ساڙايو ويو ليڪن اسان ھر ڀيري پاڻ بچائڻ جي جنگ جوٽي دشمنن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندا رھياسين.
ليڪن اي سنڌ واسيو!
ارڙھين صديءَ ۾ اسان جو واسطو ڌرتيءَ جي بدترين عالمي ڦورن ۽ غنيمن يعني انگريزن سان پيو جن اسان کي غلام بڻائي ورتو. ھنن کي، ڌرتيءَ تي سوين قومن کي غلام بڻائي کين پنھنجي پنجي ۾ ڦاسائي رکڻ جو ھڪ عالمي رڪارڊ حاصل ھو. ھنن اسان جي غلاميءَ کي سگھارو ڪرڻ رکڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي ھڪ طرف اقتصادي طور اپاھج ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو ته ٻئي طرف ھندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽي مستقل سياسي عدم استحڪام ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. ھنن جاگيرداري ۽ مرشديءَ جي مشرڪاڻي سسٽم کي سگھارو ڪيو ته جيئن اسين جھالتن ۽ محڪوميءَ جي گھڻين ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ھجون. ھنن اسان کي ھڪ الله جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ غلامين جون سوين صورتون پيدا ڪري ڏنيون ته جيئن ان سان اسان انيڪ ڏچن جي ور چڙھيل ھجون. ھنن ڇھ ھزار ماڻھن تي مشتمل خانگي ڊريس ۾ ھڪ انٽيليجنس فورس تيار ڪئي، جنھن ۾ جعلي مرشدن، مولوين ۽ ڪاٽڪو معتبرن جي لوڌ پيدا ڪري اسان جي سماج کي جھالت، فرسودہ عقيدن ۽ ھاڃيڪار روايتن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏھن اسان ھڪ الله جو در ڇڏيو ته سوين غلامين اسان ۾ واسو ڪري ورتو. ائين ڏيڍ سؤ سالن جي غلاميءَ جي پنجوڙن اسان جي سماجي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
اسان جي توحيد پرست عالمن ۽ اڳواڻن توحيد جي پيغام ذريعي ھميشه اسان جي جھالتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، تبليغ ۽ تربيت ذريعي ھر دور ۾ وڏا وس ڪيا. انھن اسان کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون پنھنجي جاءِ تي وڏيون ڪوششون ڪيون پر ھينئر ڌرتيءَ جي بدترين غاصبن سان واسطو پيل ھو. پير صبغت الله راشدي (پھرين ۽ ٻئي) حر تحريڪن جي ذريعي، سيد تاج محمد امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري ريشمي رومال تحريڪ جي ذريعي انگريزي اقتدار جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو. پر چالاڪ انگريزن پنھنجي انٽيليجنس ايجنٽن جي ذريعي ھنن تحريڪن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عوام جون تحريڪون بنجڻ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي انھن کي چٿي ڇڏيو. 1857ع جي جنگ آزادي، حر تحريڪ، ريشمي رومال ۽ ٻين تحريڪن انگريزن کي نيستو ضرور ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جڏھن ٻي عالمگير جنگ جي پڄاڻيءَ تي انگريزن ھندوستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي سنڌ کي اُن جي اصلي صورت ۾ آزاد ڪرڻ بجاءِ ھن خطي ۾ پنھنجي عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل ڪارن انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان جا نوان آقا پنھنجي پيشرو (انگريز) آقائن کان مختلف ثابت نه ٿيا. اسين حقيقي آزاديءَ جي عمل مان ڪونه نڪتاسون. فرق رڳو ھيءُ ھو ته اسان اڇن جي بدران ڪارن جا غلام بڻيل رھياسون.
ساڳيون غلاميون اسان جي مٿان مسلط رھيون. بلڪ ھينئر ته غلاميءَ جي اڃا به بدترين شڪل اسان جي مٿان مسلط ٿي. اڳ اسان ڌارئي انگريز جا غلام ھئاسين ته اسان کي انھيءَ جو ادراڪ حاصل ھو ۽ تسليم ٿيل ھو ته اسين غلام آھيون. ان ڪري اسين انھيءَ غلاميءَ جي خلاف وقت به وقت وڙھندا رھياسون. ليڪن نئين غلامي اھڙي بدترين غلامي ھئي جو اسان مان ماڻھن جي اڪثريت انھيءَ ادراڪ ۽ احساس کان به عاري ھئي ته اسين ڪي غلام آھيون. ايئن ماٺ ميٺ ۾، غير محسوس طريقي سان ھيءَ نئين غلامي اسان جي تعليم کي کائيندي وئي. ڇاڪاڻ جو اسان جي نون آقائن کي خبر ھئي ته تعليم ھنن ماڻھن کي ڪڏھن به سجاڳ ڪري ۽ ھنن جو پاسو ورائي سگھي ٿي. اسان کي ساڳئي پاسي سوگھو ۽ غلاميءَ جو ھيراڪ بڻائي رکڻ لاءِ اسان کي انگريزن جي باقيات ۾ مليل جاگيرداري، پيري مريدي ۽ فرقيوارانه مذھبي ماحول ۾ جيئاريو ويو.
انھيءَ تسلسل ۾ اڳتي ھلي آھستي آھستي اسان کي شھرن مان بي دخل ڪيو ويو. اقتدار جي ڳيجھو وڏيرن جي ذريعي اسان جي اقتداري واڳن کي اھڙي طرح پنھنجي ھٿ وس رکيو ويو جو نه اسان جو ڪو قومي ڪلچر اُسري نسري سگھي، نه اسين صنعت ۽ تجارت ۾ داخل ٿي سگھون، نه اسين ھڪ مستقل قوم جي طور تي پنھنجي خود اختياري جي حق جا حقدار بڻجون.
ورھاڱي کانپوءِ پھرين چاليھن سالن تائين اسان وٽ 100 مان 10 ٻارن کي پرائمري تعليم ڏني پئي وئي ۽ انھن مان پرائمري کان مٿي تعليم ۾ صرف 5 سيڪڙو ٻار وڃي پئي سگھيا. ايئن ھتي اڻ پڙھيل ماڻھن جا نسل پٺيان نسل پيدا ڪيا ويا. ويتر ظلم اھو ھو ته اڻ پڙھيل ماڻھن کي به ٻھراڙين توڙي شھرن ۾ آرام سان جيئڻ نه ڏنو ويو. ھتي ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري، ساڳيو انگريزن جي نقش قدم تي ”سرڪاري ڌاڙيلن“ جي سرپرستيءَ ۾ انھن کي خفيه نموني رياستي تحفظ ڏنو ويو. انھن ڌاڙيلن ھتان جي ماڻھن کان ، ڪاروبار ۽ کيتيءَ ذريعي خوشحاليءَ جي زندگي گذارڻ وارو ماحول به کسي ورتو. اسان جي مٿان مسلط غاصبن کي ھتي آبادڪاري ڪرڻي ھئي، ھتي ڇانوڻيون ٺاھڻيون ھيون. سنڌوءَ مان بئراج ڪڍڻا ھئا ۽ اسان جا شھر قبضي ۾ ڪرڻا ھئا. ان ڪري ڌاڙيلن جو ڪلچر پيدا ڪري خوف، دھشت ۽ ماڻھن ۾ اندروني طرح ھڪ ٻئي کان بيزاريءَ جو ماحول جوڙيو ويو. وري جاگيردارن ۽ ساڳين ڌاڙيلن کي استعمال ڪري برادرين جي وچ ۾ قبائلي جھڳڙن جي سرپرستي ڪئي ويئي ته جيئن اسين برادرين ۾ ورھائجي سنڌ جي ڦرلٽ کان غافل رھون. پوءِ ايئن ڀنڀور لُٽبو رھيو ۽ اسان ھڪ ٻئي کي قصور وار چوندا رھياسون! اسان جي قيادتن ۾ اھا ھوشمندي ڪونه ھئي ته اسان جي دشمن جي گھات ۽ چالن کي پنھنجي متبادل حڪمت عملين سان ٻنجو ڏئي سگھن. اھي ڪابه اھڙي تحريڪ ۽ سرگرمي نه شروع ڪري سگھيا ۽ اسان جي ڀٽڪڻ جو ڪٿي به ڇيھ نه پئي ٿيو ته پوءِ آخرڪار اسان جا ڦورو حاڪم اسان کي اھو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته اسين پاڻ ئي پنھنجا دشمن بڻيل آھيون ۽ پنھنجي تباھي جا به ٽوٽل پاڻ ئي ذميوار آھيون!
تعليم جي تباھيءَ سان گڏ ھتي سماجي طور تي حقيقي مڊل ڪلاس پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو جيڪو ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جو فڪر ڪري؛ البت ان جي جاءِ تي پرمٽن، ٺِيڪن ۽ ڪميشن جي ذريعي ھڪ جڳاڙي ۽ ذاتي غرضن جو پوڄاري مڊل ڪلاس پيدا ڪيو ويو ۽ مختلف ايجنسين جي ذريعي ان جڳاڙي ڪلاس تي نوازشن ۽ نگرانيءَ جو مينھن وسائي نقلي مڊل ڪلاس جي روپ ۾ اجتماعي ۽ قومي مفادن جو قاتل نيٽ ورڪ جوڙيو ويو.
