اڄ ابو ظهبي ۾ ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي مضبوط ٽيم کي 356 رنسن جي وڏي فرق تان شڪست ڏئي 20 سالن کانپوء ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي آهي. پاڪستان 32 سالن کانپوء آسٽريليا کي ڪنهن سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو آهي.
ٽيسٽ سيريز جي ٻنهي ميچن ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏين کانپوء پاڪستان جي ٽيم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڇهين کان ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي. هن ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. ڪامياب ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق تيز ترين 50 ۽ تيز ترين سينچري ٺاهي. ني صرف اهو پر مصباح الحق پاڪستان جو ڪامياب ترين ڪپتان پڻ بڻجي ويو. پاڪستان پهرين اننگز ۾ يونس جي ڊبل سينچري ۽ مصباح الحق ۽ اظهر علي جي سينچرين جي مدد سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 570 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم 261 نسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٻي اننگز ۾ مصباح الحق ۽ اظهر علي جي سينچرين سبب پاڪستان 3 وڪيٽن عيوض 293 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم صرف 246 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. شاندار ڪارڪردگي تي مصباح الحق کي مين آف دي ميچ ۽ يونس خان کي مين آف دي سيريز جا وارڊ مليا.
پاڪستان پاران ناتجربيڪار بالنگ اٽيڪ بهترين بالنگ ڪندي آسٽريليا کي بيبي ٽيم بڻائي ڇڏيو جڏهن ته پاڪستان جي گذريل ڪافي عرصي کان آئوٽ آف فارم بيٽنگ لائين لاجواب ۽ مضبوط بيٽنگ ڪئي.
يونس خان چئن اننگز ۾ 468، اظهر علي 292، مصباح الحق 271 جڏهن ته آسٽريليا پاران ڊيوڊ وارنر 239 رنسون اسڪور ڪيون. بالنگ ۾ ذوالفقار بابر 14 وڪيٽون، ياسر شاهه 12 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته آسٽريليا پاران مچل جانسن 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.