ڪجهه ڏينهن اڳ مون سوچيو ته ٻيا دوست مونکان امير ٿيندا پيا وڃن (سنڌسلامت فورم ۾) آئون پئسن ۾ پوئتي ڇو آهيان ؟؟ پوءِ جڏهن خبر پئي ته فورم ۾ اڪائونٽ کي لاگ ان ڪرڻ مهل به 6 پاوليون ملن ٿيون .. بس پوءِ دير ڇا جي ؟ ٽي چار ڀيرا لاگ ان ٿي ڪجهه پئسا ڪمائي ورتم . ههههه توهان به آزمائي ڏِسو.. پاوليون نه ملن ته ڏنڊ ڀريندس.. ان متعلق 13 محرم الحرام تي هڪ وڊيو به ٺاهيندس.. عرس پريو ، ذيشان رشيد ، عامر خان چاچڙ ، عامرضياء چارڻ محمد اسلم عباسي محمد خان سيال محمد عامر سومرو محمد بخش لغاري محمد نويد جمالي عبدالحفيظ لغاري عبدالوهاب عبدالرحيم گجراڻي عبد الله السندي عبدالڪريم چانڊيو عبدالستارچنا سليمان وساڻ شيرين فاروق سومرو سمير عبدالله گل حسن لاکو گل شير احمد ڀلائي گل محمد شاه راشدي سجاد علي چنا سجاد علي خاصخيلي سجاد علي سومرو سجاد سومرو سجاد پنهور ابو واصف ابوبڪرسنجراڻي
ياد رهي!... ڪابه تحرير پسند ڪرڻ تي پسند ڪرڻ واري کي ۽ جنهن جي تحرير آهي ان کي انعام ۾ پاوليون ملن ٿيون... دوستو اهو موقعو هٿ مان نه وڃڻ ڏيو.. منهنجي تحريرن کي پسند ڪريو ۽ توهان به آساني سان پاوليون ڪمايو..
ادا عرس سنڌي ۾ چوڻي آهي : تيرهين مهيني جي تيرهين تاريخ تي، نه تيرهون مهينو ايندو ۽ نه وري اوهان کي پئسا ملندا
ادا اسان کي اوهان جي ويڊيو جو انتظار رهندو پر ان کان وڌيڪ انتظار ان شي جو آهي ته اسان کي ڪو اهڙو پيج مهيا ڪيو وڃي جنهن تي اسان اها ڪريڊت استعمال ڪري سگهون
توهان جي موجوده ملڪيت 1267 پاوليون آهي... جنهن جي قيمت 12.67 روپيه آهي... توهان پنهنجون سموريون پاوليون مون کي ڊونيٽ ڪريو توهان کي بونس سميت 15 روپيه ايزي لوڊ ڪري موڪليندس.. دير نه ڪريو اها سهولت صرف توهان لاءِ آهي...
لڳي ٿو وڏيرن وارو ڪم ڪرڻو پوندو... جيڪي ماڻهن کي ويڙهائيندا به پاڻ آهن ۽ وري پرچائي انهن کي پنهنجي ٿورن هيٺان به رکندا آهن... جيسين سنڌ سلامت تان مواد کي پاولين جي بدلي ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ جا اختيار لڳن توهان ڪنهن رڪن جي ڪارائتي ليک تي پاوليون ڊونيٽ ڇو نه ٿا ڪريو.. جهڙوڪ جيڪو ٽيمپليٽ توهان پنهنجي بلاگ تي لڳائي ان جو حشر نشر ڪيو آهي... ان جي ٺاهيندڙ کي به ڊونيٽ ڪريو..
۽ منهنجي ملڪيت لڳ ڀڳ 4000 پاوليون آهي.. ان حساب سان... منهنجا ٿيندا............ هممممممممم... 40 روپيا.
توهان ته اسان کان پاولين ۾ مَٿي آهيو... باقي عبدالحفيظ لغاري ۽ سليمان وساڻ ته پاولين ڏانهن ڏِسن به ڪونه (شايد ) نه ڪرڻ جا هزار بهانا آهن سائين منهنجا..
يار پاولين جي چڪر کان رشيد کي جهليو هيم .... ان سبب ڪجهه دوست ڌڙا ڌڙ پوسٽ موڪلڻ شروع ڪن ٿا ۽ پوء مڪمل طرح سڀ پوسٽ پڙهي به نه ٿا سگهون. ڇو ته موقعي جي مناسبت سان ۽ سائنسي، سياسي يا ادبي لکت پڙهڻ لاء، سمجهڻ لاء ۽ لکڻ لاء وقت گهرجي. ٻيو ته اڄڪلهه آفيس جي ڪم جي سرسي آهي ۽ فورم تي پورو ڌيان به ڪونه پيو ڏئي سگهان. ڪجهه ڪتاب به ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ لاء پيا آهن ...... پر پوء به ملڪيت وڌندي ٿي رهي، ان جا الائي ڪهڙا سبب آهن. باقي پاڻ سخي ته آهيون ڪونه ... !!!! سا ڳالهه ته رشيد به ڄاڻي ٿو.
جلدي ڏنڊ ڀري ڏيو! ڇو ته بار بار لاگ ان ٿيڻ تي پيسا ڪو نه ٿا ملن لاگ ان ٿيڻ تي 6 پيسا صرف چوويهن ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو ٿا ملن!
سائين اسان کي نالو درست ڪرڻو آهي مهرباني ڪري دوست رهنمائي ڪندا,, دراصل منهنجو نالو (ياسين خان) آهي پر لکجي "يادين خان" ويو آهي