آرزو
سينيئر رڪن
آزي
بسم الله
الله تون آهر!
چئو ساٿيو الله تون آهر!!
آزي ڪيون ٿا، الله جي در تي،
ان جي پاڪ رسول صه،
۽ پنجتن پاڪ جي صدقي،
صدقي سڀني بزرگن ولين ۽ شهيدن جي،
صدقي شاه پيران حضرت ميران جونپوري،
صدقي شهيد ميان آدم شاه جي،
صدقي ميان شاهل محمد جي،
صدقي ميان دين محمد جي،
صدقي ميان نصير جي،
صدقي ميان يار محمد جي،
ميان نور محمد،
ميان غلام شاه،
ميان سرفراز،
ميان غلام نبي،
ميان عبالنبي شاه جي،
صدقي شاه گودڙيي جي،
شاه پنجي،
سڀني سڳورن ولين ۽ شهيدن جي،
اچو ته ساٿيو آزي ڪريون
چئو الله تون آهر!
اچو ته جهولي ڦهلايون،
ڌڻيءَ جي در،
مولا شل خير هجي،
هن ڌرتي جا،
آباد رهن،
هر جنجل کان آزاد رهن،
منهنجا مارون،
منهنجا ماڻهو،
خوشحال رهن،
ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت،عزمت جا اهڃاڻ سلامت،
مارون مرڪن،
تارا چمڪن،
شال اسان جي پڳ سلامت،
دنيا ساري جڳ سلامت،
راڄ سلامت ڀاڳ سلامت،
پورهيو پنڌ ۽ ماڳ سلامت،
ڌرتي ماءُ او ڌرتي ماءُ!
شل! نه لڳي ڪوسو واءُ،
اسين ٻچڙاآدم شاه جا،
اسان فقير ميان نصير محمد جا،
تنهنجي جهولي ۾ جهولون،
پلجون،
نپجون،
وڌئون ويجهون،
چئو الله توهار!
اچو ته شهيدن جي رت جي،
ساک کڻون،
اسين اولاد آدم شاه جي،
وچن ڪريون!
بسم الله
الله تون آهر!
چئو ساٿيو الله تون آهر!!
آزي ڪيون ٿا، الله جي در تي،
ان جي پاڪ رسول صه،
۽ پنجتن پاڪ جي صدقي،
صدقي سڀني بزرگن ولين ۽ شهيدن جي،
صدقي شاه پيران حضرت ميران جونپوري،
صدقي شهيد ميان آدم شاه جي،
صدقي ميان شاهل محمد جي،
صدقي ميان دين محمد جي،
صدقي ميان نصير جي،
صدقي ميان يار محمد جي،
ميان نور محمد،
ميان غلام شاه،
ميان سرفراز،
ميان غلام نبي،
ميان عبالنبي شاه جي،
صدقي شاه گودڙيي جي،
شاه پنجي،
سڀني سڳورن ولين ۽ شهيدن جي،
اچو ته ساٿيو آزي ڪريون
چئو الله تون آهر!
اچو ته جهولي ڦهلايون،
ڌڻيءَ جي در،
مولا شل خير هجي،
هن ڌرتي جا،
آباد رهن،
هر جنجل کان آزاد رهن،
منهنجا مارون،
منهنجا ماڻهو،
خوشحال رهن،
ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت،عزمت جا اهڃاڻ سلامت،
مارون مرڪن،
تارا چمڪن،
شال اسان جي پڳ سلامت،
دنيا ساري جڳ سلامت،
راڄ سلامت ڀاڳ سلامت،
پورهيو پنڌ ۽ ماڳ سلامت،
ڌرتي ماءُ او ڌرتي ماءُ!
شل! نه لڳي ڪوسو واءُ،
اسين ٻچڙاآدم شاه جا،
اسان فقير ميان نصير محمد جا،
تنهنجي جهولي ۾ جهولون،
پلجون،
نپجون،
وڌئون ويجهون،
چئو الله توهار!
اچو ته شهيدن جي رت جي،
ساک کڻون،
اسين اولاد آدم شاه جي،
وچن ڪريون!