نيلوفر جي آخري بوند کان پوء ؛ ___ منهنجي سنڌ جا قومي ” ٽارزنو “ !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اميد ته توهان قوم جودرد کڻي ، کونگھرن ۾ ،مستيء ۾ يا عياشيء جي پاتال مان اٿي ڪري صبح جو انهن ئي نشن ۾ ”هينگ اوور“ ٿي اڃان به اونڌا ٿيا ليٽيا پيا هوندا .
    اهومثال ڪيئن آهي ته ” جهڙي قوم تهڙا رهزن“؟ .
    اسان کي توهان جي رهزنيء تي ڪو به شڪ ناهي ، بلڪه توهان جي غدارين جي لسٽ ۽ سنڌ دشمن غدارن سان توهان جي ياري ڪيتري سياسي ۽ ڪيتري ڪم جي آهي ، شايد مونکي يا قوم کي خبر نه پوي ، باقي اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته توهان سنڌ ، سنڌ جي ادارن ۽ خزانن سان پاڻ ڀريندي شايد هڪ ڏينهن ” ڦاٽي “ مري وڃو .انهيء ڏينهن توهان جي قبر ۽ هڪ” گوڏ گنجيء“ ۾ ڇڏيل توهان جي مهربانين سان قوم جي فرد جي قبر به ساڳي ئي هوندي ۽ اهو ساڳيو گوڏ ۽ گنجيء وارو شخص توهان جي قبر کوٽي انهيء ۾ توهان کي چڱيء طرح لنبي ايندو ۽ توهان تي الله پاڪ جي عذاب ۽ لعنت ملامت وسندي ايندي ۽ توهان هن دنيا ۾ نه هوندو ، ان جي جاء توهان جا ”ڦيڦها “ بي ضمير ۽ سمجھ کان عاري نوجوان اولاد توهان کي جلد دفن ڪرڻ جي انتظار ۾ هوندو ته هو وڃي 6 سڪس ڊي ي تي توهان جي پٺيان اگھاڙيون فلمون ڏسي.
    منهنجي قوم جا ٽارزنو !
    اڄ توهان اڳي وانگر هاڻي به قوم سان غداري ڪري ، پنهنجي لٻاڙ بازي تي ڪيئن ۽ ڇو ته قابو پاتو اٿو ، توهان ٽارنن ، قوم کي اڪيلو اڪيلو ڪري، ڇڙواڳ بڻائي ان کي زبان ڏيڻ جي بدران ان کي ، موت جي ٻوهي ۾ اڇلي ڇڏي ستا پيا آهيو
    ڏسو ڪهڙا نه توهان وڏا وڏا ٽهڪ پيا ڏيو .
    توهان جو قارون جي جنت جهڙو گھر تيار ٿيو يا اڃان ڪم هليس پيو ؟
    توهان سينيٽر ٿيندا ؟
    اڇا
    ا
    اوهان کي ڪهڙو آسرو آهي ؟ا
    اڇا
    توهان آئل ريفائنريء جا مالڪ ٿيندا
    واه واه
    توهان جا ته مزا ئي مزا لڳا پيا آهن.
    ها صحيح ٿا چئو
    مرڻ کان پوء ڪنهن ڏٺو آهي
    ته توهان جو اولاد توهان کان پوء مزدور جو اولاد نه چورائيندو
    ممڪن آهي ته اهو
    زرداري ، مگسي ، پليجو ، قريشي ، برفت ، آغآ ، مرزا نه سڏائي
    اهو ” سيد “ ٿي ڪري پاڻ کي سيد سڏائڻ گهري ته
    اها به انهيء کي سياسي آزادي هوندي ؟
    اهو ذاتين ملائڻ ۽ بدلائڻ جو رواج ” سنڌ “ ۾ شروع هيو ۽ اڃان هلي پيو ٿو!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا سچ ٿا چئو.. پُراڻو رواج آهي.
    اسان وٽ ٻهراڙي ۾ مادري ٻولي (سرائيڪي) ڳالهائي وڃي ٿي، هڪ ڀيري آئون ڳوٺ ۾ مائٽن جي گهر ويس، اُتي ٻه عورتون پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هُيون، مون جڏهن انهن جا لفظ ٻُڌا ته کِل اچي وئي، هُو بلڊ پريشر کي بليڪ پريشن، عطر جي خوشبو کي عطر جي سُٺي ڌَپ وغيره جهڙا لفظ پيون چون.. مون سمجهايومان اهو توهان غلط لفظ پيون ڳالهايو تنهن تي جواب ڏنائون ”اسان دا ڏوهه ڪونهي اهو رواج ٿي ڳِيا هي سڄا پاڙا ايوين پيا اَليندا هي“.. سو ڳالهه پئي هَلي رواج جي ته اهو رواج جيستائين نه ڪڍنداسين تيستائين ترقي نه ڪري سگهنداسين. :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو