واگها بارڊر تي پرچم ڪشائي تقريب کانپوء خودڪش ڌماڪو، 52 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن. 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي گهرڪي اسپتال ۽ ميو اسپتال لاهور ۾ داخل ڪيو ويو آهي. شهيد ٿيلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ماڻهو جڏهن ته ٻئي خاندان جا 5 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. خودڪش بمبار پرچم ڪشائي تقريب کان پوء پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. شهيد ٿيندڙن ۾ 3 رينجرز اهلڪار به شامل آهن.