سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم .منھنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪجھ ڏينھن ھڪ مسئلو آيو آھي ڪا به پارٽيشن کوليان ٿو مسئلاٌ سي، ڊي، اي، ايف وغيره ته ان ۾ اوپن جو آپشن غائب ٿي ويو آھي اُتي ھيٺ تصوير ۾ ڏنل ٻه آپشن اچن ٿا ڪنھن به ڊرائيو تي ڪلڪ ڪرڻ سان الائي ڇا جو ڇاپيو کُلي ان ڪر ي مون ونڊو نئين به ڪئي پر اھو صرف سي ڊرائيو ۾ ختم ٿيو آھي باقي سڀني ڊرائيو ۾ ساڳيو مسئلو پيو اچي مھرباني ڪري ان جو ڪو تڪڙو ۽ سولو حل ٻڌائيندا ته مھرباني
سلام سائين، مون وٽ ٻه حل آهن پهريان سولو، جي ان سان ڪم نه ٿيو ته مشڪل وارو ڪبو. ائين ڪيون اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪريو، رن ۾ وڃو ۽ هي لکو: REGSVR32 /i SHELL32 انٽر دٻايو، ريسٽارٽ ڪريو، ٻڌايو مسئلو حل ٿيو؟