جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
لنڊن( پ ر) ”پا ڪستان جو انتهاپسند سرشتو ، اصلوڪن سنڌين جي شناخت ۽ خطي جو امن “ جي عنوان هيٺ ورلڊسنڌي ڪانگريس جي 26 سالياني ڪانفرنس 1 نومبر 2014 تي ڪنگسلي حال لنڊن برطانيه ۾ ٿي رهي جنهن سنڌ توڙي دنيا جي مختلف حصن مان انساني حقن جا نمائندا، سياسي ڪارڪن ۽ اديب، دانشور موضوع ۽ هاڻوڪين سنڌ جي حالتن تي پيپر پڙهندا ۽ خطاب ڪندا، ورلڊسنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر لکومل لوهاڻي چيو آهي ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي تذليل ڪري رهي ائين نه ٿئي جو کين سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه مهانگي پئجي وڃي، هجرت ۽ مهاجرازم سان پيار ڪندڙن کي هڪ ٻي هجرت نه ڪرڻي پئجي وڃي، ورلڊسنڌي ڪانگريس ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي خلاف سازش تي خاموش نه ويهندا.