روزگار جا نوان موقعا ۽ سنڌي نوجوان..!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    روزگار جا نوان موقعا ۽ سنڌي نوجوان..!!
    محمد خان سيال

    وفاقي سرڪار، مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين جي پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا وفاق هيٺ ڪم ڪندڙ وزارتن، ان جي هيٺين آفيسن، خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز تي لاڳو ٿيندي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب ڀرتين جي پاليسي هيٺ گريڊ 16هين ۽ ان کان وڌيڪ گريڊن جي برابر عهدن وارين خالي جاين تي، ڀرتين جو عمل فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي جاري رهندو پر گريڊ 15 يا ان کان گھٽ وارن عهدن تي صوبن يا علائقائي ڊوميسائيل جي بنياد تي ڀرتيون ٿينديون. گريڊ هڪ يا ٻه ۽ ان جي برابر خالي جاين تي ڀرتيون، مڪاني بنيادن تي ٿينديون. پاليسي هيٺ سمورين ڀرتين لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سرپلس پوُل کان اين او سي حاصل ڪرڻ جو عمل جاري رهندو. ڀرتيون صوبائي ۽ علائقائي ڪوٽا هيٺ ٿينديون جنهن جا قومي، صوبائي ۽ علائقائي سطح جي اخبارن ذريعي اشتهار جاري ڪيا ويندا.
    وفاقي سرڪار ڪوٽا سسٽم تي عمل ڪرڻ ۽ هڪ طريقي ڪار موجب نوڪرين ڏيڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي سو بهتر قدم آهي پر ساڳي وقت اها به ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ڪوٽا سسٽم ڪيترن ورهين کان برقرار رهڻ جي باوجود به انهيءَ تي ڪڏهن به سچائيءَ سان عمل ڪونه ٿيو آهي جيڪا سڀ کان وڏي بدقسمتي آهي.
    سنڌ ۾ وري اها به دُکدائڪ ڳالهه آهي ته هتي اسان وٽ ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جي آڙ ۾ ڌاريا سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون ڪريَ سنڌ جي عوام جو حق ماريندا رهيا آهن. سنڌ سرڪار کي گھرجي ته ڪوڙن ڊوميسائل جاري رکڻ جي نه رڳو سختيءَ سان جاچ ڪري پر جيڪي ڪوڙا ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ هيلتائين جاري ٿيا آهن انهن کي رد به ڪري ته جيئن حقدارن کي نوڪرين ۾ حق ملي سگهي.
    سنڌ سرڪار کي اهو به گھرجي ته وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري انهيءَ ڳالهه جي خاطري ڪري ته وفاق جي نوڪرين ۾ به سنڌ کي سندس ڪوٽا موجب عملي طرح جائز حصو ملي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ته ائين ٿيندو رهيو آهي ته وفاقي سرڪار، ڪوٽا سسٽم تي سچائيءَ سان عمل ڪرڻ جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪندي رهي آهي. شروع ۾ اسان پاڻ ڏٺو ته ڪجھه کاتن ۾ وري سنڌ جي ڊوميسائيل رکندڙن کي پٽيوالن وانگيان هيٺئين اسٽاف طور رکي، نوڪرين جي مجموعي ڪوٽا پوري ڪرڻ جي دعوى ڪئي ويندي هئي، جيڪو انتهائي غلط قدم هو. هئڻ ته ائين گھرجي ها ته سڀني گريڊن ۾ سنڌين کي ملازمت جو حصو ملڻ جي خاطري ڪجي ها ته جيئن ٻين سان گڏ سنڌي آفيسربه نوڪرين ۾ پنهنجو جائز حصو وٺي سگھن پرافسوس ته ائين ڪونه ٿو ٿئي .
    اسلام آباد ۾ ويٺل وفاقي سرڪار جي ڪاموراشاهي جنهن جي گھڻائي پنجاب سان واسطو رکي ٿي، سا پنهنجن سازشن کان باز ڪونه ٿي اچي. جڏهن ته اها بيوروڪريسي ئي هئي جنهن پنجابي اسٽيبلشمنٽ سان ملي، ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو هو. افسوس ته تاريخ کان سبق سکڻ بدران اها پنهنجون سازشون جاري رکيو اچي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا به جاري آهن .
    وفاقي سرڪار، ڀرتين لاءِ جنهن پاليسيءَ جو اعلان ڪيو آهي تنهن تي مڪمل عمل ٿيڻ گھرجي ـ جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي ته ڪوٽا سسٽم تي عمل جي خاطري، سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار سان سهڪار ڪري ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ وفاقي سرڪار جي عمل جو اختيار الڳ آهي پر تنهن هوندي به سنڌ سرڪار اهڙي حڪمت عملي جوڙي سگھي ٿي جو ڪوٽا سسٽم جي وفاقي ادارن ۾ مناسب عمل جي خاطري ٿي سگھي.
