• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃا گاريون به نه ڏيان ؟؟؟

مثال طور خاڪي وردي وارن خوني راڪاسن کي ڪيئن دليل ڏيئي سمجهائجي ته سنڌ جي مسڪين ڌرتي ڌڻيئن نوجوان پٽن کي بيگناه نه مارڻ گهرجي.
اهي خونخوار راڪاس جن جا جبڙا انساني رت پيئڻ جا هيراڪ بنجي چڪا هجن تن کي ڪيئن سمجهائجي ته انساني زندگي ڪيڏي خوبصورت ۽ اهم هوندي آهي ۽ هڪ ڀيرو ئي ايندي آهي يا هر انسان جو اهيو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي زندگي جيئي.

مثال طور پنجابي ۽ پٺاڻ ڌاڙيلن کي ڪهڙا دليل ڏيئي چئجي ته سنڌ صرف سنڌيئن جو ملڪ آهي ان جي وسيلن تي سڀ کان پهرين ان ڌرتي جي اصل ڌڻيئن جو حق آهي، سندن ان حق تي ڌاڙا نه هڻو نه ئي سندن وسيلا لٽي کين بکن، بيماريئن، غربت، جهالت ۽ بيوسي جي انڌيري غار ۾ ڦٽي ڪيو.

مثال طور مائي ڪلاچي تي قابض رات جي رهزن راڪاس فاشي قاتلن کي ڪهڙن دليلن سان سمجهائجي ته ڀائي لوڪو توهان ته ڪاله آيا آهيو پر هي شهر اسان جي ابن ڏاڏن پڙ ڏاڏن، مورڙي ميربحر سان گڏجي پنهنجي خون ۽ پگهر سان آباد ڪيو هو، انهن جي پوٽن، پڙ پوٽن، ڏوهٽن پڙ ڏوهٽن کي هن شهر جي نعمتن، نوڪريئن، تعليم ۽ وسيلن سميت هر شئي تي پهريون حق آهي. کانئن اهيو حق ڇنڻ جو توهان کي ڪو به قانوني، اخلاقي، انساني حق هرگز ناهي.

مثال طور ٿر جي ڪاري واسينگ نانگ کي پيار جو ڪهڙيون مرليون ٻڌائجن ته ميان نانگ سڀ کان پهرين ته تو ئي کير پيئڻ جي شوق ۽ هوس ۾ سنڌ جي وحدت ۽ حرمت کي ڏنگ هنيان ، هاڻي جڏهن اهيو کير کسجي ويو اٿيئي ته نانگ بجاءِ سهڻو مور ٿيئڻ وارو دوکو نه ڏئي.

مثال طور جنگشاهي جي نسيم نگري بدبودار ٽرڙن پليتن کي ڪهڙن دليلن سان سمجهائجي ته راولپنڊي ۽ آب پاري وارن وحشي ڪاسائي ، مڪار شيطانن جي ڀڙوت وارو ڌنڌو بند ڪري سنڌ ڌرتي کي رت ۽ باه جي جهنم بنائڻ کان پاسو ڪريو نه ته تاريخ ۾ سنڌ جا ايندڙ نسل توهان جو منحوس نانوءَ ٻڌندي ئي الٽي ڪندا.

مثال طور انهن گنجن، منڊن، ٿٿن ۽ ٻاتن ڪوڙن ڪونڌرن ۽ پگهاردار ونگاريئن کي ڪهڙا دليل ڏجن ته ميان ڪارا، منڊا ۽ گنجا ڪئپٽنو، ماڻهو جا پٽ ٿيو سنڌ سان سنڌ جو نالو وٺي هيڏي خيانت نه ڪريو. پنهنجي خاڪي وردي وارن اصل مالڪن جي مس ڪال تي منڊڪ منڊڪ ۽ ٿٿ ٿٿ ڪندي اهيا شرارت واري شپ شپ نه ڪيو نه ئي خدا جي مخلوق کي سنڌيت جي نانوءَ تي بيوقوف بنايو.

ها برابر گاريون ڏيئڻ عيب واري ڳاله آهي ۽ گهڻن انسانن جيان مون ۾ به عيب اپار آهن پر ڇا ڪجي انسان بيوس به ٿي ويندو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته قلم کي نرم آڱريئن سان جهلي دليلن سان، مهذب انداز ۾ لکان پر هي هيڏا سارا هاڃا دل ۾ نفرتن جا جيڪي طوفان اٿارين ٿا ، هي سڀ ڏسي اکيون رتو رت ٿي وڃن ٿيون، خبر ناهي ان جو علاج ڪهڙي حڪيم کان ڪرائجي. پر هڪ ڳاله سا ضرور آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي گاريون دل تي ڇانيئل نفرت جي هيڏي ڳري پهاڙ جي بوجه ۽ بار کي هلڪو ضرور ڪنديون آهن.
 
Back
Top