ڌُنڌ ۾ گم ٿيل منظر هڪ اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڌُنڌ ۾ گم ٿيل منظر هڪ اڀياس

    رحمت پيرزادو


    ”فضائن ۾ ڦهلجي ويل دز وقت سان گڏ ويهجي ويندي آهي، تڏهن ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل سڀ منظر اسان جي اکين اڳيان چٽا ٿي پوندا آهن. دل اندر اٿيل گرم هوائن جي سرد ٿيڻ کانپوءِ سوچ جي غلطين جو تعين ڪري سگهبو آهي.“
    هي مٿيون سٽون سنڌ جي منفرد ڪهاڻيڪار زيب سنڌيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ جي ٽائيٽل ڪهاڻيءَ مان ورتل آهن. اهي سٽون ڪهاڻيءَ کان ٻاهر به ڪنهن آٽوگراف ۾ لکڻ لائق ته آهن ئي، مگر ڪهاڻيءَ ۾ قيامت جهڙو درد، پنهنجي اکر اکر ۾ سمائڻ جي سگهه رکن ٿيون.
    هي ڪتاب ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منطر“ روشني پبليڪيشن طرفان 2001ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ زيب سنڌيءَ جون نون ڪهاڻيون 1980ع ۽ ان کان بعد جون لکيل آهن، جن جي ترتيب ڪجهه هيئن آهي. بنان ڪنهن سري جي 1980ع، هڪ اداس شام 1981ع، روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل ماڻهو 1981ع، ريلوي ٽريڪ تي هلندڙ ماڻهو 1981ع، سُک جا سپنا 1982ع، وڃايل ٻار 1985ع، سمجهوتو 1987ع، ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر 1994ع، هٿ ريکائون، بند گهٽيون 1996ع. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ڀلوڙ اديب ولي رام ولڀ لکيو آهي، جيڪو صاحب سندس ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو ته: ”هن ڪردار ۽ ڪهاڻيون پنهنجي آس پاس جي ماحول مان کنيون آهن، جن ۾ سماج جا ڀيانڪ حد تائي شڪار ٿيل ڪردار پنهنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ڪنجهندي محسوس ٿين ٿا. رومانوي ڪهاڻين جي ڪردارن جي پڄاڻي روايتي طرح هر هنڌ ساڳي آهي. پر انهن سان نباهڻ جو انداز زيب جو نرالو ۽ اثر وارو آهي.“
    هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار نورالهدي شاهه زيب جي ڪهاڻي ڪلا تي هي راءِ ڏني آهي ته: ”مون لاءِ زيب سالن کان پنهنجو ۽ قابل احترام رهيو آهي. تڏهن کان، جڏهن کان اسان لکڻ جي شروعات ڪئي هئي. زيب سنڌيءَ وٽ جيترو فن آهي، انهيءَ جي ڀرپور اظهار لاءِ سچ ته زندگي کيس اڃا فرصت نه ٿي ڏئي. سندس منفرد پلاٽ واريون ڪهاڻيون سندس واتان ٻڌي مون سدائين بي اختيار واهه واهه ڪئي آهي.“
    هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي ”هٿ ريکائون، بند گهٽيون“ هيءَ ڪهاڻي هڪ اڻ لکي اداسيءَ کان شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ ريڊيو اسٽيشن جو ماحول آهي ڇو ته ليکڪ پاڻ ريڊيو تي ڪم ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هن ڪهاڻيءَ ۾ ريڊيو جي ٻولي Terminology خوب استعمال ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ خواجا فريد جي جڳ مشهور ڪافي ”ميڏا عشق وي تو ميڏا يار وي تو“ جيڪا پٺاڻي خان ”يمن ڪلياڻ“ راڳ ۾ ڳائي آهي، ان سان ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار ”حسين صاحب“ جي اداسيءَ کي عيان ڪيو ويو آهي. ان پراسرار ماحول ۾ ڪهاڻيءَ جي هيروئن ’باک‘ اچانڪ آپريٽر جي ڪمري ۾ داخل ٿي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ پراسرار بڻائي ٿي. مگر محبت جي اها ڏور جيڪا ٻنهي جي اندر ۾ ڪنڍي جيان اٽڪيل آهي، ان کي ليکڪ آهستي آهستي ڇڪي، ڪهاڻيءَ ۾ ڪمال جو لطف پيدا ڪري ويو آهي.