    اها سچ پچ ته تڪليف جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ طرف ڪوٽا سسٽم کي بدنام ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ان مان سنڌ ، بلوچستان وغيره کي پوري ريت لاڀ به ڪونه ٿو ملي. هونئن ته اها سڀني کي خبر آهي ته ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم پاڪستان جي پهرين ۽ اڻ چونڊيل وزيراعظم لياقت علي خان، مهاجرن لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي، شروع ڪيو هو جنهن ۾ سال 1949 ۾ واڌ به ڪئي هئائين ـ
    اها اچرج واري ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم اردو ٻوليءَ وارن جي فائدي ۾ آهي ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن ان مان ٻين کي فائدو آهي ته هو رڙيون دانهون ڪن ٿا. هونئن به جيڪي ماڻهو سنڌ اندر رورل ۽ اربن جي ڪوٽا تي اعتراض ڪن ٿا تن کي شايد خبر ناهي ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان پنجاب جي ڪيترن علائقن ۾ به مختلف ضلعن لاءِ الڳ سيٽون رکيل هونديون آهن جھڙوڪ: ديرو غازي خان وغيره. اهڙي ريت آزاد ڪشمير لاءِ به الڳ سيٽون رکيل هونديون آهن. هاڻ قبائلي يا اترين علائقن کي ڏسجي ته گلگلت وغيره ۾ تعليم جي شرح بهتر آهي پر ٻين هنڌن تي تعليم جو معيار بهتر ناهي. ڇا اهي لاهور وغيره جي شاگردن سان مقابلو ڪري سگهندا؟
    آزاد ملڪن ۾ اهڙن پٺتي پيل علائقن کي هر هنڌ ڪجھه رعايت ڏني ويندي آهي ته جيئن اهي اڳتي وڌي سگھن ۽ آزاديءَ جو لاڀ حاصل ڪن ٻي حالت ۾ آزاديءَ جو مقصد ئي فوت ٿي ويندو آهي. هاڻ وفاقي سرڪار جو اهو به چوڻ آهي ته سفارشون ڪرائيندڙ نا اهل ٿي ويندا پر اهو فقرو ڪيترن ورهين کان موجود آهي پر ان تي عمل ڪونه ٿيندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته اها سکڻي فارملٽي آهي، باقي رهي نالو الله جو ـ
    وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن، وفاقي سرڪار، خودمختيار، نيم خودمختيار ۽ ڪارپوريشنن وغيره ۾ ملازمن جي ڀرتين جي پاليسيءَ جو اعلان ڪيوآهي جڏهن ته وفاقي ڪابينا 25 سيپٽمر 2014 تي وفاقي ملازمتن تي ڀرتين تي وڌل پابندي کي ختم ڪرڻ جي اڳ ئي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ ميان نواز شريف جي هدايتن تي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي آهي. وفاقي، ڪاپوريششنن، نيم خودمختيار ڪارپوريشنن وغيره ۾ 16 گريڊ يا ان کان مٿي واريون جايون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت ڀريون وينديون ـ جڏهن ته 3 کان 15 گريڊ تائين وارن گريڊن يا ان جي برابر عهدن تي اميدوارن جون ڀرتيون، صوبن ۽ ريجن جي ڊوميسائيل رکندڙن کي سول سرونٽ رولز173 جي سيڪشن 15 هيٺ ڪيون وينديون ۽ گريڊ هڪ ۽ ٻن جون ڀرتيون سيڪشن 18 هيٺ مڪاني طور ڪيون وينديون ـ ٿورائيءَ وارن ۽ معذورن لاءِ ڪوٽا موجب ڀرتيون ڪيون وينديون ـ وزارتون ۽ ادارا اشتهارن جي تاريخ کان 60 ڏينهن اندر، ڀرتين واري عمل جي خاطري ڪندا.
    ساڳي وقت اسان جي اين جي اوز يا سنڌ جي ٻين خيرخواهن کي گذارش آهي ته هو اشتهارن ذريعي خالي ٿيندڙ جاين جي باري ۾، سنڌ جي نوجوانن کي وقت سر آگاهي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن.