سنڌ ۾ ٻاھرين آبادڪاريءَ کي فروغ ڏنو ويو. آبادي جيئن ته ڌرتيءَ ڄائي نه ھئي تنھن ڪري ان جي، ڌرتيءَ ڄاون سان ڪا پنھنجائپ قائم نه ٿي. اھي ويڳاڻا بڻجي نه صرف ڌرتي ڌڻين جي بدحاليءَ جو تماشو ڏسندا رھيا بلڪ ڌرتي ڄاون جي استحصال ۾ سڀني ڦورن جا ساٿاري بڻجي استعمال به ٿيندا رھيا، ڇاڪاڻ جو انھن کي اسان جي آقائن ٻڌائي ڇڏيو ھو ته اسان جي بدحاليءَ ۾ انھن جي زندگي آھي.
اي سنڌ جا سنڌيو!
ھيءَ ته اسان جي ٻه سؤ ساله غلاميءَ جي نتيجي ۾ غنيمن ۽ غاصبن جي پاران اسان سان ٿيل حشر جو نتيجو ھو پر سوچڻ جي ڳالھ ھيءَ آھي ته اسان پاڻ کي ڪيئن ان وھڪري ۾ وھائي ڇڏيو!
غير ته آخر غير ئي رھندو، غير تي ناھي ڪائي ميار،
جا ڳالھ ٿي ماري ساٿي! سا پنھنجي ديس جي يارن جي.
ھڪ طرف اسان جي تباھيءَ جو بندوبست ڪندڙن جي ايڏي مستعدي ۽ ٻئي طرف اسانجي پنھنجن جي ايڏي اياڻائي جو انھن کي سڀ ڪجھ سولو بڻائي ڏيندا ويا!
اسان جي غاصب ڦورن کي جيڪو ڪجھ گھرجي پيو، انھيءَ کي سولو بڻائي ڏيڻ ۾ وقتي فائدي جي لونجھ رکندڙ اسان جي مورک سياسي قيادتن ۽ وڏيرن به وسان ڪونه گھٽايو! پر سياستبازن ۽ وڏيرن جي خفيه ڪارستانين کان بي خبر اسان جو عام ماڻھو ويچارو انھيءَ ويساھه ۽ ڀَرمَ ۾ مارجي ويو ته اسان جي ليڊرن مان ڪي، ڏتڙيل ڌرتي ڌڻين جا سڄڻ بڻجي اسان جي بچاءَ جي جنگ وڙھي رھيا آھن! ھوڏانھن اصل صورتحال ھيءَ ھئي ته انھن مان وڏا ليڊر رھبرن جو روپ ڌاري رھزنيءَ جي ڪِرت ڪري رھيا ھئا. انھن مان ڪن کي ھر حال ۾ اقتدار جي ڪرسي پئي کَتي. تنھن ڪري انھن قوم فروشي ڪري اقتدار ماڻي ورتو ۽ ڪن کي وري اسان جا دشمن در پردہ ڏوري ھٿ ۾ جھلي ڪٺ پتلين وانگر ھلائي رھيا ھئا. ائين اسان جا ”مارو ويچارا کِلندي رات کڄي ويا“ جھڙي حشر مان گذريا.
جڏھن رياست اسان جي سڄڻ نه رھي ته اسان کي خانگي سطح تي مضبوط ۽ سڄڻ ادارن جو سھارو گھربل ھو ليڪن ھتي اھڙن منظم ۽ جٽادار ادارن جي جوڙجڪ به نه ٿي سگھي، جيڪي اسان کي ڪاميابيءَ جي دڳ تي وٺي ھلن، جيڪي اسان کي تعليم سان سلھاڙي رکن، جيڪي اسان کي سکِڻي رد عمل جي سياست بدران تخليقي سياسي شعور جي بلندين تي وٺي وڃن، جيڪي اسان جي شخصيت جي تعمير ڪن، جيڪي اسان جي انھن شخصي گُڻن ۽ خوبين جي اوسر ڪن جن جي ذريعي اجتماعي سوچ کي ھٿي ملي ۽ اسان ۾ اھڙيون خوبيون پيدا ٿين جيڪي ذات ۽ ڪردار کي بلند ڪنديون آھن ۽ جيڪي خوبيون اسان کي ”ڪُل“ جو ڪارگر ”جُز“ بڻائي سماج دوست بنجڻ جي اھل رکنديون آھن. اسان جو پڙھيل طبقو پنھنجي پڙھيل ھئڻ جا مزا اعليٰ نوڪرين ۽ ٻي مراعات جي صورت ۾ مزا وٺندو رھيو پر انھن به ڪڙھيل ھئڻ جو ماحول نه جوڙيو. نه ادارا جوڙيا ۽ نه جڙيل ادارن کي فعال بنائڻ ۾ پنھنجو ڪرادر ادا ڪيو..... نه سنڌ جي دولتمندن پنھنجي ھوند جا ھتي واھڙ وھايا ۽ نه سنڌ جي استادن پنھنجي علم جا آثار نمودار ڪيا. نه عالمن جي ذريعي عمل ۽ جھد جو جھان جڙيو ۽ نه دانشورن ڪو ٻوٽو ٻاريو. نه سياسي ۽ سماجي ورڪرن عوام جي مالڪي ڪئي ۽ نه پيشه ور ماھرن ماڻھپي جو دان ڏنو. جڏھن سماج جي سڀني موثر طبقن پنھنجي ذات، پنھنجي ڪرت ۽ پنھنجي عمل جو مجموعي طرح سماج کي ڪو فائدو ڪونه پئي رسايو ته پوءِ سماجي ويڳاڻپ ۽ قومي انتشار ڇانئبا ويا. ائين اجتماعي قدرن جي ڪمزوريءَ سان گڏ انفرادي اخلاقي قدرن جي به ھر طرف ڀَيل ئي ڀَيل نظر اچڻ لڳي. ننڍي وڏي جو لحاظ، پاڙي جي خبر چار، ضرورتمند جي مدد، ڏکويل جو ساٿ اڪثر ماڻھن جو وڙ ئي نه رھيو!
اسان جي مجموعي انساني، اخلاقن ۽ سماجي قدرن جي زوالپڻي جا ھنيانءَ ڏاريندڙ لقاءَ ۽ واقعا روزانو اخبارن جي زينت بنجڻ لڳا ۽ ھينئر انھن جو تعداد روزانو ايڏي تيزيءَ سان رپورٽ ٿيندو رھي ٿو جيڪو قومن جي بقا جي لاءِ خطري جي گھنٽيءَ تي پھتل ھوندو آھي.

اي سنڌ جا سنڌيو!
ھينئر صورتحال ھيءَ آھي جو ماضيءَ جي حوالي سان اسين دنيا ۾ ھڪ عظيم ۽ سڌريل تھذيب جا وارث ته ليکجون ٿا پر حال اسان جي حال تي روئي ٿو. اسان موھن جي دڙي جھڙي تھذيب جو بنياد وڌو، جتي اجتماعي حوض، اوطاقون ۽ ديوان اسان جي ھڪ ٻئي سان وابستگيءَ ۽ اجتماعي ڀلائيءَ تي مبني الفتن جون شاھديون ڏين ٿا پر اڄ ھزارين سال پوءِ اسان ذاتيات ۽ خود غرضين جا مجسما بڻجي نسلي ۽ قبائلي عصبيتن ۽ نفرتن جي اوڙاھه ڏانھن ڌِڪبا ٿا وڃون. ڪالھوڪي سنڌ علم ۽ تصوف جو گھوارو ھئي، وستي وستي ۽ شھر شھر ۾ مڪتب ۽ خانقاھون علم ۽ عرفان جون ھٻڪارون مھڪائي رکنديون ھيون. اڄ ساڳي سنڌ ھر طرف جھالت، نشي، اخلاقي بي راھه رويءَ، حسد ۽ انتقام جي دونھن سان دونھاٽيل نظر اچي ٿي.
ڪالھوڪي سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، بندر ۽ بازاريون اسان جي قومي تشخص، آزادي ۽ شاھوڪاريءَ جا گواھه آھن پر اسان جي اڄوڪيءَ غلامي، بدحالي ۽ بيوسيءَ تي آسمان به نوحا ٿو پڙھي.
ڪالھ ڀٽائي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي وطن دوست پيغام ۽ عمل ۽ جھد ۾ جنبي وڃڻ جون نينڍون ڏنيون ھيون پر اڄ پنھنجو آرام ۽ انائون قربان ڪري در در تي بيداريءَ جي دستڪ ڏيڻ وارو ڪوبه سڌارڪ ڪونھي رھيو.