    هن ڪهاڻيءَ جو موضوع محبت جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ ليکڪ عورت جي جذبن کي حاوي ڪندي، هڪ ٽين ايج يا ماڊرن چلولي ڇوڪريءَ کي ميچوئر ٿيندي ڏيکاريو آهي، ان جي معصوميت جي خوب وڪالت ڪئي آهي. هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار ڇو ته فنون لطيفا جي اهم فيلڊ سان تعلق رکن ٿا، ان لاءِ انهن جا مڪالما اسٽيپ فارورڊ Step Forward يا آئوٽ اسپوڪنگ Out Spoking هجن ٿا. مگر انهن جي فطري شيرينيءَ کي ليکڪ تمام لڀائيندڙ انداز ۾ ڪم آندو آهي. جنهن تي سندس ڏانو کي ضرور داد ڏيڻو پوندو. ڪجهه جملا هن ريت آهن:
    ”حسين واچ ڏانهن ڏسي شرارت ۾ چيو: ”منجهند جا ٻارنهن لڳي سترنهن منٽ ۽ ٻٽيهه سيڪنڊ ٿي رهيا آهن، هن مهل باک ڪٿان آئي!“
    ”اڄ تون باک بجاءِ سانجهي ڇو لڳي رهي آهين؟“
    ”شادي ڪئي اٿئي؟“
    ”نه!“
    ”ڇو؟“
    ”شدت سان ڪنهن چاهيو ئي ڪو نه!“
    ”ڪڏهن ڪڏهن دل مان اٿندڙ ڪنهن هڪ جملي کي چپن مان آزاد ڪرڻ کان روڪبو آهي ته اهو ئي جملو اندر جو روڳ بڻجي ويندو آهي!“
    ”مون کي ته پنهنجون هٿ ريکائون اهي بند گهٽيون لڳنديون هيون، جن مان ڪنهن جو گذر ئي نه ٿيو هجي!“
    هن ڪهاڻيءَ کي سندس جملن چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سندس ٻولي پڻ مختصر جملن سان سينگاريل آهي، مگر هن وٽ اجائي ڊيگهه کي نظرانداز ڪري مقصد کي واضح ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪيل آهي. زيب سنڌيءَ جي ڪهاڻيءَ جي هڪ ٻي خاصيت اها به آهي ته هن ڪيفيت کي لفظن ۾ پيش ڪيو آهي. مثال طور: باک شڪايتي لهجي ۾ وراڻيو، ٽهڪ سان گڏ باک جو آواز رسيور مان اڀريو هو. حسين جي چهري تي پنهنجي ئي چيل جملي جي گرميءَ جو احساس جاڳي پيو هو. حسين ڪوڙي مرڪ جو اشتهار بڻجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، حسين پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي اڳيان سڌا ڪري پنهنجي هٿن کي گهوريندي چوي ٿو وغيره وغيره. اهي فوٽوگرافڪ منظر لفظن سان سامهون آڻي بيهارڻ جو هن وٽ بهترين ڏانءُ آهي. مان سمجهان ٿو ته ٻاهرئين ادب ۾ اهڙا تاثرات ڳوڙهائيءَ سان مشاهدو ڪري ۽ لکي وڃڻ جي ڏانو کي ٻاهريان نقاد پڻ ضرور ساراهيندا هوندا ۽ هن ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس کي آئون ان لاءِ به عالمي ليول جو سڏيندس ته ان ۾ سموري ڪهاڻيءَ جو سُٽ سلجهايل آهي ۽ منهنجي نظر ۾ ڪهاڻيءَ جو بهترين ڪلائيميڪس اهو ئي ٿي سگهي پيو، جيڪو سچ پچ ته ڇرڪائي وجهندڙ آهي. خاص ڪري حسين جي ڪردار جي نفسيات زيب انتهائي آسان ڪري سمجهائي آهي ته هو محبتن جي شدت کان اڻ واقف هئو ۽ چاهي پيو ته ڪير هن سان شدت سان محبت ڪري. هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ جو عنوان خود ڪتاب جو عنوان به آهي ۽ ڪهاڻي خود به اهڙي ئي بهترين آهي جو ان جي عنوان کي بلڪل به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هيءَ ڪهاڻي پڙهجڻ کانپوءِ تمام گهڻا حوالا پٺتي ڇڏي ٿي وڃي، جن حوالن ۾ ڪئي عجيب ۽ غريب ڪيفيتون آهن.
    ڪهاڻي زيب تي اهو الزام مڙهي ٿي ته هو خاص ڪري گهريلو مسئلن جون ڪهاڻيون لکي ٿو، جن ۾ زنددگيءَ جون تلخ حقيقتون ڌيرج سان سامهون اچڻ لڳن ٿيون ۽ مجبورين جي پهاڙن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. هيءَ ڪهاڻي محسوس ڪرائي ٿي ته خيالن جي دنيا ۾ وڃڻ ۽ اچڻ جو هن وٽ خوبصورت ڏانءُ آهي! هن جي ڪردارن جي وجود ۾ ڪا مبهم خلش موجود آهي، جنهن جي جهلڪ سندس ڪردارن جي اڻ پوري رهجي وڃڻ جو دک آهي. هر ڪردار ڪجهه خوش فهمين ۽ غلط فهمين جي آڌار تي ڪي وڏا فيصلا ڪري ٿو، جيڪي پوءِ نه فقط کين پر سندن اولاد کي به ڀوڳڻا پون ٿا. سندس ڪردار اڪثر مڊل يا اپر مڊل ڪلاس جا اهي ڪردار آهن، جن سان پيٽ جو مسئلو نه هجي ٿو بلڪه اهي نفسياتي عذابن جو شڪار آهن ۽ سماج کي متبادل AlterNet مهيا ڪري ٿو ۽ هو بقايا عمر پنهنجي تڪڙن فيصلن جي غلط نتيجن جي پاداشت ۾ گذارين ٿا.
    مٿئين سڀني ڳالهين جي مُجسم تصوير ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ ڪهاڻي آهي، جنهن جا ڪردار انتهائي نماڻا آهن، مگر ڪجهه غلط فهمين جي نظر ٿي هو پنهنجي مدار کان ٻاهر نڪري عذاب ڀوڳين ٿا. هيءَ ڪهاڻي چئن ڪردارن جي چوگرد ڦري ٿي، جنهن ۾ سڀ ڪردار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي انتهائي سچا آهن. مگر امرتا پريتم جي ڪردارن جيان هن ڪهاڻيءَ ۾ به ڪير بظاهر ڏوهي نه ٿو لڳي پر هنن جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خلش جي ڏوهه جو ڏوهاري هي سماج آهي، جنهن ۾ ڪئي گمنام ڪردار دفن ٿيل آهن.
    هيءَ ڪهاڻي ٻولي، منظر ڪشي، مڪالما نويسي، ڪردار نويسي ۽ موضوع جي اصل جڙ تائين پهچڻ جي اظهار جي حوالي سان بهترين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو ته هن مضمون جي شروع ۾ مان ڏئي به آيو آهيان. ڪجهه ٻيا اهم منظر ۽ مقالما هي به آهن:
    زرينا ڪو به جواب نه ٿي ڏئي، سندس چهري تي ييلو روز جهڙي اداس مرڪ اچي ٿي ۽ هوءَ ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
    کڙڪيءَ مان ايندڙ هوا جي تيز جهوٽي سان پردو اچي سندس چهري سان ٽڪرائجي ٿو ۽ سندس پنبڻين مان ٻه لڙڪ ٽمي سندس ڏاڙهيءَ ۾ وڃي اتڪن ٿا ۽ هو ماضيءَ جي پاتال مان نڪري اچي ٿو.
    ماني کائيندي هو ڀوڳ چرچا ڪري ۽ پنهنجي سفر جا لطيفا ٻڌائي ٿو پر کيس ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو اهڙو جوڪر هجي، جيڪو پنهنجي ظاهري وجود پٺيان لڪل اندر جي طوفان کي لڪائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو هجي. جڏهن هو محسوس ڪري ٿو ته هي ٽي وي اسٽوڊيو ناهي، جتي هو ڪامياب اداڪاري ڪندو هو، پر هن وقت هو پنهنجي پٽ جي گهر ۾ ناڪام اداڪاري ڪري رهيو آهي.
    پٽ! منهنجي بادل کي، منهنجي پلستر پٽ کي سڄي زندگي خوب تنگ ڪجانءِ، وڙهجانس، ناراض ٿجانس، پر پيار جي خوشبوءِ کي سنڀالي رکجانءِ، ڇو ته اها خوشبوءِ اڏامي وڃي ته پنهنجو وجود وڃائي ويهندي آهي!“
    اڙي پلستر! منهنجي حصي جي پتيءَ وارو ڪڙو پاڻي تون پي وٺجانءِ ۽ منهنجي حصي جي کنڊ جا ٻه وڌيڪ چمچا صوفيا جي ڪپ ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“
    هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي (Climax) ڊرامائي (Dramatic) حقيقت ٿي لڳي. جيڪي حقيقتون تيزيءَ سان پيش اچن ٿيون. مثال ويندي ويندي هو در بند ڪرڻ چاهي ٿو ته تاڪ بجاءِ سندس هٿ زرينا جي رئي سان الجهي پوي ٿو يا زرينا کيس هٿ لوڏي ٿي ته هن کان پرفيوم ڪري پئي ٿو ۽ خوشبوءِ اڏامڻ جو احساس ڄڻ زوريءَ ڏيارڻ جو غمان جنم وٺي ٿو. البتا Otherwise ڪهاڻي تمام شاهڪار ۽ هر حوالي سان مڪمل ۽ ڪامياب ڪهاڻي آهي.
    هن ڪتاب جي ٽئين ڪهاڻي ”سمجهوتو“ آهي. جيڪا خود نالي مان ٻڌائي ٿي ته هيءَ گهريلو مسئلن تي مشتمل آهي. مگر هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خاصيت اها آهي ته هيءَ مڪمل هڪ مڪالماتي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي دور جي نئين ڊڪشن کي ظاهر ڪري ٿي. ڪٿي به ليکڪ پنهنجي طرفان ڪجهه نه لکيو آهي. حد ان ڳالهه جي آهي ته زيب مڪالمن ۾ وڏن حادثن کي سمائڻ جي سگهه رکي ٿو، جنهن جو ثبوت ”سمجهوتو“ ڪهاڻي آهي، ان ۾ احساساتي پهلو به آهي، مقصد به آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن وضاحت جي ضرورت به محسوس نه ٿي ٿئي. ليکڪ ڊائلاگس ۾ ايترو ته فطري پڻو ظاهر ڪيو آهي، گويا اکيون ٻوٽي ويهي ڪهاڻي ٻڌجي ته ڪٿي به اهو احساس نه ٿيندو ته ڪنهن شئي جي وضاحت لاءِ ڪو سوال پڇڻ جي هن جاءِ ڇڏي هجي. هن ڪهاڻيءَ جي حسن کي مان پڙهڻ وارن لاءِ ڇڏيندي فقط هڪ ٽڪرو پيش ڪندس:
    ”جيڪڏهن سفر ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ رستي تان هٽڻ ڪهڙو!“
    ” مان اڃا به اهو ئي پيو سمجهان ته تون جذباتي فيصلو ڪري رهي آهين.“
    ”هر فيصلي ۾ جذبن جو ئي دخل هوندو آهي.“
    ”زندگيءَ ۾ به گهڻو ڪجهه غلط ٿي ويو آهي.“
    ”ڇا غلط آهي ۽ ڇا درست، اهو فيصلو ڪرڻ ايترو آسان ناهي، جيترو تون سمجهين ٿي.“
    ”مان سڀ سمجهان ٿي، تون ڇا ٿو سمجهين، ته ڪار، بنگلو، خوبصورت فرنيچر ۽ بهترين ڊريسز جهڙيون شيون ئي زندگيءَ ۾ اهميت رکن ٿيون!“
    ”تون انتهاپسنديءَ کان ڪم وٺي رهي آهين غزل!“
    ”انتها پسندي به ته حالتن جي پيداوار هوندي آهي“
    ”حالتون انسان جي پنهنجي پيداوار هونديون آهن ۽ انسان جي پنهنجي عمل سان اهي تبديل ٿي سگهنديون آهن“
    ”پر اسان جي گهر ۾ ڪنهن حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش به ڪئي؟“
    ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي آهي ”وڃايل ٻار“ هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اها ڪهاڻي ذاتي تجربي جي بنياد تي لکي وئي آهي. هڪ ٻار جي گم ٿيڻ جي ڪشمڪش کي ليکڪ تمام ويجهو کان فلمائيز ڪيو آهي. هن حساس موضوع تي پيءُ ۽ ماءُ جي جذبن جي شدت کي ليکڪ محسوس ڪرايو آهي.
    ٻارن تي لکيل ڪهاڻين ۾ هي ڪهاڻي اهم حيثيت رکي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ پيءُ ۽ ماءُ ڇا محسوس ڪن ٿا، اهو ته شدت سان بيان ڪيل آهي، مگر جڏهن ٽانگي تي هڪ ٻار جي گمشدگيءَ جو اعلان ڪندا ڪندا اچي هڪ پارڪ وٽ بيهن ٿا جنهن ۾ ٻار کيڏي رهيا آهن، اتي ليکڪ ڪرشن چندر وارو انداز رکي ٿو. ٻار ڇا ٿا سوچن، هڪ ٻار جي گم ٿيڻ تي. آئون هي پيراگراف پيش ڪندس:
    ”پڙهي وارو ٻارن ڏانهن منهن ڪري اعلان ڪري ٿو: هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي...“ هڪڙي ننڍڙي ٻار جي گم ٿي وڃڻ جو ٻڌي ٻارڙن کان راند وسري وڃي ٿي، ۽ هو جتي آهن، اتي پنڊ پهڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ڏاڍي ڌيان ۽ حيرت ۽ خوف وچان اعلان ٻڌڻ لڳن ٿا. سندن جرڪندڙ مک ڪومائجي ويا آهن.
    هو سوچي ٿو ”ٿي سگهي ٿو انهن ٻارڙن مان ڪڏهن ڪوئي منهنجي ٻچڙي سان راند کيڏيو هجي... انهن معصومڙن مان ڪنهن منهنجي جانيءَ سان ٽهڪڙا ڏنا هجن...“ سندس دل چاهي ٿي جيڪر هو ٽانگي مان لهي، هڪ هڪ ٻار کي وڃي چمي پر هو دل جهلي نه ٿو سگهي. سوچي ٿو متان هراسيل ٻار وڌيڪ هراسجي وڃن!“ هو پاڻ تي جبر ڪري ويٺو رهي ٿو. اعلان پورو ٿئي ٿو، ٽانگو اڳتي وڌي وڃي ٿو. ٻار حيرت مان ٽانگي کي ويندو ڏسندا رهن ٿا، لڳي ٿو هاڻي هو وڌيڪ راند کيڏي نه سگهندا.“
    هي ڪهاڻي تمام پُرسوز ۽ دلخراش موضوع تي لکي وئي آهي. مگر هن جو ڪلائيميڪس ٻار جي ملي وڃڻ تائين ٺيڪ ۽ ٺهڪندڙ آهي، مگر انعام لاءِ پوليس جي لالچ ۽ هڪ زخمي اغواڪار ڏيکاريل آهي، جيڪو پڻ رحم لاءِ ٻاڏائي ٿو، اها پڄاڻي ڪجهه قدر ڪمزور لڳي ٿي، نه ته ڪهاڻيءَ جو معيار (Tempo) تمام مٿئين ليول جو آهي. بهرحال ڪهاڻيءَ کي پنهنجو حسن ۽ درد آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي ڪامياب آهي.
    هن ڪتاب جي پنجين ڪهاڻي ”سک جا سپنا“ هيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿي. هيءَ بظاهر سادي ڪهاڻي آهي مگر پنهنجي اندر ۾ تمام گهڻي دُکدائڪ آهي. هن ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات کي ڇڏي ڪري چئي سگهجي ٿو ته قسمت جنهن جي به تقدير جي هٿ تريءَ تي غربت جي لڪير ڪڍي ڇڏي ٿي، اهو زندگيءَ جي انيڪ خواهشن سان گڏ محبت کان به محروم رهجي وڃي ٿو ۽ سماج کيس چاهت جي به اجازت نه ٿو ڏئي. بهرحال انسان محنت ڪري ٿو ته اهي سک جا سپنا ضرور پورا ٿين ٿا، مگر ان لاءِ هن کي هماليا جيڏو جبر برداشت ڪرڻ جي پاڻ سگهه رکڻي پوي ٿي.
    ”ريلوي ٽريڪ تي هلندڙ ماڻهو“ واري عنوان هيٺ آيل هن مجموعي جي ڇهين ڪهاڻي جيڪا هڪ خوبصورت نظم سان شروع ٿئي ٿي، هڪ ائبسٽريڪٽو (Abstractive) ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جو فلسفو تجريدي انداز سان بيان ڪيل آهي. هن ڪهاڻيءَ جو اهو جملو ته: ”جدائيءَ جي واٽ تي مون وٽ ڪا به منٿ ڪانهي!“ تمام احساساتي شدت سان ڪم آندو ويو آهي.
    هي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته زيب پنهنجي دور جي مروج ڪهاڻين سان گڏوگڏ جديد بيان جي انداز کان پڻ باخبر آهي، جنهن جو خوبصورت مثال سندس اڃا ٻي ڪهاڻي ”روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل ماڻهو“ جي عنوان سان به چئي سگهجي ٿي. جيڪا پڻ حد درجي جي ايبسٽريڪٽوازم (تجريديات) جي حوالي سان اهم آهي. انهن ڪهاڻين تي ٻاهرئين جديد اديب جي تحريڪن جو پڻ اثر آهي. بهرحال زيب اهي ڪهاڻيون محنت سان لکيون آهن ۽ سندس ڪهاڻين ۾ خوبصورت اضافو آهن.
    سندس ٻي ڪهاڻي ”هڪ اداس شام“ جي سري سان آهي، هي پهرين ڪهاڻي آهي، جيڪا زيب ”ضمير متڪلم“ ۾ لکي آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو بحث ٿيل آهي، جنهن ۾ هيرو (يا مين ڪردار) پنهنجي محبوبا (جيڪا کيس ڇڏي وئي آهي) کي ڀلائي نه ٿو سگهي ۽ کيس جيڪا غزالا نالي سان عورت چاهي ٿي اها کيس ان نقطي تي آڻڻ ٿي چاهي ته ڪنهن جي لاءِ به ايترو انتظار ڪرڻ ۽ اڪيلاين ۾ غرق ٿيڻ صحيح نه آهي، بلڪه ڪامياب ۽ مطمئن زندگي لاءِ ضروري آهي ته انسان اڳتي جو سوچي، آئون ان مان هي ڳالهه ٻولهه ضرور پيش ڪرڻ چاهيندس ته:
    غزالا اداسيءَ مان چيو: ”جيئن ٽرين جي خالي دٻي ۾ ويهڻ مهل خبر ڪا نه هوندي آ ته سامهون واري سيٽ تي ڪهڙو مسافر اچي ويهندو، پوءِ ڪڏهن ڪو وڻندڙ مسافر اچي ويهندو آهي ۽ ڪڏهن ته وري ڪوئي اهڙو مسافر اچي سامهون ويهندو آهي، جو اسين پنهنجي سيٽ به ڇڏي وڃي دروازي تي بيهي رهندا آهيون...!“
    چيم ” ..... ۽ اهو اڻ وڻندڙ مسافر مان آهيان، منهنجي سامهون ويٺل وڻندڙ مسافر اٿڻ چاهيو ٿي، پر ان کان اڳ مان پاڻ اٿي اچي دروازي تي بيهي رهيو آهيان!!“
    ”پر هي سارو جيون ايئن ئي ڪنهن دروازي تي بيهي به نه ٿو گهاري سگهجي نه!“ غزالا چيو.
    هونءَ به زيب مڪالمن ۾ ڳالهه کي مُڪائڻ جو ماهر آهي. هو موضوع ۽ ڪردارن جي اندر داخل ٿي وڃي ٿو ۽ حيرت جي حد تائين حاضر دماغ ۽ ڪانشيس Conscious آهي.
    سندس ڪهاڻي ”بنا ڪنهن سري جي“ جي عنوان سان آهي. هي ڪهاڻي پڻ فطري رشتن ۽ هٿرادو ٺاهيل رشتن جي بحث متعلق هڪ چرندڙ پرندڙ دليل آهي، جنهن ۾ هو عملي طرح Practically ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هڪ پير سائين وڏو جيڪو پنهنجي اولاد نه هجڻ ڪري هڪ مخلص مريد جو پٽ پاڻ پالي ٿو مگر ان کي هو پيءُ ته ڏئي سگهي ٿو پر جڏهن اهو ماءُ جي تقاضا ڪري ٿو ته هن کي سزا ڏني وڃي ٿي. بهرحال زيب جي اها ڪهاڻي پڻ سچن ۽ ڪوڙن رشتن جي بهترين ڪهاڻي آهي.
    زيب جي تخليق جو سفر اڃان اڳتي وڌي پيو (ٽين دنيا جي ڪنهن به سچي تخليقڪار جو تخليقي سفر ڪڏهن به تفريح جو باعث نه بڻيو آهي. بلڪ ادب انهن جي اڳيان مشڪلاتن، تڪليفن ۽ ڏکيائن جو طويل سلسلو رهيو آهي.) تنهن ڪري زيب جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”حيدر آباد 47 ڪلوميٽر“ جي نالي سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,704
    ورتل پسنديدگيون:
    6,938
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    ڊولپر، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    زيب سنڌي جي هڪ ناول جي تمام گهڻي تعريف ٻُڌي اٿم، حيدرآباد وڃڻ ناهي ٿيو نه ته وٺي اچان ها..
    ناول جو نالو شايد ”ريٽا زينب“ يا اهڙو ڪو ٻيو نالو اٿس.. جي توهان وٽ پي.ڊي.ايف جي صورت ۾ ته موڪلجؤ..
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ناول سيتا زينب آهي. جيڪو اسان وٽ پي ڊي ايف ۾ موجود ناهي.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو