• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصباح الحق ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين سينچري جو نئون عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10388091_10204805852644357_8476769428234750649_n.jpg

مصباح الحق ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين سينچري جو نئون عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو

ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ پنهنجي سلو سڪورنگ ريٽ سبب ٽُڪ ٽُڪ جي نالي سان مشهور پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق پاران ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين سينچري جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي. آسٽريليا خلاف مصباح صرف 56 بالن تي سينچري ٺاهي ويون رچرڊ جو عالمي رڪارڊ برابر ڪري ورتو. مصباح جي اسڪور ۾ 11 چونڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هيا.

ان کان اڳ ساڳي ئي اننگز ۾ هو صرف 22بالن تي 50 رنسون ٺاهي تيز ترين ففٽي جو عالمي رڪارڊ به قائم ڪري چڪو آهي. آسٽريليا خلاف مصباح صرف 22 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 4 چڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هيا. سمٿ جي هڪ ئي اوور ۾ هن 22 رنسون اسڪور ڪيون.

ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا جي جيڪ ڪيلس وٽ هيو جنهن 24 بالن تي 50 رنسون ٺاهيون هيون. مصباح الحق پاران سڀ کان گهٽ وقت ۾ 50 اسڪور ڪرڻ جو به رڪارڊ قائم ڪيو ويو. هن صرف 42 منٽن ۾ 50 رنسون اسڪور ڪيون ان کان اڳ بنگلاديش جي محمد الاشرف 27 منٽن ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو.
 
گهڻن ماڻهن کي ته اڃان تائين يقين نه ٿو اچي... انهن لاءِ حاضر آهي هي يادگار لمحن واري وڊيو..

 
Back
Top