صديق ميمڻ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ناليوارو ڪهاڻيڪار،ا ديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاهه لطيف رسالي جو ترجمو ڪندڙ مشهور سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ 84 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري و يو آهي. فقير عبدالغفور الستي ڪراچي جي اسپتال ۾ دل جو دوري پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪيو، کيس اباڻي قبرستان دڙو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ناليوارو ڪهاڻيڪار عبدالغفور الستي جنوري 1931ع ۾ دڙو ۾ پيدا ٿيو، هن سنڌ مدرسي ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي، جتي سندس استاد ناليوارو اديب سائين ابراهيم جويو هيو. جڏهن ته سندس ڪلاس فيلوز ۾ ناليوارو قومپرست اڳواڻ رسول بخش پليجو ۽ ناليوارو شاعر شمشيرالحيدري آهن. ناليواري اديب فقير عبدالغفور الستي 1971ع کان 1974ع تائين ملير ڊائجسٽ ڪڍي هئي، جنهن ۾ هن 1973ع جي آئين خلاف هڪ ايڊيٽوريل لکيو ته 1973ع جو آئين قومن کي وڌيڪ قيد ۾ رکندو، جنهن تي کيس سنڌ حڪومت ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪري قيد ۾ پڻ رکيو هيو. ناليواري اديب ۽ ڪهاڻيڪار فقير عبدالغفور الستي 1971ع ۾ پڻ هڪ شاعري جو ڪتاب بيت ستايل سانگين جا لکيو. جڏهن ته هن 1986ع ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاهه جي رسالي جو پڻ انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪري وڏو نالو ڪمايو هيو ۽ سال 2004ع ۾ سندس آتم ڪهاڻي نالي”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ جڏهن ته فقير عبدالغفور الستي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندي ٺٽو ۾ 300 سئو کان مٿي نياڻين جي تعليم واسطي نان فارمل تعليم نالي اسڪول پڻ قائم ڪري انهن ۾ 10 هزار کان مٿي نياڻين کي تعليم ڏياري. جڏهن ته نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ فقير عبدالغفور الستي پاڻ اڇو رنگ ۽ برش کڻي ٺٽو جي گهٽين ديوارن ۽ جهر جهنگ ۾ ”نياڻيون پڙهايو گهر سنواريو“لکندي نياڻين جي تعليم لاءِ هر و قت ڪوششون وٺندو رهيو. جڏهن ته فقير عبدالغفور الستي تنظيم قائم ڪري ان جي پليٽ فارم هيٺ هر فورم تي نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ٻئي هٿ مٿي کڻي دعائون گهرندو رهيو ۽ سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ هرمحاذ تي جاکوڙ جاري رکندي هر مڪتب فڪر تي زور ڀريو ته نياڻين جي تعليم جي عام ٿيڻ سان ئي تبديلي ممڪن آهي. نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ فقير عبدالغفور الستي 84 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جڏهن ته هن پنهنجي پونيئرن ۾ 3 نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي. جڏهن ته سندس هڪ پٽ ۽ گهرواري پڻ گذاري وئي آهي، هوڏانهن ٺٽو جي ڪيترن ئي سماج سڌارڪن، شاعرن، اديب ڪهاڻيڪارن ۽ ٻين فقير عبدالغفور الستي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.