ڪوبه اھڙو مصلح سامھون نٿو اچي جيڪو اسان ۾ پاڻ بدلائڻ جي ديوانگي پيدا ڪري، جيڪو انھن زوالجندڙ اخلاقي قدرن تي اسان کي جھنجھوڙي، جن جي ڪري جھالت جي اونداھه ۾ ھٿوراڙيون ڏيندي اسين پنھنجي لاءِ نقصانن جا روز نوان امڪان پيدا ڪندا ٿا وڃون. ڪالھ اسين ”حق جو ساٿ ڏيڻ“ واري ھڪ باڪردار قوم ھئاسون، اڄ اسان کي برادرين، فرقن ۽ رشتيدارين بزدل ۽ بيڪار بڻائي ڇڏيو آھي. نتيجي ۾ خود غرض، مفاد پرست ۽ انسانيت ڪش حڪمرانيون ۽ نگرانيون اسان جي مٿان مسلط رھيون آھن.
ڪالھ ”ضمير جي آزادي“ سان اسان پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ کي محفوظ ڪري رکيو ھو، اڄ ساڳي ضمير جي آزادي کي مرشد، وڏيري، سياستباز ۽ ٻين مفاد پرست ٽولن وٽ يرغمال بڻايو ويٺا آھيون، نتيجي ۾ ھھڙي ترقي يافته دور ۾ به اسين فلاحي معاشري جي نعمتن کان محروم آھيون.
ڪالھ اسان جي بھادري ۽ غيرت اسان جي سرحدن جي محافظ بڻيل ھئي ۽ جوان جذبن جي زنجير بڻجي اسين ڌارئي تسلط کي للڪاريندا ھئاسين. اڄ اسان جي غيرت ۽ بھادري بيوس نياڻين، ڪمزور عزيزن ۽ نسلي جھيڙن ٿي صرف ٿي رھي آھي. نتيجي ۾ اسان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي ڌارين جو قبضو جيئن پوءِ تيئن مستحڪم ٿيندو پيو وڃي.
ڪالھ اسان جي ”انصاف پسندي“ اسان جي ماڻھپي کي وڃڻ نه ڏيندي ھئي ۽ انفرادي طرح نقصان سھندي به اجتماعي ڀلائيءَ جي سرسي چاھيندا ھئاسين ليڪن ھينئر انصاف چند سِڪن جي عيوض وڪامي ٿو يا وري دوستين ۽ رشتيدارين نباھڻ واري اڏيءَ تي ڪُسجي ٿو. نتيجي ۾ اسين پاڻ پنھنجي عيالن سميت پنھنجي ڪرتوتن جي نتيجي ۾ قدرت جي پاران مڪافاتِ عمل تحت بدترين عذابن جو شڪار ٿي رھيا آھيون.
ڪالھ اسان جا ساھه به اسان جي ”رحم“ واري خوبيءَ جو لطف ماڻيندا ھئا پر اڄ اسان جو پنھنجو اولاد ۽ عزيز به ان عظيم گُڻ جي حقيق لطف کان محروم آھن. نتيجي ۾ اسان پنھنجي لاءِ بيچيني، ڊپريشن ۽ پريشانين جا عذاب پيدا ڪري ڇڏيا آھن.
ڪالھ تائين اسين رواداري ۽ فياضيءَ جھڙن گُڻن جي ڪري مانائتا ليکبا ھئاسين پر اڄ اسان جي لاءِ اھي لفظ ئي اوپرا بڻجي ويا آھن. نتيجي ۾ بُخل، ڪِينو ۽ عداوتون اسان کي ماڻھپي جي مقام تان ڪيرائي حيوانيت جي حدن ۾ داخل ڪنديون پيون وڃن! ڪالھ تائين بخشش ۽ درگذر اسان جي شخصي سڀاءَ جا وڏا جوھر ھئا، اڄ ان جي جاءِ تي وير ۽ انتقام اسان جي خمير جو جز بڻجي ويو آھي. نتيجي ۾ اسان پنھنجي ۽ پنھنجن نسلن جي تباھيءَ جا روز نوان امڪان پاڻ پيدا ڪندا پيا وڃون. ڪالھ تائين ”دشمن سان سُھڻي سلوڪ“ جي ھلت جي ھر وقت ھدايت ٻڌبي ھئي، اڄ اسان جا پيءُ ماءُ به اسان جي ٻاجھاري رويي لاءِ سِڪن ٿا. نتيجي ۾ اسان پنھنجي لاءِ ذلت ۽ رسوائيءَ جا پروانا پاڻ مرتب ڪري ورتا آھن.
ڪالھ تائين ”ايثار ۽ قرباني“ اسان جو قومي جوھر ۽ خصوصيت بڻيل ھئا، اڄ اسان جي خودغرضين ۽ مفاد پرستين انھن جذبن تي غلاف چاڙھي ڇڏيا آھن. نتيجي ۾ اسان اعليٰ انساني مرتبن جي حاصلات کان پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيو آھي. ڪالھ تائين تَوڪل ۽ اعتماد اسان کي سڀاڻي جي فِڪر ۽ غرضن کان آجو ڪري اڄ جي ھمدردي ۽ ھمت سان ھمڪنار ڪندا ھئا پر اڄ اسان مادي زندگيءَ جي سھولتن ۽ عيش ۾ ان جي روح کان ئي پاڻ کي بي خبر رکيو آھي. نتيجي ۾ ڀَٽڪڻ، ٺوڪرون کائڻ ۽ چَٽيون ڀرڻ اسان جو مقدر بڻجي ويون آھي!
ڪالھ تائين اسان ”قناعت ۽ سخا“ جي وڙ کي پاڻ سان جوڙي پنھنجي لاءِ اطمينان جا اسباب پيدا ڪندا ھئاسين، اڄ اھو اطمينان جو لفظ اسان جي ڊڪشنريءَ مان ئي غائب ٿي ويو آھي. نتيجي ۾ سوچن جي انتشار ۽ بي اطميناني اسان کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي.
ڪالھ تائين ”خود داري“ اسان جي شخصيت کي بي نياز ۽ قلندر بڻائي رکندي ھئي. اڄ چاپلوسي ۽ جڳاڙ بازي اسان جي زندگين ۾ ھڪ آدرش ۽ اصول طور جاءِ والاري ورتي آھي. صحيح ۽ غلط ۾ فرق اسان لاءِ غير اھم ٿي ويو آھي. نتيجي ۾ اسان مان جھد ۽ جاکوڙ جو جوھر ڪافور ٿيندو پيو وڃي.
ڪالھ تائين ھڪ انسان جي حيثيت ۾ ”ذميواريءَ جو احساس“ اسان جي خوبي بڻيل ھو، اڄ اھو احساس ڪنھن به شعبي جي ماڻھن ۾ ڳوليو نٿو لڀي. نتيجي ۾ سڄي سوسائٽي ابتريءَ جو شڪار ٿي رھي آھي. ڪالھ تائين اسان جو ضمير ۽ اسان جي خدا خوفي اسان کي نفس جي احتساب لاءِ ھميشه تيار رکندا ھئا، اڄ اھو نفس جو احتساب اسان مان اڻپڙھيل ته ٺھيو پر پڙھيلن جي لاءِ به واقفيت جو وَکر ڪونھي. نتيجي ۾ اسين جيئن پوءِ تيئن بِگاڙ جي طرف تيزيءَ سان ٻرانگھون پائيندا پيا وڃون.
ڪالھ تائين ”ھر ڪم ۾ ايمانداريءَ“ جو مظاھرو ڪندي سماج جو ھر طبقو شاندار مثال مرتب ڪندو ھو. اڄ اسين ان سونھري اصول کي پنھنجي عقيدي جو حصو ئي نٿا سمجھون. نتيجي ۾ اسان ۾ بي ايمانيءَ ۽ ٺڳيءَ جي خوبيءَ جو ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي. ڪالھ تائين اسان ”حياء ۽ شرافت“ جا اھڙا مجسما بڻيل ھياسون جو گھٽيءَ مان ڪا نياڻي گذرندي ھئي ته ڀتين ۾ مُنھن ھڻي بيھندا ھياسون ته جيڪا به نياڻي آھي سا اسان جي نياڻي آھي، اھا حفظ و امان ۾ گذري وڃي، اڄ اسان مان ڪيترائي ماڻھو ھوس ۽ حرامڪاريءَ جا پُتلا بڻجي نظرن سان، سوچن سان ۽ بدفعلين جي گھائن سان نه صرف نياڻين جا تماشا بڻائي رھيا آھيون، بلڪ وڏي تعداد ۾ ٻالڪن جي عصمتن ۽ روحن کي به رھڙي درندگيءَ جا افسانا مرتب ڪري رھيا آھن. ڪالھ تائين اسان جي وڏڙن جي ”پاڪدامنيءَ“ جا، فرشتا به قسم کڻندا ھئا ۽ اڄ اسان جي ھوس پرستيءَ اسان جي سڄي غيرت ۽ بھادريءَ جا جنازا ڪڍي ڇڏيا آھن. نتيجي ۾ ڪوڙي غيرت ۽ کوکلي بھادريءَ ان جي جاءِ والاري آھي.
ڪنھن به قوم جي مجموعي ڪلچر جا مٿيان اخلاقي بنياد لڏي وڃڻ سان جيڪو نتيجو سخت انارڪي، ويڳاڻپ ۽ ڇڙواڳيءَ جي صورت ۾ سامھون آيو آھي سو ميڊيا جي ھن ترقيءَ واري دور ۾ ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي. ھينئر وقفي وقفي سان سماج ۾ وحشت پڻي، نفس پرستي ۽ خود غرضين جا جيڪي تفصيل سامھون اچي رھيا آھن سي سماج جي حساس طبقي جي روح کي رھڙيندڙ آھن.
ھيءَ صورتحال جيئن پوءِ تيئن بگڙجندي پئي وڃي، سماج جو وڏو تعداد تماشائي بڻيل آھي، جڏھن ته سماج جا گھڻ گھرا ۽ درد مند ماڻھو وري ڪنھن مصلح جي انتظار ۾ آھن ته ھو اچي حالتون بدلائيندو. سٺ سالن کان مصلحن ۽ معجزاتي ڪردارن جو انتظار ٿيندو پيو اچي، رياست اسان سان سچي ناھي، (بلڪ دشمن بڻيل آھي) ڪردار جو بحران موجود آھي، ادارن جي تباھي لڳي پئي آھي، حسد ۽ اَسھپ سنڌ کي سيڪاٽي ڇڏيو آھي ۽ ھر قسم جي عذابن ۾ ورتل آھيون. دشمن کي انھيءَ کان وڌيڪ ڇا گھرجي! روزانو اسان جي تباھيءَ جون نيون رٿون رٿجن ٿيون. روزانو نيون ڪوڙڪيون اڏجن ٿيون. اسين پنھنجي ڌرتيءَ تي غلام ۽ ڳيجھو بڻجي اقليت بڻجي وڃون، ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جي اھليت وڃائي ويھون. پھريان شھرن ۽ وسيلن کان تڙجون ۽ پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي اسان جي حق خود اراديت، خود داري ۽ وقار سڀ ختم ٿي وڃن. پوءِ جيئون ته صرف غلامانه حيثيت ۾ پنھنجي آقائن جي سامھون ھٿ جوڙ ڪرڻ لاءِ، انھن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ، انھن سان وفاداريون نڀائڻ لاءِ ۽ انھن جي مفادن جي سر انجاميءَ لاءِ بيغيرتيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ واسطي!
اي سنڌ جا سنڌيو!
اڍائي سؤ ساله غلاميءَ جي بدترين شڪل جيئن پوءِ تيئن اسان جي مٿان مڙھجي رھي آھي. اسان جي ڌرتيءَ جي وسيلن تي قبضو ڪري انھن جي مڪمل آمدني ھڙپ ڪئي پئي وڃي. ھن ملڪ ۾ نڪرندڙ ڪل تيل جو 73 سيڪڙو سنڌ مان نڪري ٿو ليڪن سنڌ کي ان جي 5 سيڪڙو رائلٽي به نٿي ڏني وڃي. ھن ملڪ مان نڪرندڙ 50 سڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي ليڪن ان جي رائلٽيءَ کان به سنڌ کي محروم رکيو وڃي ٿو. سنڌ جي بندرگاھن ۽ بندرگاھه واري شھر ڪراچيءَ جي ڪمائيءَ ھن ملڪ جي ٽوٽل ڪمائيءَ جي 60 سيڪڙي کان به وڌيڪ آھي ليڪن ان ڪمائيءَ جو 12 سيڪڙو بجيٽ ۾ سنڌ حوالي ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو به وڏو حصو ڌارين جي آباد لوڌ تي صرف ٿئي ٿو. ھينئر سنڌين کي صرف اِن لاءِ جيئڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو ته اھي شھرن ۾ رھندڙن جي آرامدہ زندگيءَ لاءِ گھربل سامان پيدا ڪرڻ جو ذريعو ھجن ۽ ان مان کين ايترو ملندو رھي جنھن سان ھو ذلت ڀري زندگي جيئندي اھڙي ڊيوٽي ڪرڻ جي لائق رھي سگھن. انھيءَ عطا جو به وڏو حصو وري ڌارين جي صنعت جو مال واپرائڻ جي ذريعي شھري بابُن تائين موٽي اچي ٿو ۽ اسان جي ماڻھن کي بک، بدحالي ۽ فقر/ فاقي کانسواءِ ڪجھ به پلئه نٿو پوي. ھينئر عام ماڻھن جي زندگي جھنم بڻيل آھي. ٻچڙيوال ماڻھو جيڪڏھن وقت تي دال مانيءَ سان گذارو ڪري وڃي ٿو ته ٻچڙن جي علاج لاءِ پريشان آھي ۽ سندس علاج جون ضرورتون به وياج جي کنيل رقمن مان پوريون ٿين ٿيون. جڏھن ته ھنن جي ٻچن جا ڪاڄ به وياج تي ورتل رقمن مان سر انجام ٿين ٿا. انھيءَ کانپوءِ انھن وياجن جي ادائگيءَ ۾ زندگي جھنم بڻجي رھجي وڃي ٿي.
تاريخ ۾ اسان ھيءَ ڳالھ وري وري پڙھي ته پيغمبرن انسانيت کي جڏھن به اھڙي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏٺو ته ھُنن ان ڏاڍ ۽ جبر کي چئلينج ڪري پنھنجي وقت جي وڏن فرعونن، نمرودن، شدادن ۽ ابو جھلن سان ٽَڪر کائي انسانيت کي ان پيڙا ۽ عذاب مان نجات ڏياري، ليڪن اسان جي انھن پيغمبرن جي وارثيءَ جي دعويدار مشرڪ مذھبي طبقن طرفان اھڙن فرعونن سان ٽڪر کائي نجات ڏيارڻ ته پنھنجي جاءِ تي پر ھنن استحصالي طبقن سان ٻِٽ ٿي اسان جي غلاميءَ واري پنجوڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ ساڻن سھڪار ڪيو آھي. ھنن ھتي اوريجنل مذھبيت جي اصل روح کي مسخ ڪري پيشه ور مذھبيت جي طور طريقن سان اسان کي ڀانت ڀانت جي ذھني غلامين جي مُنھن ۾ ڌِڪي ڇڏيو آھي. انھن غلامين اسان جي ذھنن کي اھڙو مفلوج ڪري ڇڏيو جو اسان مان آزاديءَ جي اُمنگ ۽ احساس به ميسارجي ويو ۽ اسان انھيءَ غلاميءَ کي پنھنجو مقدر سمجھڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجي عملن جي شامت قرار ڏنو. انھن اسان کي پنھنجي گروھن جو پوئلڳ بڻائي اسان مان حق ۽ سچ جي ڳولا جي جستجو ختم ڪري ڇڏي ۽ اسين انھيءَ لائق نه رھياسين جو غير جانبدار بڻجي حق ۽ سچ جي ڳولا جي سڃاڻ جا اھل رھون. تان جو اسان پنھنجي رھبر ۽ رھنما ڪتاب قرآن جي تعليم کان به بيگانا بڻياسون ۽ ھدايت جو سرچشمو ۽ رھبر قرآن بدران مولوين، ذاڪرن ۽ مرشدن کي مڃڻ شروع ڪيوسين. ايئن اسان جي ڀٽڪڻ جو عمل جيئن پوءِ تيئن گھرو ٿيندو ويو ۽ انھن فرقيوارانه کيڏ کيڏندڙن جي لاءِ اسان جي حيثيت ھينئر ھڪ رانديڪي واري بڻجي ويئي آھي. الله پاڪ اسان کي پيدا ڪري اسان تي ڪنھن خاص فرقي سان ھلڻ جو زور نه رکيو ھو بلڪه ٻه واٽون ۽ انھن تي ھلڻ جا نتيجا ٻڌائي اسان کي آزاديءَ سان انھن مان ھڪ جي چونڊ جو اختيار ڏيئي ڇڏيو ھو ليڪن اسان پنھنجي مٿان ڪنھن خاص فرقي جو ليبل لڳائي ڪٽرپڻي جو طوق پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيوسين ۽ پنھنجي ھر عمل جو اظھار ٻُڌ سُڌ تي ۽ ٻين جي اثر ھيٺ ڪرڻ لڳاسين. نتيجي ۾ ان ڪٽرپڻيءَ اسان جي ذات ۽ شخصيت، اسان جي مرتبي ۽ حيثيت کي وڃائي ڇڏيو ۽ اسين ”مرد حر“ بنجڻ بجاءِ ”پڇ لٽڪائو شخص“ بڻجي وياسين.
ھيءَ اسان جي انتھائي سادگي ھئي جو ڪٽنب، مِٽن مائٽن، دوستن سنگتين، مرشد ملان ۽ ماحول معاشري اسان جي سوچ ۽ فِڪر کي جنھن به قالب ۾ فٽ ڪرڻ گھريو ته اسين ان ۾ فِٽ ٿي پئي وياسين. حالانڪ اسين ڪنھن به قالب ۾ فٽ ٿيڻ واري مخلوق ڪونه ھئاسين الله تعاليٰ اسان کي سليم فطرت تي پيدا ڪيو ھو ۽ ھُن، اھا فطرت نج صورت ۾ اسان لاءِ ٺاھي ھئي. اسان کي پنھنجي سوچ ۽ عمل سان ارتقا جي عمل مان گذري پنھنجي شخصيت جي تڪميل ڪرڻي ھئي پر ان جي برعڪس اسان فرقن جي قالبن ۾ زوريءَ فٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئن پنھنجي شخصيت ۽ مرتبن جي واڌ ويجھ کان محروم رھندا وياسين.
اسان کي اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ وجدان ۽ حواس سان گڏ عقل ۽ وحي جي رھنمائيءَ جا شاھڪار بندوبست ڪري ڏنا ويا ته جيئن اسين حق جي تلاش ۾ تمام ڊگھي سفر ۽ انيڪ تجربن کان بچي پئون. پر اسان جي حواسن، عقل ۽ وحي جي سڌي رھنمائيءَ کي مڃڻ بجاءِ ٻڌ سُڌ ۽ ورن وڪڙن تي ھلڻ جا روادار بڻياسين يا وري مٽن مائٽن، دوستن توڙي مرشدن ۽ مشرڪ مُلن جي طريقي تي اکيون ٻوٽي ھلڻ جي ريت تي قائم رھياسين.
اسان جي لاءِ پنھنجي متعلق ھنن وڏن انساني سوالن جي ڪا اھميت ئي نه رھي ته ”مان ڪير آھيان؟“ ”ڇو پيدا ڪيو ويو آھيان؟“ ۽ ”منھنجي اڳتي منزل ڇا آھي؟“ اھي ئي اُھي سوال ھئا جيڪي اسان کي سچ ۽ ترقيءَ جي دروازي تي پھچائي سگھيا پئي، ليڪن مسخ ٿيل مذھبيت اسان کي پرستش. چُمڻ چَٽڻ ۽ ھاءِ گھوڙا جي ڪمن سان لڳائي اھڙن انساني سوالن کان ھميشه غافل رکي ڇڏيو.
اي اسان جا سنڌيو!
اسان جي ڀٽڪڻ جو عمل شروع ئي اُتان ٿيو آھي جو اسان لُٽيرن ۽ غلام بنائيندڙ قوتن جي حرفتن ۽ مڪارين جو شڪار بڻجي سندن ڀاڙيتو ڀوتارن ۽ مرشدن، ذاڪرن ۽ مُلن جا گولا ۽ غلام بڻجي پنھنجي ھستي ۽ وقار کي نيست ڪري ڇڏيو. اسان جي صوفي بزرگن اسان کي پيغمبرن جي طريقي تي الله تعاليٰ جي برتر ھستيءَ کي وحدہ لا شريڪ لہ مڃڻ جا ڏس ڏنا ھئا ته جيئن اسين پاڻ ان برتر ھستيءَ جو پرتوو بڻجي انسانن کي الله جو عيال مڃون. ان سان پنھنجي شناخت ڳوليون ۽ ان سان ئي پنھنجي تخليق جي مقصد کي سجايو ڪريون. شاھه لطيف اسان کي ”آيتون آھين“ جي واٽ وٺڻ جو ڏس ڏنو ھو ۽ ٻڌايو ھو ته ان واٽ تي ھلي آجپي، فلاح ۽ نجات جو ”پِريان سندو پار“ ملندو. شيخ اياز به چيو ھو ته ”ڀٽائيءَ جو دڳ ٺيڪ آھي، انھيءَ تي سِڌو ھلي آءُ، ور وراڪا توکي اوڙاھه ۾ اڇلائيندا.“
اسان جي ڀٽڪڻ اسان کي بيحد ڀوڳايو آھي. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به عذابن مان گذريا آھيون ۽ قومي زندگيءَ ۾ به اسان جي ڀوڳنائن جو ڪو انت ڪونھي. انھيءَ ڪري اچو ته پاڻ بدلايون ۽ فضيلتن ۽ ماڻھپي جو، خدا کي گھربل نئون جھان اڏيون. سڀ کان پھرين پنھنجي خواھشن ۽ ماحول جي اثر ۾ چونڊيل ڪوبه ھٿ ٺوڪيو مذھب ۽ طريقو پنھنجي مٿان مسلط نه ڪريون بلڪه اھڙا سڀ طريقا ڇڏي پالڻھار جي پاران انسانيت جي لاءِ موڪليل حتمي ھدايت قرآن جي ذريعي پنھنجي خلقيندڙ ۽ پالڻھار ذات سان وفاداري ۽ اطاعت جو عھد ڪريون. الله تعاليٰ جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رکئون ۽ سندس رضا ۽ مھربانيءَ کي ان جي خلق ۾ تلاش ڪريون. صرف قرآن کي پنھنجو مرشد، ھادي ۽ رھنما بڻائي ان جي ھدايت کي پنھنجو لائحه عمل بڻايون. پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ بند ڪريون ۽ انساني مقصدن ۾ سڀ جو خير گھرڻ شروع ڪريون. پنھنجي وسيلن ۽ ھوند کي پاڻ وٽ مالڪ جي امانت سمجھي جيئن پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريون تيئن حال سارو پنھنجي عزيزن ۽ چوڌاري ماڻھن جو حصو به ان ۾ سمجھون. پاڻ ۾ قربانيءَ جو ڪلچر پيدا ڪريون ۽ ھر ھڪ مسلمان ۽ ھم وطن کي عملي طرح پنھنجو ڀاءُ مڃڻ شروع ڪيون.
پنھنجي پنھنجي حلقي ۾ اھڙا گُروپ جوڙيون جيڪي ماڻھن کي توحيد، تعليم، چڱائي ۽ سُڌاري جي دعوت ڏين ۽ ماڻھن جي مسئلن ۾ انھن جي عملي سھائتا ۽ مدد ڪن. پنھنجو وقت ٽي وي ڊرامن ۾، ھوٽلن ۽ فالتو ڪچھرين ۾ وڃائڻ بجاءِ پنھنجي سماج جي ڪارائتي ڪِرت پاڻ ذميواري سمجھي ھٿ ۾ کڻون. ڪو اسڪول جي نظام سُڌارڻ جو بار کڻي، ڪو اسپتالن ۾ سھولتن جي نگراني ڪري، ڪو آفيسن ۾ ٿيندڙ ڪمن ۾ سھولت ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي، ڪو مسڪينن جي بحال ڪاريءَ جو ذمو پنھنجي مٿان کڻي. ڪو ھڪ مسڪين حصي ۾ کڻي، جنھن کي ھو وسيلا پيدا ڪري ڏئي ته جيئن اُھو مستقل طور محتاجيءَ کان بچي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻچن جو روزگار ڪري، مطلب ته ماڻھو زندگيءَ ۾ ڪونه ڪو اجتماعي ڪم پنھنجي لاءِ چونڊي کڻي، جنھن لاءِ ھو پاڻ کي ديوانو بڻائي ڇڏي. الله اھڙي ماڻھوءَ کي پنھنجو دوست بڻائي ٿو ۽ ان تي اڻ ڳڻيون مھربانيون ڪري ٿو جيڪو الله جي عيال، ان جي مخلوق جي سُھائتا ۽ مدد ۾ ديوانو بڻيل رھي ٿو.
اسان جو اختيار ۽ مرتبو به الله جي ڏنل امانت آھي ۽ ان جي آزمائش ٿئي ٿي. جيڪڏھن استاد آھيون ته شاگردن کي تعليم ۽ تربيت ۾ ڀڙ ڪيون، اھا اسان جي مٿان پنھنجي ضمير، سماج ۽ الله جي ڊيوٽي آھي. جيڪڏھن دڪاندار آھيون ته ماڻھن کي ملاوٽ جي شين کان بچايون، غريبن کي سودي جي سھولت ڏيون، جيڪڏھن سرڪاري ملازم آھيون ته رشوت ۽ سفارش کان پنھنجا پاند آجا رکي ماڻھن جا رکولا ۽ واھرو بڻجون. جيڪڏھن ڊاڪٽر آھيون ته ماڻھن لاءِ ڪاسائي نه ٿيون بلڪه مسيحا بڻجون. جيڪڏھن انجنيئر آھيون ته تخريبڪار نه بلڪه سٺا معمار بڻجون، جيڪڏھن سماجي ورڪر آھيون ته جڳاڙي ۽ پيدا گير نه بلڪه سماج سُڌارڪ ۽ ھڏ ڏوکي بڻجون. جيڪڏھن سياسي ورڪر ۽ اڳواڻ آھيون ته واقعي انسان دوست رھبر بڻجون. نوجوانن جي رھبري ڪيون ته انھن ۾ شعور، سھپ، برداشت ۽ فراخدلي پيدا ٿئي. سندن ”ڪوڙي انا“ ۽ خودغرضي ڪافور ٿئي ۽ اُھي اجتماعيت جي لڙيءَ ۾ پوئجن. اھي خدا سان پنھنجي نسبت جوڙي وٺن ۽ انسانن لاءِ جيئڻ جو عزم ڌارين. اُھي ڌرتيءَ سان محبت جو شعور حاصل ڪن ته جيئن خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ جو ٽِڪنڊو ٺھي پوي.
