سٻاجهڙي سنڌ کي پ پ مان پهتل نقصان!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سٻاجهڙي سنڌ کي پ پ مان پهتل نقصان!!!!
    چنيسر آريسر

    عوام سان دوکن جو جهان ته ورهين کان وٺي آباد آهي. سال ٿي ويا آهن. جو ڪڏهن به ڪنهن سچائي جو سڏ ناهي ورنايو، اهي ماڻهو جيڪي عوام کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي ووٽ وٺندا رهيا آهن. انهن به ته سدائين دوکن جو جهان آباد ڪيو آهي. علامه اقبال به گهڻو اڳ”ڪردار ڪا غازي بن نه سڪا“ واري ڳالهه ڪئي هئي. پر اڄ به جڏهن گفتار جا غازي ڏسون ٿا ته سندس ڳالهه ياد اچي ٿي، هونئن به ڏسجي ته هر ڪو ماڻهو سيني تي هٿ رکي چئي ڏيندو آهي ته:

    سچائي جا سهرا ٻڌو منهن مٿان

    هڻڻ ڪوڙ بيشڪ برو ٿو لڳي.

    پر ان ڳالهه تي عمل تمام گهٽ ماڻهو ئي ڪري سگهندا آهن، اهي ماڻهو جن سچائي جي خاطر عظيم قربانيون ڏنيون ۽ جن پنهنجا سر جهڪڻ کان پهرين ڪٽائي ڇڏيا. سچ ته اهي ماڻهو ڏاڍا املهه هئا، پر اڄوڪي زماني ۾ جڏهن دنيا ترقي ڪري وڃي چنڊ تي پهتي آهي. تڏهن سچائي اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي. اڳي ته ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ واري ڳالهه هوندي هئي پر هاڻ سچائي جا سڏ ورنائڻ جي سگهه ڪنهن ۾ به ناهي رهي. ماضي تي نظر ڊوڙائي ڏسجي ته اها خبر پوندي ته سنڌ جا ماڻهو سچائي جي مٿان سدائين سر گهرندا رهيا آهن. انهن ڪڏهن به ڪنهن جي غلامي ته نه قبولي، پر تڏهن به انهن پاڻ مٿان زوري مڙهيل فيصلا قبول ڪيا آهن، اهو فقط انهي ڪري جو هاڻ ملڪ جون حالتون تبديل ٿي چڪيون، ڳڀي جي ڳولا ۾ مصروف رهندڙ مسڪين ماڻهو حڪومتي فيصلن کان انڪار ڪن اهو ته ممڪن ئي ناهي.

    پ پ ماضي ۾ توڙي جو سنڌ جي عوام کي فائدو رسايو هجي پر ويجهڙائي ۾ جيڪو عوام ۽ سنڌ کي پ پ مان نقصان پهتو آهي. ان جو ازالو ممڪن ئي ناهي. اڃان تائين عوام مفلسي واري عذاب مان نه نڪتو آهي. مٿان وري هر روز جي وڌندڙ مهانگائي به عوام جون متيون منجهائي ٿي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري تحت سنڌ جون حڪومتي واڳون سنڀاليندڙ پ پ پنهنجي منشور تي عمل به نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ عوام کي فائدو ڪٿان پهچائي سگهندي.؟ ڏکن هاڻي هن ڏيهه ۾ مفلسي جو عذاب ڀوڳيندڙ عوام به سدائين ننڍڻڪاين جي نانگن هٿن ڪکجي بي موت مئو آهي. پر الائي ڇو تڏهن به سنڌ جي ماڻهن سجاڳي سڏ نه ورنايا آهن.

    پ پ جي ڪراچي ۾ ٿيل جلسي ۾ توڙي جو ماڻهن جو وڏو هجوم نظر آيو پر تڏهن به اتي جيڪا بدانتظامي هئي سچ ته سنڌ ۾ ان کان به وڌيڪ بدانتظامي آهي، ڪنهن کان ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي. ڪارڪن يا عوام ڪراچي ۾ جلسي گاهه تائين ڪيئن پهتو اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي جنهن تي ڪنهن ٻي مهل قلم کڻبو. پر ان ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته جلسي واري اعلان آفيسرن سان ڪهڙو حشر ڪيو. پ پ جي جلسي جو خرچ نه بلاول برداشت ڪيو نه وري پئسا زرداري جي اڪائونٽ مان خرچ ڪيا ويا. اصل ۾ جلسي جو سمورو خرچ سنڌ ۾ مختلف عهدن تي مقرر آفيسرن کي برداشت ڪرڻو پيو. ننڍي مان ننڍي آفيسر تي به 5 لک روپيه رکيا ويا. زهر جو ڪڙو ڍڪ پي پنهنجي آفيسري بچائڻ جي لاءِ آفيسرن اهي پئسا ته ڏيئي ڇڏيا آهن؟ پر هاڻ اهي آفيسر سڀني پڇاڻن کان آجا ٿي مسڪين عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريندا. عوام ويچارو ڪراچي واري جلسي مان تقريرون ٻڌي موٽي آيو. پر ان کي ڪهڙي خبر ته جلسي کان پوءِ هٿ سان حشر ٿيندو.

