محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي ـ 02

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    پين سان ملهه وڙهڻ:
    تن ڏينهن ۾ بال پوائنٽ جو رواج ڪونه هو ـ گھڻو ڪري مَس واري پين ڪتب آندي ويندي هئي جنهن کي انڊپين (فائونٽين پين) ڪوٺبو هو ـ ڳوٺ ۾ اسان جي گهر جي بلڪل سامهون پير بخش سيال (ريٽائرڊ پوليس صوبيدار) رهندو هو ـ سندس هڪ پٽ هو جنهن جو نالو غلام رسول سيال هو، سو ڳوٺ جي اسڪول ۾ اسان سان گڏ پڙهندو هو ـ اهو اسڪول 1942 ڌاري قائم ٿيو ۽ چون ٿا ته شمس العلماءُ محمد بن عمر دائودپوٽو جنهن جو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار هو، سو پڻ انهيءَ اسڪول ۾ آيو هو ـ
    غلام رسول مرحوم جيڪو گھڻو وقت پوءِ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو سو اسڪول واري زماني ۾ سدائين پين تي ايترو ته زور ڏئي لکندو هو جو پين ويچاري جو نب ئي ڀڃي ڇڏيندو هو ۽ اهڙي ريت هن ڪيتريون ئي پينون شهيد ڪري ڇڏيون ـ هڪ ڀيري ڀر واري، ڪلهوڙن جي ڳوٺ ۾ راشن ڪارڊ تي کنڊ وٺڻ لاءِ ويو، رجسٽر تي صحيح ڪرڻي هئس سو پين جي نب تي ايترو ته زور ڏئي صحيح ڪيائين جو نب جي چيلهه ئي ڀڃي ڇڏيائين ـ سندس اهو ڪارنامو ويجھڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ به مشهور ٿيو ـ

    ڇا ته ڦار هئي.....!!
    اسان جي ڳوٺ ۾ پير بخش سيال ۽ سندس ڀاءُ جان محمد سيال جي والدهه ڀرائي رهندي هئي جيڪا ڦار وجھڻ ۾ ماهر هئي ـ ٻڍڙي کاٻي هٿ تي سائو پن يا ذرو سائو گاهه رکي، ساڄي هٿ جي گرانٺ سان ان کي ماپيندي هئي ـ جيڪڏهن سندس ساڄو هٿ، کاٻي هٿ کان وڌي ويندو هو ته جواب هاڪار ۾ پر جيڪڏهن کٽي پوندو ته جواب ۾ ناڪار ۾ ليکبو هو ـ ٻڍڙي سڄي ڳوٺ توڙي ويجھڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڦار ۾ آزمايل هئي ۽ سندس ڦار هڪ ٽڪ ليکي ويندي هئي، مجال آهي جو ڪڏهن به غلط ثابت ٿئي ـ
    هڪ ڀيري اسان ٻارن پاڻ ۾ راند ڪئي سون ته ويندي مهل ڪنهن ٻار جي چپل اسان جي گھر ۾ وسري وئي ۽ پوءِ اسان انهيءَ ٻڍڙي کان ڦار ڪڍرائي سون جنهن جو چوڻ هو ته اها چپل اوهان جي گھر ۾ وسري وئي آهي، مان پنهنجي گھر ويس ته اها ڳالهه به سچي ثابت ٿي ـ

    نڪ ڪپيل عورت:
    اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ڪنڀر رهندو هو جنهن جو نالو الهه بخش هو ـ سندس زال جو نڪ ڪپيل هوندو هو جيڪا سدائين نڪ تي ڪپڙو ڏئي هلندي هئي ـ پڇڻ تي پتو پيو ته مائي ڪنهن سان ’کريل ‘ هئي سو سندن مڙس سندس نڪ ڪپي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ ڪٿان لڏي اچي اسان واري ڳوٺ ۾ رهيو هو ـ تن ڏينهن ۾ نڪ ڪپڻ جو رواج هو پر اها خبر ته الله سائين، مائي سڳوري ۽ سندس مڙس کي ته مائي سچ پچ کريل هئي يا سندس مڙس شڪ ۾ ئي سندس نڪ ڪپي ڇڏيو هو ـ

    مهَريَ فقير جو سندس عشق:
    اسان جي ڳوٺ ۾ مهَرو فقير رهندو هو جيڪو ذات جو سيال هو ـ هو فقير ڪيئن بڻيو ، تنهن جو به هڪ دلچسپ داستان آهي ـ چون ٿا ته ڪنهن عورت سان عشق ٿي پيس پر اهي ماڻهو ڪجھه وقت کانپوءِ لڏي ڪنهن ٻئي پاسي هليا ويا ـ
    مهَريَ سيال تي عشق جو ڀوت چڙهي چڪو هو، جيڪو لهڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، همراهه دل جي هٿان ڏاڍو مجبور ٿي پيو ـ دل کي گھڻو ئي سمجهايائين پر وريس ڪجھه به ڪونه ـ آخر مجبور ٿي ڪشتو کڻي جهرجھنگ منهن ڪيائين ـ. چون ٿا ته نيٺ انهيءَ پوپريءَ کي ڳولهي لڌائين جنهن کيس ٻڌايو ته هاڻ هو پنهنجي مڙس سان خوش آهي، اجايو رڌڻي ۾ رولو نه وجھه، ڏاهو ٿي ۽ پنهنجي گھر جا وڃي وڻ وساءِ . مهَرو فقير ڪو سمجھدار هو جو پوپريءَ جي پچار ڇڏي ڳوٺ ۾ موٽي آيو پر اسان ڏٺو ته رهيل حياتي به فقيرن وارو ويس پهريندو هو ۽ ماني به ڪِشتيَ ۾ کائيندو هو ـ
    .....................................................
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڦار واري ڳالهه تي ياد آيو ته اسان وٽ به منهنجو مامو اهڙي ئي ڦار وجهندو هو ... پوء ايئن ٿيو جو ڪنهن مائيء جو ڦار ۾ چوريء جي زيورن ۾ نالو نڪتو اتان زري گهٽ جهيڙو ٿيندي ٿيندي بچيو .... اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري ان ڪم ۾ ٻيهر هٿ ڪونه وڌو اٿائين.

    تمام سٺو پيا ڪيو جو ساروڻيون ۽ يادو قلمبند پيا ڪريو ... انداز به سٺو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ها سائين محمد خان سيال ۽ سليمان وساڻ صاحب اوهان جي اها ڦار واري ڳالهه تان مونکي به ياد آيو ته منهنجو به چاچو ڦار وجهندو هو، ان سان به ساڳي سليمان وساڻ جي مامي واري ڪار ٿي پو يڪو هٿ کڻي ويو


    تمام سهڻيون يادگيريون سائين محمد خان سيال صاحب
     
  4. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين....چڱو ڪيائين جو ڦار وجھڻ ڇڏي ڏنائين نه ته پوي ها اجايو ڏچي ۾...!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو