شاهنواز خاصخيلي جي خوبصورت شاعري

سچل ماڇي

سينيئر رڪن
شاعر _ شاهنواز خاصخيلي،

.ھو گھونگھٽ مان گذري نھارون اچن پيون
.خيالن جون ڪيئي اڏارون اچن پيون

ترائيءَ تي ترسي پئي شام آھي،
.پريان ڏس ته ڪونجن قطارون اچن پيون

نه ھي رات رھندي صبح نيٺ ٿيندو،
.وڻن مان پرھ جون پچارون اچن پيون

اڃان ناوَ پنھنجي پتڻ ڪين پھتي،
.پَرينءَ ڀر کان ڪنھن جون پُڪارون اچن پيون

ٻه ٽي پن پيلا ڇڻي پيا ته ڇاھي،
.نوان گونچ ڦٽندا، بھارون اچن پيون

view
view
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top