روس ۾ ڪريملين ، آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس ۽ فرانس ۾ ايلزي پيلس شاندار پنهنجي جاءِ تي پر دُنيا جي ٻين مُلڪن جي صدرن جون رهائشگاهون به شان و شوڪت جي لحاظ کان گھٽ ناهن. اهڙن ڪجهه محلن جي باري ۾ اڄ آئون توهان کي ٻڌائيندس.
تُرڪ صدر جو ڪارو اڇو محل
انقره ۾ تُرڪي ملڪ جي صدر جي لاءِ نئون “اڇو محل” تيار ڪيو ويو آهي ، هن عاليشان محل ۾ هڪ هزار ڪمرا آهن ، جنهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جتي جاسوسي وارا اوزار غير فعال ٿيو وڃن ۽ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي ايٽمي حملي کان محفوظ رکن ٿا. پرعدالت ۾ ڪجهه درخواستن باوجود تعمير ڪيل هِن محل کي سفيد محل بجاءِ ڪارو محل سڏين پيا.
پيٽرول جي چمڪ ڌَمڪ
قازقستان جي مرڪزي حڪومتي عمارت سڄي رات پنهنجو رنگ مٽائيندي رهندي آهي، هن صدارتي محل کي آمريڪا جي صدارتي محل “وائيٽ هائوس” جي بلڪل نقل ڪري ٺاهيو ويو آهي. خام مال جي لحاظ کان قازقستان ۾ حڪمران خاندان ملڪ جي اميرن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهي.
ترڪمانستان جو خواب محل
اشڪ آباد ۾ ٺهيل سنهري گنبذ وارو صدارتي محل گاديءَ جي هنڌ جي سڀ کان شاندار عمارت آهي. هي محل تُرڪمانستان جو باني سڏيو ويندڙ “نيازوف” تعمير ڪرايو هو، جڏهن ته ان دور جو وزيرِ صحت “بردي محمدوف” هن وقت ملڪ جو صدر آهي . انهن 2007 ۾ صدارتي ڪُرسي سنڀالي . چوڻ وارا چون ٿا ته ملڪ جو صدر هڪ آمر آهي.
ڪييف جي وڏيراڻي رهائشگاهه
هي عاليشان محل فيبروري ۾ ملڪ مان فرار ٿيندڙ يوڪرائن جو صدر وڪٽوريا نوڪووچ تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو هو، ان جي فرار ٿيڻ کان پوءِ انٽرنيٽ تي ان محل بابت انٽرنيٽ تي تفصيل سامهون آئي آهي. 2007 ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ يانوڪووچ جو سڀ کان پهريون قدم اٺ ملين يورو جهڙي ڳري رقم جو هڪ فانوس گھرائڻ هو.
رومانيه جي سونهن
هي تمام وڏي عمارت رومانيه جي گاديءَ جي هنڌ بخارسٽ جي وچ ۾ آهي . آمريڪي محڪمه دفاع مطابق 84 ميٽر ڊگھي ۽ ٻه لک پنجهٺ هزار چورس ميٽرن واري هن عمارت ۾ ٽي هزار ڪمرا آهن ، ۽ هي دنيا جي ٻين سڀ کان وڏي عمارت آهي جنهن کي 1984 ۾ رومانيه جي آمر حڪمران چائوشيسڪو پنهنجي قتل ٿيڻ کان 5 سال پهرين تعمير ڪرايو.
پيرس جي خوبصورتي
پيرس جي “سين درياء” جي ڪناري تي بيٺل ايلزي پيلس ۾ وڃي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته عجائب گھر ۾ اچي وياسين، هن ۾ فن جا نادر نمونا ۽ تاريخي فرنيچر موجود آهي. هن جي تهه خاني ۾ ڪنڪريٽ جون ڀتيون ۽ فولادي دروازن پويان فرانس جو “جوهري ڪمانڊ سينٽر” قائم آهي.
ايران جي شاهي چمڪ
تهران جي ڏکڻ اوڀر ۾ سعد آباد جي علائقي ۾ اڳوڻي ايراني بادشاهه رضا شاهه پهلوي جا 18 محل موجود آهن، هي هڪ پاسي ته سرڪاري ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃن ٿيون ٻئي طرف رضا شاهه پهلوي انهن کي پنهنجي ذاتي رهائشگاهه طور به استعمال ڪندو رهيو، “گرين پيلس” کي رضا شاهه ۽ انهن کي گھر واري ثريا گرمين جي موسم ۾ رهائشگاهه طور استعمال ڪندا هئا.
دوحه عظيم جو محل
هن محل ۾ قطر جو بادشاهه شيخ حماد بن خليفه الثاني رهائش پذير آهي، اولهه پاسي لاڙو رکندڙ الثاني 1996ع ۾ الجزيره نالي نشرياتي ادارو قائم ