اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟ نور احمد سنڌي سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق 15 جنوري 2005ع تي ”گلوب اينڊ ميل“ ڪانفرنس ٿي ته اتي سائنسدانن تجويز ڪيو ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ سخاوت جي ذريعي بهترين انقلاب پيدا ڪري سگهون ٿا. انهن مان هڪ سائنسدان Erin Anderssen چيو ته اسان پنهنجي مشاهدن ذريعي هي معلوم ڪيو آهي ته: *جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪن ٿا انهن جي حياتياتي سگهه وڌيڪ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن انهنکي ڪو آپريشن ڪرائڻو پوي ته انهن ماڻهن جا زخم، عام ماڻهن جي نسبت جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن. انهيءَ جي معنى ته دولت جي پوڄاري بخيل ماڻهوءَ جا فٽ سولائيءَ سان ڪو نه ڇٽندا. ڇاڪاڻ ته هو ٻين جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڀرجهلائي نٿو ڪري، نه فڪرمندي ٿو ڪري ۽ نه عملي طرح اڳتي وڌي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي زخمن تي مرهم رکڻ واسطي اڪيلو ۽ محروم آهي ۽ قدرت سندس ڀرجهلائي نٿي ڪري. * نئين برين اسڪين ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سائنسدان چون ٿا ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪندا آهن، اهي وڌيڪ محنتي هوندا آهن. سماج جي محروم ماڻهن جي مدد ڪرڻ انهن جي محرڪ قوت بڻجي ٿي. انهن جو ذهن ۽ انهن جو ضمير يعني ذهانت ۽ اندر جو انسان جڏهن فعال هجن ۽ ماڻهوءَ جو ساٿ ڏين ته اهي ٻٽي ۽ ٽيڻي قوت سان محنت ۾ جنبي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي نتيجا به بهتر کان بهتر ڏين ٿا. مهارت ۽ محنت جي ڪري اهڙن ماڻهن جي دولت ۾ اضافو به ٿيندو وڃي ٿو ۽ هو ذهني تندرستي ۽ خوشحاليءَ سان گذارن ٿا. *فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي ايڊز تي تحقيق ڪرڻ واري ٽيم جو چوڻ آهي ته ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ماڻهو ڊگهي ڄمار ماڻين ٿا. اهو ان ڪري جو انهن ماڻهن ۾ انساني نفعي بخشيءَ جي هڪ وڏي اميد (Hope) پيدا ٿئي ٿي، جيڪا انهن جي حياتياتي هارمونز کي سگهه عطا ڪري ٿي. ماڻهو جيتري وڌيڪ ۽ موثر مدد ڪندڙ هوندو، اوتري سندس اها هوپ واري سگهه وڌيل هوندي ۽ اوترا وڌيڪ موقعا قدرت کيس ڏيندي ويندي. *برطانوي سائنسدانن جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪندا آهن ياسخاوت ڪندا آهن انهن جي صحت عام ماڻهن جي مقابلي ۾ بهتر رهندي آهي. اهو انڪري جو انهن ماڻهن جي سخاوت واري سرگرميءَ جي ڪري هڪ اعليٰ مقصد پوري ڪرڻ جي امنگ ۽ احساس انهن جي مائينڊ تي حاڪم بڻجي ويندو آهي، ان ڪري بيمارين جي احساس کي پنهنجي اندر لاهڻ جي کين فرصت ئي نه هوندي آهي. جڏهن بيماري ذهن تي سوار نه هوندي ته جسم جي مدافعت واري قوت پنهنجي سگهه سان بيمارين جو مقابلو ڪري پاڻ کي سوڀائتو رکندي آهي. حضرت شاهه ولي الله جو چوڻ آهي ته انسانيت جا چار بنيادي اخلاق آهن هڪ پاڪيزگي ٻيو نوڙت ٽيون سخاوت ۽ چوٿون عدل. اهي انسان جي اندر خدا جا سمايل اخلاق آهن ۽ انهن تي ڪنهن به مذهب ۽ فرقي جي اجاره داري ڪونهي. سڄي انسانذات مان جيڪو به انهن کي اپنائيندو، اهو انسانيت جا مٿانهان مرتبا ماڻيندو. اوهان ڏسندؤ ته جتي به اوهان کي ماڻهپي جوسڌريل جهان نظر ايندو اتي انهن چئني اخلاقن جو اوهان کي راڄ نظر ايندو. اوهان جتي به آهيو ۽ جنهن مذهبي طريقي سان به تعلق رکو ٿا اوهان جي اندر ۾ اهو سڀ ڪجهه سمايل آهي پر اوهان جي اندر ان مايا جو اظهار تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان انهيءَ مايا مان ٻين کي ڏيڻ جو آغاز ڪندؤ. پاڻ ڀلايون ڪندؤ ۽ ٻين کي به ڀلاين ڏانهن سڏيندؤ. اوهان کي قدرت انهن خزانن سان آسودو ۽ مالامال ڪيو آهي پر اوهان اهي خزانا پنهنجي اندر ۾دٻائي رکيا آهن. جڏهن اوهان ان مايا کي ونڊيو ۽ ورهايو نٿا ته انهن جو رد اڀري اچي ٿو ۽ اوهان جي ذهنن تي ڇائنجي وڃي ٿو. آخر اهو ٻوسٽ بڻجي اوهان جي ذهني ڇڪتاڻ ۽ پريشانين جو سبب بڻجي ٿو جيڪا شيءِ ونڊڻ ورهائڻ ۽ ڏيڻ ۾ نٿي اچي سا اوهان لاءِآخرڪار عذاب بڻجي وڃي ٿي. اوهانکي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اوهان وٽ وقت آهي اوهان وٽ محبت آهي، اوهان وٽ سمجهه ۽ علم آهي، اوهان وٽ رحمدلي آهي، توجهه آهي ۽ اوهان وٽ مراتب آهن. اوهان هنن سڀني جي سخا ڪري سگهو ٿا. اها سخا اوهان جو صدقو بڻجي وڃي ٿي. حضرت محمدﷺ چيو هو ته صدقوهميشه ڏيندا ڪريو توڻي جو اوهان ڪنهن سان مرڪي ملڻ جو صدقو ڪڍو. اها گهٽ ۾ گهٽ سخا آهي. اوهان وٽ وڌ ۾ وڌ سخا ڪرڻ جا اڻ ڳڻيا اسباب ۽ موقعا آهن. اوهان پنهنجي باغمان سبزي ۽ ميوي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي تحفو ڏيو ته ان لاءِ هي وڏو تحفو آهي. اوهان پاڻ يا پنهنجي پڙهيل پٽ يا نياڻيءَ جي ذريعي پاڙي جي غريب ٻارڙي جي ٽيوشن ڪريو ٿا ته اوهان بي مثال مهربان بڻجو ٿا. اوهان ڪنهن رشتيدار جي فون ذريعي هفتيوار خيرعافيت پڇو ٿا انهيءَ جو ڏاڍو ڀلو تاثر پيدا ٿئي ٿو. اوهان پنهنجي ڊيوٽي ذميواريءَ سان ادا ڪريو ته اها به ٻين جي لاءِ هڪ تحفو آهي. اوهان ڊيوٽيءَ ۾ ماڻهن سان ڀلايون ۽ سولايون ڪيو ٿا ته اها به سخا آهي. اوهان جي وقت ۽ توجهه ڪري ماڻهن کي ڪم جي سولائي ملي ٿي، اوهان جي همدردي ۽ توجهه ڪري اوهان وٽ اسپتال ۾ آيل ماڻهوءَ جي دردن ۾ هلڪائي ٿئي ٿي ته اوهان جو اهو وقت، اها توجهه ۽ اها همدردي به هڪ سخا آهي. - محبت جي سخا: محبت هڪ فطري جذبو آهي، اها قدرت پاران هر ماڻهوءَ ۾ اوتيل آهي. ڪي ماڻهو ان کي دٻي ڇڏيندا آهن ته اهي خود پاڻ سان ناانصافي ڪندا آهن. اوهان پاڻ سان هرگز ناانصافي نه ڪريو. انهيءَ ڪري اوهان جيڪو ڪجهه به ڏيو ته حقيقي محبت سان ڏيو. اوهان جڏهن خدا جي ان اوتيل محبت کي دٻايو ٿا ته پنهنجي لاءِ اڻ ڳڻين محرومين کي ڳنهي وٺو ٿا. اوهان محروم ماڻهوءَ واري زندگي جيئڻ بجاءِ هوند واري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جيئو. اوهان جڏهن ڪنهن سان پئسي جي، وقت جي ۽ تعاون جي ڀلائي ڪيو ٿا ته ان جون دعائون اوهان جي وڏي حاصلات بڻجن ٿيون. اوهان دعائن واري اهڙي عظيم حاصلات کي پاڻ کان هرگز محروم نه ڪيو. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ سخاوت ۽ ٻين جي مدد کي اهميت حاصل آهي. اسلام چيو آهي ته ماڻهو هڪ ئي آدم مان پيدا ڪيا ويا آهن سڀئي ماڻهو الله جو هڪ عيال آهن. خدا پنهنجي عيال سان محبت ۽ سخا کي پسند ڪري ٿو. عيسائيت بنيادي طرح ٽن شين تي زورڏئي ٿي. عقيدي، اميد ۽ محبت تي. انهن مان محبت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان ڪري عيسائيت ۾ خيرات کي به محبت سڏيو ويندو آهي. ٻڌمت ۾ محبت ستن خزانن کان وڌيڪ قيمتي آهي. ان ڪري محبت جي طاقت سان هن دنيا کي بهترنموني تعمير ڪري سگهجي ٿو. يهوديت ۾ سڀ کان وڏي خيرات محبت آهي. هندو مذهب ۾ محبت ۽ سخاوت جي ذريعي مڪتي حاصل ٿي سگهجي ٿي. مطلب ته محبت زندگيءَ جو سڀ کان وڏو آدرش آهي ۽ اها عمل ۾ ايندي آهي قربانين ۽ ايثارسان. جيڪڏهن قرباني ۽ ايثار ناهي ته اوهان محبت کان ڪورا آهيو. اوهان جي اولاد سان محبت آهي ته اوهان انهن جي پرورش لاءِ طرح طرح جون قربانيون ڏيو ٿا. جيڪڏهن اوهان والدين آهيو ته اوهان کي خبر آهي ته ٻارن لاءِ قربانين جي ڪيتري ڊگهي فهرست ٺاهي سگهجي ٿي. اوهان ٻار جي تڪليف ڏسي پنهنجي ننڊ ٽاري ڇڏيو ٿا، ان جي سٺي تعليم لاءِ پنهنجو آرام تلف ڪيو ٿا، ان جي سٺي مستقبل لاءِ پنهنجون خواهشون ترڪ ڪيو ٿا. ايئن هر رشتي لاءِ اوهان قربانين مان گذرو ٿا. انسانيت جو سڄو دائرو اوهان جي هنن قربانين جو لهڻيدار آهي. اوهان جا گهر وارا، اوهان جا پاڙيسري اوهان جا هم وطن ۽ انسانذات ان جي لهڻيدار آهي. محبت جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. ان ۾ رنگ، نسل، عقيدي ۽ خطي جو ڪو فرق ڪونهي. جلال الدين روميءَ چيو آهي ته محبت جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. جيئن اوهان کي خود محبت جي ضرورت آهي، ايئن ئي سڀني انسانن کي محبت جي ضرورت آهي. ڪيترا ماڻهو تڪليفن جي زندگي گذارن ٿا. اوهان پاڻ جيڪڏهن انهن تڪليفن مان گذرو ته اوهان کي پاڻ اندازو ٿي ويندوته تڪيلف ڇا ٿيندي آهي. ان ڪري سڀني سان جڏهن به محبت ڪيو ته ايئن ئي غير مشروط محبت ڪيو جيئن اوهان پنهنجي ٻچن سان غير مشروط محبت ڪندا آهيو. اوهان ڪنهن جي مجبوري ۽ مشڪل جو ناجائز فائدو هرگز نه وٺو، اها انسانيت جي توهين آهي. اصل انسانيت آهي ئي اها جو اوهان ڪريل کي غير مشروط مٿي کڻو. محبت فعل آهي يعني ڪرڻ جي شيءِ آهي، مفعول ناهي جو اوهان ان لاءِ شرط گهڙيندا وتو. محبت جڏهن فعل بڻجي ٿي، تڏهن ئي اها اوهان جو آدرش بڻجي ٿي. هڪ بامقصد زندگيءَ جو اوهانجي اندر اطمينان پيدا ڪري ٿي. اهو ڪيڏو نه وڏو اطمينان آهي ته اوهان کي صبح شام پنهنجي روين ۽ ڪيل ڪمن جي ذريعي هي يقين حاصل هجي ته اوهان خلقڻهار جي منشا مطابق جي رهيا آهيو. ان جي نتيجي ۾ پالڻهار اوهان کي پنهنجي محبوبيت ۽ رضا عطا ڪندو. هي ماڻهوءَ جي ڪيڏي نه خوش بختي آهي جو هو جڏهن پنهنجي پروردگار جي آڏو سر بسجود ٿئي ته انسانن سان ڪيل ڀلاين جو اڪائونٽ کڻي سربسجود ٿئي. هي ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏو نه سرورجو سامان آهي جو ماڻهو هميشه انهيءَ احساس سان جيئي ته هو انسانيت جي لاءِ جي رهيوآهي. اهڙي طرح محبت اوهان جي سوچڻ سمجهڻ جي سگهه وڌائي ٿي ۽ ٻين سان رشتن کي مضبوط ڪري ٿي. اوهان جو سڦلائتي زندگيءَ جو اطمينان ۽ پنهنجي خلقڻهار آڏو سرخروئي سان پيشگي جو اطمينان اوهان کي زندگيءَ ۾ جڳاڙ بازين، اٽڪلن ۽ مڪار بازين کان پري رکي ٿو. اوهان جي سوچڻ جو انداز منفي نٿو بڻجي. اوهان پنهنجي ذهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾رکو ٿا، ان کي ڀٽڪڻ کان بچايو ٿا ته ان سان اوهان جي ذهانت ۽ قابليت به سگهاري ٿئي ٿي. مائينڊ سائنسز هينئر هي ڳالهه پڌري ڪري ٻڌائي آهي ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ جاوڏا ڪرشما ان جي ذهن جي مثبت ۽ وڏي سوچ سوچڻ جي ڪري ٿين ٿا. جڏهن ماڻهو پنهنجي سوچ کي فطرت جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري ٿو ته ان جي تقدير بدلجڻ جا دروازا کلندا وڃن ٿا.