• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو ساڻي جي نه تون ٿيندين

ڪافي

اوو و و....سنڌ جو ساڻي جي نه تون ٿيندين
مٽجي ويندي رلجي ويندين.......
سڏڪن ۾ پئي سنڌ سنڀاري
اکڙين ما هي لڙڪ پئي هاري
ڪڏهن دودا دشمن وڙهندين
سنڌ جو ساڻين جي نه تون ٿيندين
وقت وريو آ تون به وري آ
مخدوم بلاول تون ڀي چري آ
دشمن سنڌ کي هانءَ جي هڻندين
سنڌ جو ساڻي جي نه تون ٿيندين
ڳءرو ڳاڙها جوان ڪٺا ٿي
وحشي وحشت محب مٺا ٿي
بمن جي برسات نه ڪندين
مٽجي ويندين رلجي ويندين
هو ظاهر ٿي پيو آهي ظالم
ماريو چئي پيو سارو عالم
جيءُ ڪري جي جيجل جڙندين
صدين تائين جيئرو رهندين
سنڌ جو ساڻي جي نه تون ٿيندين
مٽجي ويندين رلجي ويندين.......

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top