ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﻟﻨڊﻥ ﺟﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺳﻨﮅﻱ ﺧﻄﺎﻃﻲ ﺧﻠﻴﻞ ﮐﻮﺳﻮ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻮ ڪﺎﺗﺐ، ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﻭﻟﺪ ﺣﺎﻓﻆ ﺩﺭﻳﺎ ﺧﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۱۸۷۶ﻉ ۾، ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﻟﮗ ﻣﺴﮡ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﻻﮐﻲ ﺷﺎﻫﻪ (ﭔﻴﺮ ﻣﻮﺭﻱ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ) ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾، ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺟﻴﺪ ﻋﺎﻟﻢ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﻭٽ، ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ﻗِﺮﺍﻧﻲ ﺟﻬڙﻱ ڪﻤﺎﻝ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﻮ ’ ﮄﻭڙﻱ ‘ ﭤﻴﻮ. ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ﻣﺪﺭﺳﻦ ﺟﻲ ﻃﺎﻟﺒﻦ ﺟﺎ ﺍﮐﺮ ﺍﻋﻠﻲٰ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ ڪﺎﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﻠﻢ ﺳﺎﻥ، ﺟﻴڪﻲ ﻻﻓﺎﻧﻲ ﻟﻔﻆ ﻟﮑﻴﺎ، ﺷﺎﻳﺪ ﭘﻨﺎ ﺑﻪ ﺭِﻳﺲ ڪﻨﺪﺍ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺗﻪ ﺷﻞ ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻗﻠﻢ ﺟﻲ ڪَﺮ ﺍﺳﺎﻥ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻣﻮڙﻱ . ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮔﺮﻫﻮڙ ﻭﺍﺭﻱ ﻭٽ ﭔﻨﻲ ﭔﺎﺭﻱ ﺟﻮ ﻟﻴﮑﻮ ﭼﻮﮐﻮ ڪﻨﺪﻱ ’ ﻗﺎﺿﻲ‘ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ﻣﺎﮢﻴﻮ . ﻫﺎﺭﻳﻦ ﻧﺎﺭﻳﻦ ﺟﺎ ﺣﺴﺎﺏ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻨﻬﻦ ﺩﻭﺍﺕ ﺳﺎﻥ ﺩﻓﺘﺮﻥ ﺗﻲ ﺩﺭﺝ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ، ﺍﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺍُﻫﻲ ﺍﮐﺮ ڏﺳﻲ ’ ﺍﻧﮕﺸﺖ ﺑﺪﻧﺪﺍﻥ‘ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ . ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻧﮕﺎﻫﻪ ڪﻨﺪﻱ ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ، ”ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ! ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺍﮔﺮ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ڪﺎﺗﺒﻦ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ڪَﺮ ﺑﻨﻬﻪ ﭜﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ “. ڪﺎﺗﺐ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﻪ ﺍﻥ ﮔﺬﺍﺭﺵ ﮐﻲ ﻏﻨﻴﻤﺖ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻱ ﺳﻔﻴﺪ ﭘﻨﻦ ﺗﻲ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮﻥ ﺟﻮﻥ ﻣﺎﻟﻬﺎﺋﻮﻥ ﭘﻮﺋﮡ ﻟﮙﻮ . ﺗﺎﺝِ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﻫﻮ، ﮔﺸﺖ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﭤﺮﭘﺎﺭڪﺮ ﺟﻮ ڪﻠﻴڪٽﺮ ( ﺷﺎﻳﺪ ﺗﺮﻭٽ ﺻﺎﺣﺐ) ﮔﺮﻫﻮڙ ۾ ﺍﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺍﻭﺗﺎﺭﻱ ۾ ﺍﭼﻲ ﻟﭥﻮ . ﻧﻴﺮﻳﻦ ﺍﮐﻴﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻧﮕﻠﺴﺘﺎﻧﻲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﻭﭸﻲ ﺍُﻥ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﻲ ﺗﻲ ﭘﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻗﺎﺿﻲﺀَ ﺟﻲ ﻗﻠﻢ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺘﻞ ﻣﻮﺗﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﻟڙﻳﻮﻥ ﭘﻮﺋﻴﻞ ﻫﻴﻮﻥ . “ Oh my God ” ڪﻨﺪﻱ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ۾ ﺍﻧﻤﻮﻝ ﻫﻴﺮﺍ ﮐﮣﻲ ڪﭿ ۾ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺣﺎﺟﻲ ﻋﺒﺪﺍﻟﺮﺣﻤﺎﻥ ﺑﻦ ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﭼﻮﺍﮢﻲ ﺗﻪ، ﺍﻫﻮ ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﻮ ﻟﻨڊﻥ ۾ ﺍﻳﺴٽ ﺍﻧڊﻳﺎ ﺁﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۾ ﭘﻴﻞ ﺁﻫﻲ. ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﭔﻲ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﭼﻤﺒڙ ﻟﮗ ﮘﻮﭞ ﺭﺍﻭﺕ ﻟﻐﺎﺭﻱﺀَ ۾ ﺭﺋﻴﺲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ﻭٽ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ. ﺍﻳﺌﻦ ﺗﻪ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻮﻥ ڪﺘﺎﺑﺖ ﭤﻴﻞ ﮐﻮڙ ﺳﺎﺭﻳﻮﻥ ﺳﻨﮅﻳﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺑﻠڙﻱ ﺷﺎﻫﻪ ڪﺮﻳﻢ ۾ ڊﺍڪٽﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺳﻨﮅﻱ ﻭٽ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﺑﻼﻭﻝ ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻱﺀَ ۾ ۱۲۹۳ ﻫﺠﺮﻱ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﮔﺮﻫﻮڙﻱﺀَ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺑﻪ ﭘﻴﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﺎ ٽﻨڊﻱ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﺑﻴﺮﻭﻧﻲ ﻣﻠڪ ﻻﺀِ ﺗﺸڪﻴﻞ ﺷﺪﻩ ﺗﺒﻠﻴﻐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺖ ڏﮐﮡ ﺁﻓﺮﻳڪﺎ ﺟﻲ ﻣﻠڪ ’ ﺯﻧﺠﺒﺎﺭ ‘ ﻣﺎﻥ ﺁﻧﺪﻱ. ۱۹۱۰ﻉ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﮘﻮﭞ ﻭﺍﺭﺍ ﭘڊ ﺟﻲ ﻣﻨﻈﻮﺭﻱﺀَ ﻻﺀِ ﺟڏﻫﻦ ﻣﺨﺘﻴﺎﺭڪﺎﺭ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ﻭٽ ﭘﻬﺘﺎ ﺗﻪ ﻣﺨﺘﻴﺎﺭڪﺎﺭ ﺻﺎﺣﺐ ﺩﺭﺧﻮﺍﺳﺖ ﺗﻪ ﭘڙﻫﻲ ﭘﺮ ڪﺎﻓﻲ ﺩﻳﺮ ﭘﻨڊ ﭘﻬﮡ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ﭘﮁﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺍﮐﺮ ڪﻬڙﻱ ﻫﭣ ﺟﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﺟﺎ ﺁﻫﻦ؟ ﺟﻮﺍﺏ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ، ” ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱﺀَ ﺟﺎ ﺁﻫﻦ “. ﺑﻨﺎ ﺑﺤﺚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻴﺎﺭڪﺎﺭ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ، ” ﺍﻫﻮ ﭘڊ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﻟﮑﮡ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ڪﺠﻲ ﭤﻮ “. ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ’ ﻟﻘﻤﺎﻥ ﺣڪﻴﻢ‘ ﭘﮡ ﻫﻮ . ﺣڪﻤﺖ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﭘﻮﻧﺎ، ڪﻠڪﺘﻲ ۽ ﺩﻫﻠﻲﺀَ ﺟﻮ ﺩﺭﺷﻦ ﺑﻪ ڪﺮﻱ ﺁﻳﻮ ﻫﻮ. ﻭﺭﻫﺎﺳﺖ (ﺗَﺮڪﻮ) ﺟﻲ ﺣﺴﺎﺏ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﭜڙ ﻫﻮ. ۱۹۶۶ﻉ ۾ ﻗﺎﺿﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻗﻀﺎﺀِ ﺍﻻﻫﻲ ﺳﺎﻥ ﺭﺍﻫﻪ ﺭﺑﺎﻧﻲ ﻭﺭﺗﻲ. ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﻓﻴﻞ ﻣﺴﺖ ﺳﻮﺭﻫﻴﻪ ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ ﺳﺰﺍ ڏﻳﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺟﻴڪﻮ ﺣُﺮ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺳﺎﻥ ﺣﺸﺮ ڪﻴﻮ، ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﺬڪﺮﻭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ڏﻳﭙﻼﺋﻲ، ڊﺍڪٽﺮ ﺑﻠﻮﭺ ﺻﺎﺣﺐ، ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻤﺮ ﭼﻨڊ، ﻟﻴﺎﻗﺖ ﺟﻮﮢﻴﺠﻮ، ﻧﻴڪﮡ ﻓﻘﻴﺮ، ﺍﺳﻠﻢ ﻋﺎﻗﻞ ﻫﻨﮝﻮﺭﺟﻮ، ﺣﺎﻓﻆ ﻣﻬﺮﺍﮠ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻣﻴﺮ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﻭﺍﺭﺍ ڪﺮﻱ ﭼُڪﺎ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ۾ ﺟﺮﻭﺍﺭﻱ ﺷﺎﺥ ﻭٽ ﻣﻴﺮﻭﺍﻫﻪ ﮔﻮﺭﭼﺎﮢﻲ ﺭﻭڊ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻣﻨﻬﻦ ڪﺒﻮ ﺗﻪ ﺗﻌﻠﻘﻲ ﭤﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻋﻤﺎﺭﺕ ﺟﻲ ﺍُﺗﺮﺋﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻥ ﺟﺎ ڪﻮﻧﻬﻪ ڪﻮﺍﺭٽﺮ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﻮ ﮄﻳﺎﻥ ﭘﺎﮠ ڏﺍﻧﻬﻦ ﮀڪﺎﺋﻴﻨﺪﺍ، ﺳﻨﮅ ۾ ﭔﻴﻦ ﺟﺎﻳﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﺍُﻥ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺣُﺮﻥ ﻓﻘﻴﺮﻥ ﮐﻲ ﻟﻮڙﻫﻲ ۾ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ. ﺗﻨﻬﻦ ﻟﻮڙﻫﻲ ۾ ﺑﻪ ﺣُﺮﻥ ﺗﻲ ڪﻴﺲ ﻫﻠﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ’ﺳﻨﮅ: ﻫڪ ﻋﺎﻡ ﺟﺎﺋﺰﻭ‘، ’ﺳﻨﮅ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ‘ ۽ ’ ﺣُﺮ ﮔﻮﺭﻳﻼ ﺗﺤﺮﻳڪ‘ ﺟﻬڙﻥ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ ﻟﻴﮑڪ ﺍﻳﭿ ٽﻲ ﻟﺌﻤﺒﺮڪ ﮐﺎﻥ ﺗﻪ ﺍﺳﻴﻦ ﻭﺍﻗﻒ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻭﺍﺭﻭ ’ ﺣﺮﻓﺘﻲ، ٽﻠﻲ، ﻟﺌﻤﺒﺮڪ‘ ﺟڏﻫﻦ ﺣُﺮ ﺳﺎﻥ ﻫﻢ ڪﻼﻡ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﻟﻢ ﻭﻟﺪ ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﻫﻮ . ۱۹۲۳ﻉ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻨﺪڙ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ﻣﺎﻥ ۱۹۴۰ﻉ ۾ ﻋﺜﻤﺎﻥ ﻋﻠﻲ ﺍﻧﺼﺎﺭﻱ ﺟﻬڙﻱ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺟﻲ ﺩﺳﺖِ ﺷﻔﻘﺖ ﻫﻴﭟ ﺍﻳﺠﻮڪﻴﺸﻦ ﺑﻮﺭڊ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺁﻑ ﺑﻤﺒﺌﻲ ﻣﺎﻥ ﻣﭥﺌﻴﻦ ڪﻼﺱ ۾ ﻣﺌٽﺮڪ ﭘﺎﺱ ڪﻨﺪڙ ﻫﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﺯﺑﺎﻥ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ٽﻲ ﺳﺎﻝ ﺭﻭﻳﻨﻴﻮ ۾ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺳﺮﻭﺱ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻟﺌﻤﺒﺮڪ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﻣﺎﻥ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ۽ ﻫﻤﺖ ﻭﺍﺭﻥ ﺣُﺮﻥ ﮐﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﻣﺎﻥ ﺳﻠﻴﺲ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺭﺍﻗﻢ ﺳﺎﻥ ﺭﻫﺎﮠ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﻟﻢ ( ﻣﺮﺣﻮﻡ) ﭔُﮅﺍﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ، ۴۰ ﺳﺎﻝ ﮔﺬﺭﮠ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱﺀَ ﺟﻮ ﺍﻫڙﻭ ﺍﻭﮐﻮ ﺍﮐﺮ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﻟﻐﺖ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻻڙﻭ ﭤﻴﻮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻱ ﻫﭕڪ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﻲ ﻫﺠﻲ . ۱۹۴۷ﻉ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺳﺮﻭﺱ ﮐﻲ ﺳﻮﺩﻣﻨﺪ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻱ ﺭﺋﻴﺲ ﻭڏﻱ ﻭﭸﻲ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭﺧﺎﺹ ڪﻼﭢ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﺩڪﺎﻥ ﮐﻮﻟﻴﻮ. ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺟﻨﺎﺡ ۽ ﺍﻳﻮﺏ ﺧﺎﻥ ۾ ﺟڏﻫﻦ ’ ﻭﻭٽﻦ ﺟﻲ ﻭﻳڙﻫﻪ ‘ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ، ﺗڏﻫﻦ ﻣﺎﺩﺭِ ﻣﻠﺖ ﻭﺭڪ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ۾ ﺍﻥ ڪﻼﭢ ﻫﺎﺋﻮﺱ ﺗﻲ ﭘﮡ ﻗﺪﻡ ﮔﻬﻤﺎﻳﺎ ﻫﺌﺎ. ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﻟﻢ ﺻﺎﺣﺐ ’ ﭘﻮﻧﺠﺎ ﺟﻲ ﭘﺘﺮﻱ‘ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻱ ’ﮐﻴﺲ ‘ ﺗﺤﻔﻲ ۾ ڏﻧﻮ. ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﻟﻢ ڪﭙڙﻱ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻓﻼﺣﻲ ڪﻤﻦ ﺟﻲ ﻓڪﺮ ۾ ﻟﮙﻲ ﻭﻳﻮ. ﺷﺎﻫﻪ ﻭﻟﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ۽ ﺭﻭٽﺮﻱ ڪﻠﺐ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ﺟﻬڙﻱ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺳﺮڪﻞ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ﭘﮡ ﺭﻫﻴﻮ. ﻋﻼﻣﻪ ﻋﻨﺎﻳﺖ ﺍﻟﻠﻪ ﻣﺸﺮﻗﻲﺀَ ﺟﻲ ﺧﺎڪﺴﺎﺭ ﺗﺤﺮﻳڪ ﺟﻲ ﺧﻴﺎﺑﺎﻥ ۾ ﺑﻪ ﺳﺮﮔﺮﻡ ﺭﻫﻴﻮ ۽ ﭘﮡ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺍﺳﻼﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﺪ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻣﺪﺍﺡ ﺭﻫﻴﻮ. ﺿﻴﺎﺀَ ﺷﺎﻫﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﺍﻋﻈﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺟﻮﮢﻴﺠﻲ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻫﻢ ڪﻼﺳﻲ ﻫﻮ . ۱۹۶۴ﻉ ﮐﺎﻥ ﺷﮕﺮ ﺟﻬڙﻱ ﻣﻮﺫﻱ ﻣﺮﺽ ﺳﺎﻥ ﻣﻬﺎڏﻭ ﺍٽڪﺎﺋﻴﻨﺪﻱ ۲۰۰۲ﻉ ۾ ﭔﺎﺟﻬﺎﺭﻱ ﮄﮢﻲ ﺟﻲ ﺣڪﻢ ﺳﺎﻥ ﻫُﻦ ﭘﺎﺭ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