    پ پ وارا اڪثر عمران خان کي اهو طعنو ڏيندا رهن ٿا. عمران جلسي ۾ اچي نينگريون نچائي ٿو. پر جنهن وقت پ پ جو جلسو هليو پيو ان وقت ٽي وي اسڪرين جا اهي منظر ڀلا ڪنهن وساريا هوندا. جن منظرن ۾ عورتن رقص ڪيو ٿي سنڌ واسين وساريو ته ان شرميلا فاروقي کي به ناهي جيڪا ٻه ڏينهن پهرين سنڌ اسيمبلي ۾ هجرت کي ياد ڪندي رني هئي. اها ئي ته شرميلا فاروقي آهي جنهن عمران جي جلسي ۾ ٿيندڙ رقص تي الائي ته ڪيترا اعتراض واريا هئا. پر ان به پاڻ بلاول جي جلسي ۾ جهومي ڏنو هو، تڏهن مون کي اردو جو اهو جملو ڏاڍو ياد آيو هو ته”هم ڪرين تو مجره، آپ ڪرو تو رقص“ پ پ جو اهو جلسو توڙي جو”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ واري نعري تحت ڪرايو ويو هو. پر عجيب الميو ته اهوئي هيو ته ان جلسي ۾ ڪنهن به سنڌ بچائڻ ۽ سنڌ سنوارڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، بس سياست جي سياسي سحر جون اهڙيون ڳالهيون هيون جن کي سنڌ جو عوام اڃان تائين سمجهي به نه سگهيو آهي. هونئن به ورهين کان وٺي عوام کان اٽي ۽ لٽي جي نعري تحت ووٽ وٺي پ پ حڪومت ڪندي پئي اچي. چونڊيل نمائنده ووٽ وٺڻ کان پوءِ ائين وڃائجي ويندا آهن. جيئن ڪو ننڍو ٻار شهر جي شور ۾ وڃائجي ويندو آهي.

    ڪارڪنن جي قربانين عيوض اقتدار تائين پهچندڙ پ پ قيادت پنهنجي ڪارڪنن جي رت سان جيڪا ناانصافي ڪئي آهي ان جو ازالو ممڪن ئي ناهي ڇو ته ڪارساز جي شهيدن جا ٻار اڃان تائين اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم آهن. اڃان تائين ته شهيد راڻي بينظير جي قاتلن کي به گرفتار نه ٿي ڪرائي سگهي. ان حالت ۾ مسڪين ماڻهو ڀلا انصاف جي اميد ڪيئن ۽ ڪهڙي نمون ڪن.؟ پ پ جي قيادت جيڪڏهن شهيد راڻي جي خون سان انصاف ڪري ها ته کڻي مڃجي ها. واقعي هنن ماڻهن انصاف جي تقاضا پوري ڪئي آهي پر انهن ته ڪنهن به موڙ تي ڪو انصاف جوڳو فيصلو ڪيو ئي ناهي. سموري سنڌ جا ماڻهو لاوارثين جي رڻ ۾ بي موت مرن پيا. انهن وٽ جيئڻ جو ڏنءُ توڙي جو ناهي، توڙي جو مفلسي جي عالم ۾ هنن بکن ۾ پاهه ٿي راتيون گذاريون آهن، پر تڏهن به وفاداري جو عظيم مثال سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن اهڙو ته قائم ڪري ڇڏيو آهي جو ان جهڙو مثال دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ لڀي ڪونه سگهندو.؟ عجيب الميو ته اهو به آهي جو ان وفاداري سان هن سٻاجهڙي سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي وڏو نقصان پهتو آهي.

    رات جي سانت ۾ ستارا جڏهن نروار ٿيندا آهن، جڏهن به اتر جا واءُ ورندا آهن. تڏهن درد پنهنجي نرالي ۽ نئين تاريخ قلمبند ڪندو آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم ماڻهو سياري جي سرد راتين ۾ سراپا سور بڻجي پوندا آهن، تڏهن ڀٽ جو ڀٽائي به چئي ڏيندو آ:

    اتر ڏني اوت نه مون سوڙ نه گبرو

    چارئي چني پوت، مون ريڙهيندي رات وئي.

    هن ڀيري به سنڌ جي ساڳئي حالت آهي. سنڌ جا انيڪ پر سال جيان هن سال به سخت سردي جو عذاب ڀوڳيندي حياتي تان به هٿ کڻي ويندا. ڪيترائي ماڻهو سخت سيءَ ۾ سٽجڻ باوجود جيئڻ جا جتن ڪندا، ممڪن آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي پ پ حڪومت هن ڀيري به وساري ڇڏي. ڇو ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن کان مسڪين ماڻهن کي وسارڻ وارو سلسلو هلندڙ آهي. ڇو ته جيڪڏهن حڪومتي عملدار سار جا سڳا سورين ٿا ته پوءِ انهن کي مسڪين ماڻهن جي واهر ڪرڻي پوي ٿي. چونڊيل نمائنده مسڪين ماڻهن جي واهر ته نٿا ڪن پر اهي پاڻ به دولت گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ آفيسرن کان ڀتو وصول ڪندا رهن ٿا. ڀلا اوهان پاڻ انصاف ڪيو. جنهن ملڪ جا وزير به ڀتو وٺندا هجن. ان ملڪ ۾ ڏوهاري ڀتو وٺڻ کان ڪيئن ٿا رڪجي سگهن.؟

    پ پ جي ڪراچي واري جلسي لاءِ ڀتو وصول ڪيو ويو هو، مختلف کاتن جي آفيسرن حڪومتي عملدارن کي لکين روپيه ڏنا هئا، هاڻ اهي آفيسر اهو پئسو عوام مان ئي ڪڍندا. اهو نئون عذاب به عوام ڀوڳيندو، عوام جيڪو صدين کان وٺي سور ڀوڳيندو پيو اچي. اهو عوام جنهن وٽ ڏکن جا الڳ ۽ منفرد داستان آهن. اهو عوام جنهن ساهه به ڄڻ سڏڪا بڻجي چڪو آهي. تڏهن به اڃان رت باقي آهي. جيسين مسڪين عوام جي جسم ۾ رت موجود آهي شايد تيستائين اهو عذاب پيو ڀوڳبو. اهي جلسا ائين پيا ٿيندا. سنڌ جا سٻاجهڙا ماڻهو ناهن. نعرن تي نچندا ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه سياسي اڳواڻن تي نڇاور ڪري ڳوٺن جو رخ ڪندا. جتي قرض جهڙو مرض سندن منتظر هوندو جنهن کي لاهيندي لاهيندي ڪيتريون ئي نسلون ختم ٿي وينديون، اهو سلسلو نه ڄاڻ ڪيترن صدين تائين هلندو.؟ تقدير تبديل ٿيڻ جي آس ۾ جاڳندڙ الائي ته ڪيتريون اکيون اجهامي وينديون ۽ الائي ته ڪيترن ماڻهن جا من مري کپي ويندا. اهو تسلسل جاري رهندو. سورن هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو. سجاڳي جا سڏ ورنائي نئين منزل جي تلاش ۾ نڪرڻو پوندو. سياست جي پراڻن پنڊتن کان پاڻ کي آجو ڪرائي ڪنهن نئين قيادت ڏي ڌيان ڌرڻو پوندو. ووٽ جي طاقت کان آشنا ٿي اسيمبلين وارن مورچن تي انهن ماڻهن کي اماڻڻو پوندو. جن وٽ دردوند دل هوندي. اها دل جيڪا فقط ملڪ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ڌڙڪندي. سچ ته انهي وقت انقلاب اچي ويندو. ان انقلاب کان پوءِ ڪوبه مسڪين ماڻهن سياري جي سرد رات ۾ سردي هٿان سٽجي بي موت نه مرندو ۽ ڪوبه بکن ۾ پاهه ٿي پنهنجي زندگي کان هٿ نه کڻندو. تڏهن هي جند جهڙي سنڌ درد وندي جو ديس نه پر سکن ڀريو ديس بڻجي ويندي ۽ اسين سڀ خوشحال زندگي گذارينداسين.
    (روزاني مهراڻ تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو