ڇا جڏهن سنڌ هٿن ۾ نڪري ويندي تڏهن سجاڳ ٿينداسين؟؟؟ ڪامريڊ عبدالمنان چانڊيو ڏٺو وڃي ته 5 جولاءِ 1977ع جي اڀاڳي ڏينهن جتي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي عوامي حڪومت تي راتاهو هڻي 11 سالن تائين ملڪ مٿان مارشل لا راڄ قائم ڪيو ۽ بعد ۾ ڀٽو کي عدالت هٿان قتل ڪرائي، هڪ ڪبيره گناهه ڪيو ۽ انهن ظلمن کان علاوه ضياءَالحق پاران سنڌ ۽ سنڌين جي جسم تي اهڙيون ته زهريلي ڄورون چهٽايون جيڪي 17 آگسٽ 1988ع جي ڏينهن تي ضياءَ جو هوا ۾ پرزا پرزا ٿيڻ کانپوءِ به اڄ تائين سنڌي عوام جو رت چوسينديون پيون اچن. يعني هڪ پاسي جنرل ضياءَآمريڪي سامراج جي اشاري تي ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد ۽ نسل پرست گروهه جو وجود ٺهرايو ته، ٻي پاسي سنڌ جي غدار عوام دشمن سردارن، ڀوتارن، رئيسن پيرن ۽ جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪري انهن کي پوليس ۽ ادارن جي خرچ تي سنڌ اندر ڌاڙيلن، ڦوروئن، لٽيرن چورن چڪارن ۽ ٻين سماج دشمن عنصرن جي سرپرستي ڪرڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو ۽ ٽئين طرف سنڌ ۽ سنڌين جي تعليم جو ٻيڙو غرق ڪرڻ لاءِ ڪاپي ڪلچر جو رواج وجهڻ کانسواءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مار ڌاڙ ۽ ڀتاخوري جو ماحول پيدا ڪري اتي ڄٽن نااهلن ۽ ڪرمنلز جي هڪ فوج تيار ڪري ڇڏي ۽ صورتحال اتي وڃي پهتي ته جن تعليمي ادارن مان اڳ ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، ليڪچرار، سائنسدان ۽ ٻيا اعليٰ دماغ نوجوان فارغ التحصيل ٿي نڪري سنڌ سنڌي قوم ۽ عوام جي فلاح بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندا هيا اتان عاشق جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن جا لاش نڪرندا رهيا، پاڻ جيڪڏهن آمرن جي ظلم جي هر هڪ ڇڏيل نشاني تي لکنداسين ته ظلمن ۽ بغدادن جا وڏا داستان جڙي پوندا ۽ معاملو ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي ويندو، ان ڪري صرف ايم ڪيو ايم جهڙي انمول سوکڙي تي ڪجهه لکنداسين. اسان جي نظر ۾ سياسي پارٽيون، ادبي سماجي تنظيمون ۽ سماج سڌارڪ تحريڪون ٺاهڻ هر هڪ قوم قبيلي گروهه جو انساني جمهوري آئيني قانوني ۽ ذاتي حق آهي. پر شرط اهو آهي ته اهڙي پارٽي تنظيم ۽ تحريڪ ٻين قومن قبيلن لاءِ به اصولن تي عمل پيرا هجي، ليڪن ايم ڪيوا يم جي وجود کان هن وقت تائين ڪارگذارين طريقن ۽ حرڪتن تي نظر وجهنداسين ته پتو پوندو ته هن جو جود غير فطري غير جمهوري ۽ ٻين قومن خصوصن سنڌي قوم جي تاريخي، قومي وحدانيت ۽ قومي تشخصن تي وار ڪرڻ آهي. اسان ايم ڪيو ايم کي ان ڪري غير فطري چئون ٿا ته ان جي قيام جو خاص مقصد سنڌي قوم جي هزارين سالن جي ثقافت تهذيب تمدن ۽ جاگرافائي حدن سان هٿ چراند ڪرڻ هيو ۽ هن کي غير جمهوري ان لاءِ ٿا سمجهون ته ان کي جنرل ضياءَالحق جهڙي ظالم ڊڪٽيٽر جي آشيرواد حاصل هئي ۽ ٻيو وري ان جي واڌ ويجهه ۾ وري هڪ ٻئي آمر پرويز جو سهڪار ۽ تعاون رهيو ۽ ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جو پ پ ن ليگ ۽ ق ليگ جي حڪومت سان گڏ رهڻ وارو عرصو به غير جمهوري حرڪتون ڪرڻ ۽ سياسي بليڪ ميلنگ تي مبني هو، اهي خطرناڪ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ايم ڪيو ايم وقت به وقت ڪراچي صوبو، مهاجر صوبو، ڏکڻ صوبو ٺاهڻ جي گهر سان گڏوگڏ سنڌ اندر پ پ سرڪار تي سياسي پريشر وجهي رحمان ملڪ، بابر اعواڻ هٿان ٻٽو مقامي نظام مڙهڻ ۽ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي ڳالهه ڪري سنڌي قوم ۽ عوام دشمني جو چٽو ثبوت ڏيندي رهي آهي. ماضي جا قصا ڪهاڻيون ۽ چڙ ڏياريندڙ ايم ڪيو ايم جون محبتون به سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ناقابل قبول هيون ۽ آهن. پر تازو 18 آڪٽوبر تي بلاول ڀٽو عرف زرداري پنهنجي ڀرپور سياسي آغاز ڪرڻ واري تڪراري ۽ حقيقتن جي ابتڙ جيڪا ڊگهي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن پ پ جي اڳوڻي وفاقي ۽ موجوده سنڌ سرڪار جي بيڊ گورننس ۽ انتهائي مايوس ڪن ڪارڪردگي تي ٻڙڪ به ٻاهر ڪا نه ڪڍي پر ن ليگ عمران خان قادري کانسواءِ ايم ڪيو ايم تي تيز ۽ شوخ لفظن جا تير وسائي ڇڏيا، جنهن تي ڀائي لوگ تنقيد جو جواب مثالي دليلن سياسي سهپ خوداعتمادي جمهوري ۽ مهذب انداز ۾ ڏيڻ بجاءِ پنهنجي اصليت ظاهر ڪرڻ آئيني قانوني ۽ اخلاقي ڏيوال پڻي جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي ورهاڱي جي گهر ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي ڪاوڙائي ڇڏيو. جنهن کانپوءِ سنڌ پرستن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته جيڪڏهن 67 سالن تائين به مهاجر هجڻ جا دعويدار ايم ڪيو ايم جي قيادت مهاجرن واري خول مان ٻاهر ناهي نڪتي ته پوءِ کين دنيا جي مهاجرن واري قانون ۽ حيثيت موجب يا ته پناهگير ڪئمپن تائين محدود ٿي رهڻ گهرجي يا ته وري هو جتان غير فطري طور تي لڏپلاڻ ڪري آيا آهن، کين اهي وڃي وڻ وسائڻ گهرجن، اسان جي نظر ۾ بلاول ڀٽو جي اليڪشني تقرير کانپوءِ ايم ڪيو ايم وارن ”ڪاڏي منهن مريم جو ۽ ڪاڏي ٽنڊوالهيار“ واري پراڻي چواڻي موجب ڪٿي بلاول جي تقرير ۽ ايم ڪيوا يم جو سنڌ سرڪار کان ڌار ٿيڻ ته خير جي ڳالهه آهي، پر ڪٿي سنڌ جي ورهاڱي جي گهر سمجهه ۾ ڪو نه ٿي اچي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم شهيد راڻي جي اڪيلي پٽ ۽ ”پيڙهي“ تڙتڪڙ ۾ ڪراچي کان پرواز ڪري نئين ديري پهچي ۽ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جي ننهن ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي کي پ پ ۾ شامل ڪرائي ڄڻ ته حساب برابر ڪري ڇڏيو ۽ وري سنڌين کي ڪثر ۾ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو ڏئي ڇڏيو ۽ ان کان علاوه سائين قائم علي شاهه، منظور وساڻ، شرجيل ميمڻ فرمايو ته ايم ڪيو ايم ساڳي پگهار تي جلد سنڌ سرڪار جو حصو ٿي ويندي، جتي پيپلن ايم ڪيو ايم جهڙي چالاڪ، شاطر ۽ بليڪ ميلنگ جي شهنشاهه نقلي گروهه جي سنڌ ۽ سنڌين خلاف شرم ناڪ ۽ ناقابل معافي گناهه کي غير سنجيده وٺندي پنهنجي پراڻي، روايتي کل جهڙي موقف جو ورجاءَ ڪيو. اتي وري جلال محمود شاهه مهاجر يڪجهتي ڪانفرنسون ڪوٺائي سنڌي ۽ مهاجرن کي کير کنڊ ڪرڻ ۽ هڪ گهر ۾ ٻن ڀاتين يا وري ائين کڻي چئجي ته هڪ امڙجي ٻن پٽن کي گڏجي سڏجي گهر هلائڻ جو ثواب جو ڪم ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي ۽ اهڙي ريت بشير خان جي نو عمر فرزند پنهنجي سياسي انڪل نياز ڪالاڻي سان گڏ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي آفيس اڳيان ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو. ظاهر آهي ته جڏهن جلال محمود شاهه ۽ صنعان قريشي سنڌ ۽ سنڌين جي واهرڪرڻ جا وچن ورجايا ته پوءِ ڀلا قومي عوامي تحريڪ ۽ ان جي قيادت ڪيئن تي پوئتي پير ڪري ۽ پوءِ بس بنا ڪنهن اڳواٽ تياري”هوم ورڪ“ پلاننگ جي ۽ اهو به نه ڏٺو ته سنڌ جي ٻين قومپرست ڌرين جو ساڻن ڪيترو سياسي پيار آهي ۽ اهو به اندازو ڪو نه لڳايو نه وري تجزيو ڪيو ته سنڌي عوام جو سياسي ۽مزاحمتي مزاج ڪهڙو آهي ۽ اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قومي وحدانيت سان ايم ڪيو ايم جي ڇتڙ ڇاڙ ڪرڻ وارا حساس معاملا تي ڪيترائي سيريس آهن ۽ سڀ کان اهم ۽ وڏي ڳالهه ته قومي عوامي تحريڪ اهو به ڪو نه سوچيو ته ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ڪارونجهر کان ڪراچي تائين سندن تنظيمي ڍانچو ڪيترو آهي ۽ هنن جي افرادي قوت سان گڏوگڏ مالي پوزيشن ڪهڙي آهي. بهرحال قومي عوامي تحريڪ پاران صرف ٻن ڏينهن جي مختصر وٿي واري ڦيٿاروڪ ۽ شٽرڊائون عام هڙتال کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جهونڙا ڪامريڊ نوجوان ٻالڪ ۽ سنڌياڻيون پنهنجي وس موجب ميدان تي لهي پيا ۽ پيون ۽ پوري سنڌي قوم ۽ سنڌ جي حقيقي هڏ ڏوکي ۽ گهڻ گهرجن جون نظرون 23 آڪٽوبر جي عام هڙتال جي ڪاميابي لاءِ منتظر هيون ۽ آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو، پوءِ ته ڄڻ ڪو واقعو رونما ٿيو يا وري سنڌ ۽ سنڌين جي ماتر ڀومي سان پيار ڪندڙ سڀني ڌرين ۽ فردن پنهنجو پنهنجو قومي فرض اداڪيو ۽ مجموعي طور تي عام هڙتال ڪامياب رهي ۽ قومي عو امي تحريڪ ان جي قيادت ۽ ڪارڪن جو ڀرم رهجي ويو. باقي رهيو سوال جلال محمود شاهه جي سنڌ بچايو ڪميٽي پاران سنڌي ۽ اردو آبادي کي ويجهو آڻڻ لاءِ يڪجهتي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو ته هن وقت تائين اهي ڪانفرنسون ڪو نه ٿي سگهيون آهن ۽ ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هي شيون پريس ۾ پهچڻ تائين هڪ اڌ ڪانفرنس ٿي چڪي هئي ۽ هي آرٽيڪل لکڻ وقت اڄ جون اخبارون نظر مان گذرنديون آهن، جن ۾ صنعان قريشي جو ايم ڪيو ايم آفيس اڳيان گهوٽڪي ۾ ڌرڻو نظر اچي ٿو ته ڇا هڪ طرف جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ نيٽو جا هزارين ڪنٽينر هٿيارن سان ڀريل هجن ۽ هنن وٽ ويڙهاڪ ونگون به موجود هجن، جن جي تربيت دنيا جي نامي گرامي دهشتگرد ادارن جهڙوڪ سي آءِ اي واٽر بليڪ ۽ موساد جهڙين انسان دشمن ادارن جي سرپرستي ۾ ٿيندي هجي ۽ ايم ڪيو ايم وٽ خزانن جا خرزين هجن اسٽريٽ ۽ سياسي پاور هجن ۽ هو جوڙ توڙ جا به ماهر هجن اتي سنڌ پرستن جي هڪ اڌ عام هڙتال ٻن ٽن ڌرڻن چئن پنجن يڪجهتي ڪانفرنسن ذريعي سنڌ جي قومي وحدت کي بچائي سگهجي ٿو ته پوءِ ڇا؟ اسان سنڌي ماڻهو ۽ سياسي ڌريون ايم ڪيو ايم جي دهشت وهشت ۽ سياسي چال بازين کان مرعوب (ڊڄي) پنهنجي سنڌ امڙ جي سينڌ ميري ڪرڻ ڏينداسين اهو قطئي نه ٿو ٿئي سگهي ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ جون قومپرست سموريون ڌريون ذاتي اختلافن انائن موتبرائن ۽ ذاتي يا سياسي مفادن جي پرواهه نه ڪندا ان کانسواءِ سنڌ جا هاري، مزدور شاگرد دڪاندار ڪاروباري ماڻهو سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اديب دانشور ليکڪ شاعر فنڪار به پنهنجي پنهنجي حصي جو قومي فرض ادا ڪندا، باقي بلاول جي اقتدار پرستي وارن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ۽ سنڌ جي مهان گيدين جي سردارم ڀوتارن ميرن۽ جاگيردارن جي آسري ڪو نه لڳبو. (روزاني مهراڻ جي ٿورن سان)
ڪامريڊ عدالمنان صاحب ! اوها ن جو مضمون پڙهيو . جيڪو اسان ڀنگ پيتل ۽ اگهور ننڊ ۾ ستل سنڌي قوم جي اکين کولڻ جي لا بهتر معلومات ڏيندڙ آهي . انهي ئي ساڳي معاملي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيرمين عبدالخالق جوڻيجي جو مضمون به پڙهڻ ۽ تاريخي رڪارڊ جي لا سنڀالي رکڻ جهڙو آهي ،اهو مضمون روزانه عوامي آوازجمعي 31 آڪٽومبر ۽ ڇنڇر پهرين نومبر2014 ع واري اشاعتن ۾ ٻن قسطن ۾ " قوم پرستي کي نسل پرستي کان بچايو " جي عنوان سان ڇپيو آهي . اميد دوستن جي معلومات جي واڌاري لا محترم جبار آزاد منگي يا سليمان وساڻ انهِ مضمون کي به سنڌ سلامت جي هن حصي ۾ لڳائيندو ته جينئن اسان سنڌين جي لا ڪو بهتر رستو نڪري سگهي .
ڪاله نيشنل جاگرافي تي دستاويزي فلم ڏٺي جنهن ۾ هڪ وڻ هيٺان هرڻ ۽ باندر گڏجي خوراڪ کائڻ ۾ مصروف هيا ،باندرن مان ڪي باندر چوڪيداري جي لا وڻ تي به ويٺل هيا . اوچتي شينهن جي هڪ ٽولي انهن تي حملي ڪرڻ جي لا وڌيا ته چوڪينداري ڪندڙ باندر انهن کي ڌسي هرڻن ۽ پنهنجي ساٿين کي هوشيار ڪيو . هرڻ ڀڄي ويا ۽ باندر وڻ تي چڙهي ويا . شينهن باندرن کي سيکت ڏيڻ جي لا باندرن جو کڻي گهيرا ڪيو .انهن مان وڏي ۽ تجريبيڪار شينهڻ وڻ تي چڙهڻ لڳي ، ٿلهي ٿڙ تائين ته چڙهي ويئي ،پر باندرن تائين پهچي نه سگهي ، باندرن وري وڻ جون ٽاريون پٽي کڻي ان جي منهن ۾ هنيون ،آخر ڪار ان کي وڻ جي ٿڙ تان به لهڻو پيو ،پر وڻ هيٺان ويهي باندرن کي ٿڪائڻ جي لا وڻ هيٺان بيهي باندر جي هيٺ لهڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا . باندرن جڏهين ڏٺو ته شينهن جڏهين مڙن ڪو نه ٿا سڀني باندرن گڏجي ، وڻ هيٺان بيٺل شينهن مٿان گڏجي پيشاب ڪرڻ شروع ، نتيجي ۾ سئي شينهن ڀڄڻ تي مجبور ٿيا . هن ڪهاڻي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان ۾ جانورن جهڙو عقل به نه آهي جو ڌارين ۽ سنڌ دشمنن کي ڀڄائڻ جي ڪا اهڙي ترڪيب سوچيون .
هر جاندار جي اها خاصيت ،عادت ۽ ڪوشش هوندي آهي ته اهي پنهنجي رهائش ، کاڌ خوراڪ ۽ نسلن جي بچائڻ جي لا ڪي حدون مقرر ڪندو آهي ۽ پو انهن حدن جي حفاظت به ڪندو آهي ، انهن حدن جي حفاطت ڪندي جان به قربان ڪندو آهي . ڀٽائي به ان لا چيو هو ته هڪ جو ٻي جوِ ،ڇڏين ڪين جوان . پر اسان کي الائي ڪهڙو نانگ کائي ويو آهي جو پنهنجي سنڌ جون سرحدون ڌارين جي لا کولي ڇڏيون آهن . ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ٿا ڪريون ۽ اسان جا وزير ڪبير اقتدار جي لالچ ۾ اهو ٿا ويٺا راڳ ڳائين ته ڌارين کي 1973ع جو آئين سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ جي اجازت ٿو ڏئي . بابا اهڙن وزيرن کان ڪير پڇي ته ڪهڙي آئين ۽ دستور ڌارين کي سنڌ ۾ اچڻ جي بغير ڪنهن شرطن جي اجازت ڏني آهي ؟ جڏهين ڪنهن هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ ڪڻڪ جي ٻوري داخل ٿي نه ٿي سگهي . ڪو ڪراچي يا اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ بغير اجات يا ڪارڊ جي داخل نه ٿو سگهي ،ته پو سنڌ سان هيترا هاڃا ڇو ۽ ڇالا ؟