• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلسلو.. مختصر ڪهاڻي.. : اگھاڙن ڦوٽوئن جو شوقين سنڌي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
”ادا! او مٺا! او سهڻا او دلبر.. ڪجهه رحم ڪر آئون اهڙو ڪونه آهيان.. مون کي اگھاڙيون تصويرون ميسيجن ۾ نه موڪليو..“
ڪوبه جواب نه آيو............... ڊگھي خاموشي...
تصوير ڪٽڻ جي ڪوشش ڪيم..
ٽڙون...!
مار!!!!!! هي همراه ته صفا مجبور آ...
لاڳيتيون 6 اگھاڙيون تصويرون اپلوڊ ڪيون اٿس.. افففففف
هن کي اَن فرينڊ ٿو ڪريانس نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري..
هڪ ڪلاڪ کان پوءِ...........
ٽڙون...........
اڙي ! هي همراه ته صفا ڪونه مُڙيو...
ٻيهر ميسيج ۾ تصويرون...
اڪائونٽ سيٽنگ مٽايان ته جيڪو دوست نه هجي اهو مونکي دعا سلام نه ڪري..
اجھو سيٽنگ ٿي وئي...
ٽڙون.........
اففففففففف......... هن مان ته لوھ ٿي ويس...
پليز اڪسيپٽ مائي فرينڊ رڪيسٽ، اڌر وائيز آئي ول بڌر يو.. (مهرباني ڪري دوستي قبول ڪر نه ته تنگ ڪري ڇڏيندوسانءِ)..........
”ابا! ڏاهو ٿي، مٿي تي سنڌي ٽوپي اٿئي ڪُلهن ۾ اجرڪ اٿئي، اڇو بوسڪي جو وڳو پاتل اٿئي پوءِ به اگھاڙيون تصويرون موڪلڻ کان مُڙين نٿو ؟“
”ڇا ڪريون سائين! فيسبوڪ آهي ئي ٽائم پاس جي لاءِ.........“
 
اڃان بچيل آهين .... مون وٽ ته روز ڪارين ماين جو پنج ڇهه رڪيسٽ پيون اچن .. لڳي ٿو مونکي آفريڪا جو سمجهيو اٿن
 
لڳي ٿو مونکي آفريڪا جو سمجهيو اٿن
هاهاهاهاهاها..
نه ائين ناهي.. اهي آفريڪي ماين جا ميسيج مون وٽ جام ايندا آهن پر آئون اهڙن ميسيجن کي پڙهندو ئي ناهيان.. جيڪڏهن پڙهندو آهيان ته انهن کي مزاحيه جواب موڪليندو آهيان.. ڪڏهن اردو ته ڪڏهن سنڌي.. ويچاريون مونکي عرب سمجهي ٻيهر ميسيج ٿيون موڪلين :) پر کين هاڻي اندازو آهي ته عربن وٽ پابندي آهي :) هههههه
 
اڃان بچيل آهين .... مون وٽ ته روز ڪارين ماين جو پنج ڇهه رڪيسٽ پيون اچن .. لڳي ٿو مونکي آفريڪا جو سمجهيو اٿن
ادا اُنهن غلطي به ناهي ڪئي .
ادا جي توهان دلچسپي نٿا رکو ته مرتضي يا چاچي ڪريم کي صلاح ڪريو
ادا چاچي ڪريم جو انهن سان ڇا وڃي؟؟؟
 
Back
Top