    انهيءَ سلسلي ۾ مان ماضيءَ ۾ پنهنجو مثال ڏئي سگھان ٿو ته هڪ ڀيري برطانيا جي، شيوننگ اسڪالرشپن جو اشتهار، لاهور جي هڪ اردو اخبار ۾ آيو جيڪو سنڌ جي اخبارون ڪونه ڏنو ويو هو. اهو برطانيا ۾ تعليم جاري رکڻ ۽ اسڪالرشپن جي باري ۾ هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪي وڏا شرط به رکيل ڪونه هئا، سو مون ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارون کي ذاتي طور گذارش ڪئي ته هو اهڙي خبر هلائين ته جيئن سنڌي شاگرد به درخواستون موڪلي سگهن ته جيئن ڪل 80 اسڪالرشپن مان گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه سنڌي شاگردن کي به ملن پر اها تلخ حقيقت آهي ته ائين ڪنهن به ڪونه ڪيو. وري انهن اخبارون جي دفترن ۾ وڃي، انهيءَ اخباري جو فائيل ڪڍرائي کين خبر هلائڻ لاءِ چيم پر افسوس ته وري به اها خبر ڪانه ڇپي.
    ان کانپوءِ مون پاڻ خبر لکي ان جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي سنڌي اخبارون کي پهچايون ته انهن اهي خبرون نمايان طور شايع ڪيون ۽ انهن کي ڏسندي ڏسندي مون، پنهنجي خرچ تي سنڌي اخبارون ۾ روزاني رزگار سروس هلائي جيڪا خالي ٿيندڙن جاين بابت هئي ۽ اهو سلسلو ان وقت ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي خرچ تي ڪيم جڏهن ته هفتيوار تعليمي سروس الڳ هلايم جنهن ۾ غير ملڪي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائن ۽ اسڪالرشپن جي باري ۾ طريقيڪار ڏنل هوندو هو. اهي سروسون ڪجھه سال هليون ۽ جڏهن مالي طور ڪمزور ٿي ويس ته کڻي بند ڪيم.
    هاڻ ته انٽرنيٽ جو زمانو آهي ۽ ڪجھه دوست خالي ٿيندڙ جاين بابت اهڙيون خبرون انٽرينيٽ تي ڏيندا آهن پر منهنجو مطلب آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڪو اهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي جو خالي ٿيندڙ جاين جي وڌ کان وڌ سنڌي نوجوانن کي بروقت خبر پوي ته جيئن اهي درخواستون ڏئي سگهن ـ انهيءَ سلسلي ۾ سوشل ميڊيا کان به وڌيڪ مدد وٺي سگھجي ٿي جو اڄڪلهه سوشل ميڊيا عوام ۾ گھڻي مقبول آهي .
    سنڌي اخبارون انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ملهائي سگهن ٿيون. نوڪرين جا اهڙا اشتهار جن اخبارون ۾ نه اچن ته به اهي پنهنجن پڙهندڙن کي باخبر رکڻ ۽ عوام جي فائدي لاءِ اهڙيون خبرون نيوز طور هلائي سگھن ٿيون.
    اسان وٽ تعليم جي شرح اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي جيتوڻيڪ بدقسمتيءَ سان تعليم جو معيار اڳ جھڙو نه رهيو آهي پر تنهن هوندي به ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته سنڌي نوجوانن کي خالي ٿيندڙ جاين جي مڪمل آگاهي ڏجي ته جيئن اهي درخواستون دوران گھربل شرط پورا ڪري سگھن. ڪجھه ورهيه اڳ، جڏهن آمريڪا، لاٽري سسٽم، اميگريشن ڏيڻ لاءِ پُکن ذريعي هلائي هئي ته مون به ڪيترا مضمون سنڌي اخبارون ۾ لکيا هئا ۽ گھڻو پوءِ آمريڪا ويس ته ڪيترن سنڌي دوستن ٻڌايو ته سنڌي اخبارون ۾ منهنجا تفصيلي مضمون پڙهي، هنن درخواستون ڏنيون هيون ۽ ڪامياب ٿيا هئا.
    هر سنڌي نوجوان لاءِ، هونئن به اهو ممڪن ڪونهي ته ساريون مکيه روزانو اخبارون خريد ڪري ته جيئن خالي ٿيندڙ جاين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگھي. جن جي گھرن جي ويجھو لائبرريون آهن سي به اتي وڃي ائين ڪري سگھن ٿا پر جيڪي لائبررين کان پري آهن۽ وڌيڪ اخبارون خريد ڪرڻ جي سگھه ڪونه ٿا رکن سي وري سوشل ميڊيا جو سهارو وٺن ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا عام آهي تنهن ڪري ان تي ملازمتن جي ڄاڻ ڏيڻ، هزارن ماڻهن لاءِ فائديَ واري ٿي سگھي ٿي، سو پهرين مرحلي ۾ ته اها ڪوشش هئڻ گھرجي ته اسان جا سنڌي نوجوان، خالي ٿيندڙ جاين جي باري ۾ وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪن. اميد ته واسطيدار ادارا توڙي دوست انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندا. روزاني سوڀ 03 نومبر 2014
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو