عرض اهو آهي ته ”نادرا“ جي قانون تحت مستقل ائڊريس هيٺ ڏنل شرطن تي مٽجي سگھجي ٿي جنهن کان پوءِ هر ان شهريءَ جو ووٽ ان مستقل ائڊريس تي درج ڪيو ويندو آهي. نمبر هڪ ته: ڪو به اهڙو شهري جيڪو ٽن سالن کان وڌيڪ پنهنجو ڳوٺ، اصلوڪو شهر ڇڏي ڪنهن ٻي شهر يا هنڌ نوڪري يا ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش ڪري ٿو سو پنهنجي مستقل ائڊريس تبديل ڪرائڻ جو حق رکي ٿو. نبمر ٻه ته: هو ڪابه پراپرٽي سند، نوڪريءَ جو آرڊر، ڪوارٽر جي الاٽمينٽ سرٽيفيڪيٽ يا اهڙو ڪو به دستاويز پيش ڪندو جنهن سان سندس رهائش سرڪاري حساب سان گذريل ٽن سالن کان وڌيڪ ڏيکاريل هجي ته هو سندس ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ تي درج ڪيل پراڻي ائڊريس مٽي مستقل ائڊريس نئين شهر جي ڪندا. هاڻي مٿين شرطن کي جي ڏسجي ٿو ته اسان جا سنڌي ڀائر گذريل ڪيئي سالن کان ڪراچي ۾ روزي ڪري رهيا آهن. پر سندن شناختي ڪارڊ ساڳيا ئي سندن ڳوٺن يا شهرن جا ٺهيل آهن. اها مڪمل اسان جي لاغرضائي آهي، جنهن جو ڏوهه نه ته آصف زرداريءَ جو آهي نه وري قائم علي شاهه جو! اها مڪمل طور تي اسان جي ذميواري آهي جيڪا صرف اسان پاڻ ئي ڪري سگھون ٿا. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”پڄي آءُ نه سگھان ۽ لعنت وري گوڏن کي“! ڪجھ پنهنجا به فرض سڃاڻو. الائي ڪٿان جا ڌاريا اچي سڙڪن، اگھاڙن روڊن تي سمهي پنهنجا شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ مگن آهن پر اسان جي حالت اها آهي ته گھر کان نڪري اهو ڪم ڪونه ڪندا سين! اليڪشن جو وقت ايندو ته ڳوٺ ڀڄڻ جي ڪبي ڄڻ ته اسان وارو نام نهاد ”ڍينگڙو خان مٽيئرو“ اسان جي ووٽ کان سواءِ سر سامونڊي پيو ڳائيندو... ”سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين....“ مهرباني ڪري پنهنجي دل پڪي ڪريو، عيدن مرادن تي ڳوٺ اوهان کان سواءِ چنڊ ضرور اڀرندو، هاڻي اها پراڻ پرستي بند ڪريو. هاڻي پاڻي اچي سيني تي بيٺو آهي، وارو وارو نه ڪندئو ته ويندي سنڌ هٿن مان... سو مڙسي ڪريو.. ڪراچي نه ڇڏيو. ڪيترا مرنداسين؟ ٻه سئو؟ ٽي سئو؟ هڪ هزار؟ ٻه هزار؟ گهڻا؟ کوڙ کرڙيون هڻندي مرن ٿا... هر روز ڪتي موت واهيات رسمن تي الائي ڪيترا مرن ٿا.. خير آهي... اوهان ڪونه مرندا، اوهان سدائين جيئرا آهيو، جيئرا ئي رهندا... سو مهرباني ڪري اجائي ”وطن (ڳوٺ) جي اڪير“ کي پاسيرو ڪري ڪراچيءَ کي به پنهنجو ڪريو. اتي عيدون ملهايو، اتي رهي پئو.... الله به آهي سائين! سنڌ پنهنجي آهي، پنهنجي ئي رهندي! ڪراچيءَ جا اصل وارث اسان آهيون، ڪوبه ٻيو ناهي! خدا خدا ڪريو! يار پنهنجي ڍڳي ڪهيو ڌاريا ويٺا ٿا هوڪا ڏين ۽ اسان پرتي بيٺا تماشبين ٿي حڪمرانن ٿي لعنت ملامت ڪرڻ کان سوا ڪيون ڇا ٿا؟ سو مڙسي ڪريو.... پنهنجا شناختي ڪارڊ ڪراچيءَ جا ٺهرايو، ووٽ اتي داخل ڪرايو، پنهنجي ٻولي سنڌي لکرايو. عيدون ڪراچيءَ ۾ ملهايو... ها عيد گذري ته ڪجهه ڏينهن ڀلي ڳوٺان نوان تاذا ٿي وڃو. بس اهو عرض ڪرڻو هئو.... ياد رکو، صبحاڻي الله پناهه ڏي، ڪراچي جي هٿان وڃي ٿي ته اوهان به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ليکبئو.