جيستائين اسان جي زندگين ۾ اھو ٽڪنڊو نٿو ٺھي تيستائين اسان جي ڀٽڪڻ جو سفر ختم نه ٿيندو. اسين، ڌرتيءَ ڄاون سان پنھنجو بي لوث نينھن ناتو نڀائڻ جي لاءِ پاڻ کي تڏھن وقف رکي سگھنداسين جڏھن اسان کي ھيءُ شعور حاصل ھوندو ته اسين سڀ خدا جو عيال آھيون ۽ ان ڏانھن جوابده آھيون. اھڙي طرح خدا کي به انسان جو اھو تعلق گھرجي ٿو جيڪو ڌرتيءَ تي خلافت يعني انسان لاءِ نفعي بخشيءَ جو مظھر ھجي. قرآن خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ جو مڪمل ۽ واضح شعور آھي ۽ اھو شعور ئي قومن جي زندگيءَ ۾ تبديلي ۽ فلاح جو سرچشمو آھي.
اي سنڌجا سنڌيو!
ھينئر وقت اچي ويو آھي ته اسان پاڻ بدلايون ۽ جيڪڏھن ھينئر به پاڻ بدلائڻ جي واٽ نه ورتي سين ته پوءِ ميسارجي وينداسين. قومون انقلاب مان گذرنديون آھن ۽ اُھي انقلاب قومن جي پاڻ بدلائڻ لاءِ وڏي اُٿل پُٿل ھوندا آھن. اسان کي ان اٿل پٿل مان ڪو مسيحا اچي گذاريندو! اھو خيال مٿي مان ڪڍي ڇڏڻ گھرجي. ان اٿل پٿل جو آغاز اسان کي پاڻ کي ڪرڻو آھي. اسان کي ان توحيد جي روح طرف موٽڻو آھي جنھن پنج ھزار سال اڳ ابراھيمي دين تي قائم رھندي اسان کي دنيا جي شاھڪار تھذيب جو مالڪ بڻايو ھو. اھا توحيد، جنھن بر صغير ۾ اسلام جي آمد سان اسان جي شناخت کي ممتاز ڪري رکيو ھو. جنھن اسان کي سمن ۽ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ جي آجپي جي لائق بڻائي رکيو ھو. ان توحيد سان ئي اسان کي پنھنجي ۽ پنھنجي رب جي سڃاڻپ حاصل ٿيندي. انھيءَ توحيد سان ئي اسان کي سڀني انساني غلامين مان نجات ملندي. ان توحيد سان ئي اسان ۾ اعليٰ انساني قدرن جي آبياري ٿيندي.
ھي اسان جا نفسياتي روڳ، ھي اسانجا سماجي ڪروڌ، ھي اسان جو ذاتي پريشانيون ۽ اسانجا گھريلو ۽ برادرين جا بگاڙ تيستائين ختم نه ٿيندا جيستائين اسان رڳو ھڪ قرآن کي ھادي ۽ مرشد نٿا بڻايون. ھدايت به قرآن آھي، رھنمائي به قرآن آھي، روشني به قرآن آھي، شفا به قرآن آھي، سَڻائي به قرآن آھي ۽ نِجات به قرآن آھي. قرآن کي الله تعاليٰ عمل جو ڪتاب ڪري موڪليو ۽ ٻڌايو ته جيڪو قرآن ۾ ٻڌايل ضابطن جي مطابق زندگي گذاريندو سو ٻنھي جھانن جون ڀَلايون ماڻيندو ليڪن اسان انھيءَ کي پوتين ۾ ويڙھي صبح شام اگربتين سان واس ڏيڻ ۾ ئي پنھنجي عافيت ۽ اجر جو وڏو ڪم سمجھيوسين. ۽ جڏھن ان کي ھٿن ۾ به آندوسين ته صرف قَسمن کڻائڻ جي آلي طور تي- اھو قرآن، جنھن چيو آھي ته آءٌ قيامت جي ڏينھن الله جي درٻار ۾ دانھين ٿيندس ته ھيءَ قوم مون کان بيگاني بڻجي ويئي ھئي، سو اسان جي حال تي ھينئر به حيرت زدہ آھي.
قرآن کي حيرت انھيءَ تي آھي ته جيڪو ڪتاب زندہ قومن جي عروج ۽ زوال، ترقي ۽ پستيءَ جا طريقا، واٽون ۽ اسباب ڏَسيندڙ آھي، تنھن کي ھيءَ قوم صرف مُئلن تي ختما ڏيارڻ جي لاءِ ڪيئن ٿي ڪم آڻي!؟
قرآن کي حيرت انھيءَ تي به آھي ته جيڪو ڪتاب انسانن کي انھن جي چڱن عملن جي ذريعي سندن ذاتي توڙي اجتماعي زندگيءَ کي ڇوٽڪاري ۽ ترقين تي پھچائڻ جو ذريعو آھي، تنھن کي نِسورو ڦيڻن ۽ شوڪارن جي ڦوڦو ۽ شوشو جو ذريعو ڇو بڻايو ويو آھي!؟
اي سنڌ جا سنڌيو!
اچو ته انسانيت جي اعليٰ آدرش ۽ انسانيت جي فلاح جي لاءِ سڀ طاغوتي ازم، وروڪڙ رستا، غير فطري فڪر ۽ ڀٽڪائيندڙ رھنمايون ڇڏي ھڪ قرآن جو دامن وٺئون. قرآن اسان جي ترقي پسند خودشعوري جو ڀنڊار آھي. ماڻھپي جي تڪميل ۽ ان جي مٿاھين درجي جي حاصلات قرآن جي ذريعي ئي ممڪن آھي. جنھن کان پوءِ اسان ھن ڌرتيءَ تي ھڪ فعال ۽ ذميدار ڪردار ادا ڪرڻ جي اھل بڻجي سگھنداسون. اسان جي بگاڙ جو آغاز ئي اتان ٿيو جتان اسان قرآن جي رھبريءَ کان زندگيءَ جي شعبن کي محروم ڪري ڇڏيو. انھيءَ محروميءَ اسان مان اُھي جوھر ۽ خصلتون ختم ڪري ڇڏيون آھن جيڪي قومن جي زندگي ۽ باوقار جياپي جو ڪارڻ ھونديون آھن ۽ جيڪي انھن جي جسمن ۽ روحن کي آزادي، وقار ۽ فلاح جھڙين نعمتن کان سرفراز ڪنديون آھن. انھن انساني خوبين جي حوالي سان اسان جيڪي ڪجھ وڃايو آھي، قرآن ئي اسان کي انھن جي واپسيءَ جو شعور عطا ڪري ٿو.
قرآن اسان کي ”حق ۽ سچ جو ساٿاري ٿيڻ“ جو شعور بخشي ٿو، جنھن ڪري اسين برادرين، فِرقن ۽ رشتيدارين نباھڻ جي مصلحتن کان آجا ٿي سگھون ٿا. نتيجي ۾ اسان خودغرض، مفاد پرست، ظالم ۽ انسانيت ڪش وابستگين ۽ حڪمرانين کان بچي سگھنداسين.
قرآن اسان کي ”ضمير جي آزاديءَ“ جون حڪمتون ٻڌائي ٿو، جنھن ڪري اسين ضمير جي آزاديءَ کي مرشد، وڏيري، ياري باشي ۽ پنھنجي ذاتي مفاد پرستيءَ وٽ يرغمال رکڻ کان بچي وينداسين. نتيجي ۾ فلاحي معاشري جي انھن نعمتن کان بھرہ ور ٿينداسين جيڪي باضمير قومن لاءِ جنت نظير مثال بڻيل ھونديون آھن.
قرآن اسان کي ”بھادري ۽ غيرت“ جي اصل واٽ جو پانڌيئڙو ڪري ٿو. ان سان اسان جي غيرت ۽ بھادري بيوس نياڻين، ڪمزور عزيزن ۽ نسلي جھيڙن تي صرف ٿيڻ کان بچي ويندي ۽ اھا غيرت ۽ بھادري مقامي توڙي ڌارين (مستڪبرن) ڦورو طبقن جي خلاف استعمال ٿي سگھندي. نتيجي ۾ اسان جي ڌرتي ۽ ان جا وسيلا ڌارين جي قبضي کان آجا ٿيندا.
قرآن پنھنجي پوئلڳن کان ”انصاف پسنديءَ“ جي لافاني اصول کي، ماڻھپي جو جوھر ڪري مڃرائي ٿو، جنھن ڪري عدل چند سِڪن عيوض وڪري جو وکر نٿو بڻجي ۽ نه وري دوستين ۽ رشتيدارين نباھڻ جي اڏيءَ تي ڪسجي ٿو. آفاقي اصولن تحت انصاف پسندي اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ نه صرف انفرادي توڙي اجتماعي روڳن کان بچي سگھنداسين پر قدرت جي مڪافات ھيٺ پنھنجا ڪيتا لوڙڻ کان پڻ بچي وينداسين.
قرآن انسانن کي ”رَحم“ جو پُتلو بڻائي ٿو. رحم سان اسان جو اولاد ۽ عزيز بلڪه سڄي سوسائٽي به ان جي حقيقي لُطف کان محروم نه رھندا. نتيجي ۾ اسين پنھنجن پيارن سميت پاڻ به بي چيني، ڊپريشن ۽ پريشانين جي عذاب کان بچي پونداسين. قرآن”رواداري ۽ فياضيءَ“ جي سوين سلوڪن سان سنواري ٿو، جنھن ڪري اسان جي شخصيت بُخل، ڪِيني ۽ عداوت جھڙين ڇساين کان بچي ويندي. نتيجي ۾ اسان جي لاءِ حيوانيت بجاءِ ماڻھپي جي مقام کي ماڻي وٺڻ اوکو نه ھوندو.
قرآن اسان کي ”بخشش ۽ درگذر“ ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. ان اصول تي عمل جي ڪري وير ۽ انتقام اسان جي خمير جو جُز بڻجي نه سگھندو. نتيجي ۾ اسان نسلي جھيڙن ۽ دشمنين نڀائڻ تي پنھنجي ۽ پنھنجي نسلن جي روزاني تباھي کان بچي وينداسين.
قرآن اسان کي ”دشمن سان سھڻي سلوڪ“ جي ترغيب ڏئي ٿو. اھو املھ ضابطو اختيار ڪرڻ سان اسان جي ٻاجھ جو دائرو وسيع ٿيندو. نتيجي ۾ اسين پنھنجي لاءِ ذلتن ۽ رسوائين جا امڪان ختم ڪري ڇڏينداسين.
قرآن اسان کي ”ايثار ۽ قرباني“ جي وادين ۾ داخل ٿو ڪري، جنھن ڪري اسان جون خود غرضيون ۽ مفاد پرستيون ڪافور ٿي وينديون. نتيجي ۾ اسان اعليٰ انساني مرتبن کان بھرہ ور ٿي پنھنجي چوڌاري ماڻھن جي لاءِ مسيحائيءَ جو ڪردار ادا ڪري سگھنداسون.
قرآن اسان کي ”توڪل ۽ اعتماد“ جي رازن کان آگاھه ٿو ڪري. مادي زندگيءَ جي ھوس گيرين کان بچڻ جو ان کان ڪارائتو نسخو ٻيو ڪونه ٿو ٿي سگھي. نتيجي ۾ ڀٽڪڻ ۽ ٺوڪرون کائڻ کان بچي وينداسون.
قرآن اسان کي ”قناعت ۽ سخا“ جي جوھر سان سرفراز ٿو ڪري، جنھن ڪري زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ آتشيءَ جو لطف ماڻي سگھنداسون. نتيجي ۾ اسان کي سوچن جي انتشار ۽ بي اطمينانيءَ جي لپيٽ کان پاڻ بچائڻ جو ماحول ميسر ٿيندو.
قرآن اسان کي ”خودداريءَ“ جي مقام کان آگاھه ڪري ٿو، جنھن ڪري اسان چاپلوسي ۽ جڳاڙ بازيءَ جھڙين چالن کان خبردار ٿي سگھنداسين. نتيجي ۾ حق ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ اسان ۾ جھد ۽ جاکوڙ جو جوھر اڀري ايندو.
قرآن اسان کي ”ذميواريءَ جي احساس“ جون نزاڪتون پسائي ٿو، جنھن ڪري اسان پنھنجي شخصيت کي متوازن بنائڻ ۽ ادارا جوڙي انھن کي منظم ڪرڻ لائق بڻباسين. نتيجي ۾ اسان جي سوسائٽي ابتري ۽ انتشار کان بچي تحرڪ ۽ ترقيءَ جي طرف روان ٿي سگھندي.
قرآن اسان کي ”نفس جي احتساب“ جو سليقو سيکاري ٿو. ان سان اسين پنھنجي ضمير، پنھنجي خدا ۽ ڌرتيءَ ڄاون لاءِ ذميوار فرد ثابت ٿي سگھنداسين. نتيجي ۾ اسان جي شخصي توڙي قومي تعمير جا نت نوان امڪان پيدا ٿيندا ويندا.
قرآن اسان ۾ ”ھر ڪم ۾ ايمانداريءَ“ جي عزم کي مستحڪم بڻائي ڏئي ٿو، جنھن ڪري اسان جي ايمان ۽ ارادن کي لازوال سگھ عطا ٿئي ٿي. نتيجي ۾ سماج ۾ اھڙن بي ايمانن جي لوڌ پيدا ٿيڻ رڪجي ويندي جيڪي سونَ تي سيڻ مٽائيندا وتندا آھن ۽ فوري فائدن جي حاصلات کان علاوہ وٽن ٻيو ڪوبه حدف نه ھوندو آھي.
قرآن اسان کي ”حيا ۽ شرافت“ جي نفاستن جو لحاظي بڻائي ٿو، جنھن ڪري اسان جي شخصي قدرن کي اعليٰ مقصدن جو استحڪام عطا ٿئي ٿو. نتيجي ۾ اسان جا روح فاسق ۽ فاسد سوچن جي لھس کان بچي سگھندا ۽ اسان جا جسم به بد افعاليءَ جي بديءَ کان محفوظ رھندا.
قرآن اسان کي ”پاڪدامنيءَ“ جي عظمتن کان آگاھه ڪري نفس جي تربيت ۽ تزڪيو ڪري ٿو، جنھن ڪري ھوس پرستيءَ جي لونجھ کان نجات ملي ٿي. نتيجي ۾ مردانگي، غيرت ۽ بھادريءَ جي جوھرن جي اھڙي بھريابي ٿي سگھندي جو اسان پنھنجي آزادي ۽ پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ مٿير مڙس بڻجي جھيڙي سگھنداسين.
مطلب ته قرآن اسان جي شخصي سڀاءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ مضبوط انسان تخليق ڪرڻ کان وٺي اسان جي مجموعي قومي روين ۽ ڪلچر کي ھڪ متحرڪ زندگي بخشيندو، جنھنجي نتيجي ۾ نه رڳو نفس پرستي، خود غرضين، مفاد پرستين ۽ ھوس گيرين کان ڇوٽڪارو ملي سگھندو پر اجتماعي طرح انارڪي، ويڳاڻپ ۽ غلاميءَ جي انيڪ طور طريقن کان پڻ نجات ملي سگھندي.
اي سنڌ جا سنڌيو!
ھينئر اسان ۽ اسان جي ٻچڙن بيحد ڀوڳيو آھي. اسان جي اڪثريت کي پنھنجي امن، آتشي ۽ اطمينان سان جيئڻ جا وسيلا ۽ ماحول ميسر ڪونھي. اسان جي نياڻين کي پڙھڻ ۽ کيڏڻ ڪُڏڻ جو ماحول ڪونھي. اسان جي اولاد کي آزاد مسابقت سان ترقيون ماڻڻ ۽ پنھنجو دامن بچائي جيئڻ جو ماحول ڪونھي. اخبارون روزانو اسان جي سماج جا روح رھڙيندڙ واقعا نوٽ ڪن ٿيون. در حقيقت ان قسم جا 10 سيڪڙو واقعا به رپورٽ نٿا ٿين (جو شريف ۽ غريب ماڻھو پنھنجي شرافت ۽ غربت جو ڀرم رکڻ لاءِ پوليس ۽ پريس ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناھن.)
ھينئر ڪابه غريب ڇوڪري يتيميءَ جي صورت ۾ شرافت سان جواني پار ڪرڻ لائق نه رھي آھي. ان جي چوڌاري ھوس گيريءَ جا شيطان صفت ڏاڍا ماڻھو درندگيءَ جا لامارا ڏيندا رھن ٿا. ھينئر ڪوبه اڇي چمڙيءَ وارو غريب ۽ مڊل ڪلاس جو ڇوڪرو پنھنجي روح زخمجڻ جي اڪيچار ايذائن کان بچيل ڪونھي. آخر اھو، پنھنجي شخصيت جي اھڙي ماحول ۾ ڪھڙي تعمير ڪري ھن قوم جو ڪارآمد فرد ثابت ٿيندو!؟
سماج جي ڪھڙي به غريب ۽ يتيم ڇوڪري وحشتپڻي جي ڪرب مان گذري، اھو سڄي انسانيت جي سر جو سُور نه بڻبو ته پوءِ اسان جي بظاھر تحفظ ۾ ويٺل نياڻين جو به خير ڪونھي! انھيءَ ماحول ۾ غريب ڇوڪرن جو درد اسان جي روح کي بيتاب نه ڪري سگھيو ته پوءِ اھڙي سماج ۾ عدم تحفظ جو سيلاب ڪنھن کي به پنھنجي لپيٽ مان بچائي نه سگھندو. ساڳي طرح ھن روڳي معاشري ۾ جيڪڏھن ڪو پيرسن زندگيءَ جي نما شام ۾ به سُک کان عاري آھي، سماج جون ٻڍڙيون عورتون پنھنجي مظلوم پُٽن جي لاشن تي پار ڪڍي روئڻ تي مجبور آھن ته اھا صورتحال قوم جي سڀني ماڻھن کي جھنجھوڙيندڙ آھي.
تنھن ڪري اي سنڌ جا سنڌيو!
اُٿو ۽ پنھنجي روح ۽ قلب کي بيدار ۽ پنھنجي ضمير کي مضطرب ڪري سماج جي تبديليءَ لاءِ تيار ٿيو. خدا، انسان ۽ ڌرتي جي شعور کي پنھنجي قومي سگھ جو فِڪري محرڪ بڻائي اجتماعيت جي عمل ۽ سرگرمين سان اڳتي وڌو. اسان جي گھڻين ڀوڳنائن جو تعلق اسان جي انفراديت پسنديءَ جي روين جي ڪري آھي. قرآن سماج ۾ تبديليءَ جي لاءِ ھڪ جماعت پيدا ڪرڻ گھري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته حضرت محمد ﷺ سان گڏ جماعت ھئي، جنھن مضبوط فِڪر تي فلاحي معاشري جي حاصلات کي يقيني بڻايو. ھن دور ۾ به فلاحي معاشرن جي قيام لاءِ سگھاري فِڪر، سياسي طاقت ۽ عمل جي ذريعي قومن کي وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿي رھيون آھن. انھيءَ ڪري اوھان کي به ھتي ڀرپور اجتماعي تحريڪ ۽ سياسي ھلچل پيدا ڪرڻي پوندي. اسان کي ھٿ وٺي سياسي عمل ۽ سياسي ھلچل کان بيزار ڪيو ويو آھي. ليڪن ھي ڳالھ طئه آھي ته سياسي عمل ۽ طريقن کانسواءِ اسان جي تقدير بدلجڻ جا آثار پيدا ڪونه ٿيندا. جيڪڏھن سياست ماڻھن کي جاڳرتا جي ذريعي قومن جي تقدير بدلجڻ تي آمادہ ڪرڻ جو فَن آھي ۽ سياست قومن جي حقن جي حاصلات لاءِ ماڻھن کي جدوجھد تي آمادہ ڪرڻ جو عمل آھي ته پوءِ ھن دور ۾ تبديليءَ جو اھوئي سڀ کان موثر ھٿيار آھي. سياست کي جيڪڏھن ٺڳن جي حوالي ڪري ڇڏبو ته پوءِ تبديليءَ جي ھڪ وڏي محاذ کان محرومي پلئه پوندي. انھيءَ ڪري مفيد سياسي نتيجن جي لاءِ ھتي ان جا سگھارا عوامي بنياد وجھڻا پوندا. قرآن مجيد بار بار ”الناس“ جي خطاب سان Masses يعني عوام کي تبديلين جي محرڪ طور سرگرم ٿيڻ ۽ بدلجڻ جون صدائون ڏئي ٿو. انھيءَ ڪري اوھان کي منظم ۽ سگھاري سياسي عمل ۽ پيداگير سياسي فنڪارين ۾ فرق ڪري پنھنجي ڪردار جي سگھ ۽ عوام جي حمايت سان قومي سگھ کي مستحڪم ڪرڻو پوندو ۽ اھا ٻِٽي قومي سگھ اوھان جي لاءِ تبديلين جا دروازا کوليندي ويندي.
اسانجي رياستي مشينري اسان جي تعليم کي سنواري ۽ ترقي وٺائي ڏيندي؛ اھو ٿيڻو ئي ناھي. ھاڻي جڏھن اھا ڳالھ يقيني آھي ته پوءِ اسان کي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ٻنھي ذريعن جي تعليمي سُڌارن کي پنھنجي اسپرٽ جي دائري ۾ آڻڻو پوندو. سرڪاري تعليم جا موقعا ۽ ذريعا اسان جي ٽيڪسن مان آھن. انھيءَ ڪري انھن ذريعن ۽ موقعن کي ڇڏي به اسان پنھنجو نقصان ڪنداسين. ٻيو ھي ته لوئر مڊل ڪلاس ۽ غريب شاگردن جي وڏي تعداد لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ اڻٽر آھي، انھيءَ ڪري شاگردن جي ھيڏي وڏي تعداد کي ھن قوم جو ڪارگر فرد بنائڻ لاءِ اسان جي سڀني پڙھيل ڪڙھيل ماڻھن کي قومي جذبي سان ھڪ سگھاري ھلچل ذريعي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو آھي. اوھان مان اَٺ ڏھه ماڻھو گڏجي ڪري به پنھنجي ڳوٺ، محلي ۽ شھر جي اسڪولن کي معياري تعليم جو بھترين مرڪز بڻائي سگھن ٿا. شرط صرف ھي آھي ته اُھي پنھنجي ڌرتيءَ سان، پنھنجي ماڻھن سان ۽ پنھنجي قوم جي ٻَچڙن سان لاتعلقيءَ وارو رويو ختم ڪن ۽ اھي ھر قسم جي بدحاليءَ تي ٿڌا شوڪارا ڀري ۽ ڪجھ ماڻھن، طبقن ۽ سرڪار تي لعن طعن ڪري ڇڏڻ تائين پنھنجي رد عمل کي محدود نه رکن. بلڪه پنھنجي زندگيءَ لاءِ ھڪ مقصد طور تعليم جي ترقيءَ لاءِ مھم جوئيءَ ۾ جُنبي وڃن. اوھان مان انگريزيءَ جي سکيا جا ”ريفارمر انگلش سينٽر“ کولي شاگردن کي جديد طريقن جي انگريزي ٽيوشن ڏئي وجھن ته جيڪر انھن ۾ قابليتن ۽ اعتماد جو نئون جھان جُڙي پوي ۽ ھو ان بنياد تي قومي تعمير جو اضافي جزو بڻجي پون.
ھن قوم ۾ شخصي جوھر به آھي، سُتل صلاحيتون به آھن ۽ کامندڙ ارادا به آھن ۽ جتي اُھي ٽيئي شيون موجود ھجن اتي تبديلي قياس کان ٻاھر ڪونھي. اوھان اھڙي تبديليءَ کي ممڪن بنائڻ جي لاءِ رڳو پنھنجي ماڻھپي ۽ پنھنجي خدا سان وچن ڪري با مقصد زندگيءَ جو آغاز ڪري وجھو. ان مقصد جي لاءِ اوھان ھيٺين ڇھن نُڪتن تي پختي عزم سان عمل شروع ڪيو، اوھان جي نشاة ثانيه جو آغاز ٿي ويندو.
1. قرآن مجيد حق سچ جي واٽ ۽ ماڻھپي جو شعور ڏيندڙ آخري ميچوئر منشور آھي. ان کي رھبر ۽ مرشد بڻائي ان جي ضابطن ھيٺ بامقصد زندگيءَ جو آغاز ڪريو.
2. پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ ڀرپور مھارت سان پنھنجيون ذميواريون اھڙيءَ طرح سرانجام ڏيو، جو ھر لحاظ کان انسانن لاءِ نفعي بخش بڻجو.
3. سماجواديت کي پنھنجو عقيدو بڻايو ۽ اوھان جي جيتري به ھوند آھي، انھيءَ جو ھڪ قابل قدر حصو لازمي طرح قومي ۽ اجتماعي مقصدن ۾ خرچ ڪريو.
4. انفراديت پسندي ۽ انائون ڇڏي نيڪي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ اُٿندڙ آواز جو عملي ساٿ ڏيو ۽ بدي ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو.
5. سماج ۾ تبديليءَ جي ديوانگي ۽ عشق پيدا ڪريو ۽ اھڙي تبديليءَ لاءِ ٿيندڙ سماجي، قومي ۽ سياسي مزاحمت ۾ عملي طرح شريڪ ٿيو.
6. سنڌ کي تعليمي اوج تي رسائڻ لاءِ پنھنجو مشنري ڪردار ادا ڪيو. روزانو پنھنجي ٻَچن جي تعليمي رپورٽ جاچيو ۽ استادن جي سھڪار سان سرڪاري اسڪولن جي نظام کي به بھتر بنائڻ جي مھم جوئي شروع ڪريو.

قومن کي نشاة ثانيه جي عمل مان گذارڻ جي لاءِ ڪجھ ديوانا گھربا آھن جيڪي پنھنجون سوين زندگيون تلف ڪري ڪروڙين زندگين کي سڦلتا عطا ڪري ويندا آھن، جيڪي پنھنجون سوين خواھشون تھس نھس ڪري ڪروڙين خوشين کي جنم ڏئي ويندا آھن ۽ پنھنجون اڻ ڳڻيون صلاحيتون وقف ڪري ڌرتيءَ کي نئون جنم مھيا ڪري ويندا آھن. رب ڪريم جو واعدو آھي ته جيڪي اسان جي واٽن تي پختي عزم ۽ جھد سان ھلي پوندا آھن، اسان انھن جي لاءِ ضرور ضرور رھنمائي ۽ سڻائيءَ جا دروازا کوليندا ويندا آھيون.
*
سنڌ فورم جو مقصد
سنڌ واسين جي تعليمي، شعوري ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
عملي پروگرام
• تحريرن، تقريرن ۽ تربيت ذريعي سماج ۽ ادارن لاءِ مثالي ماڻھو پيدا ڪرڻ.
• تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ شخصن ۽ ادارن وچ ۾ مؤثر عملي رابطي ڪاري ڪرڻ.
• اخلاقي ۽ اقتصادي ترقيءَ جون مربوط رٿائون تيار ڪرڻ.

(اي سنڌ جا سنڌيو)
”نور احمد ميمڻ “
 
Back
Top