اڄ ڪلهه سنڌ جي عظيم نعري ” مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون “ کي تبديل ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، منهنجي خيال ۾ اها تاريخ سان هٿ چُراند آهي، ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو مطلب اهو ناهي ته ڪو بستري تي مرنداسين پر سنڌ نه ڏينداسين، پر ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اسان جي جدوجهد مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهندي. سو ڳاله آهي سمجهه جي، تاريخي شئن کي پنهنجي اصلي حسناڪيءَ ۾ رهڻ ڏجي ته بهتر آهي.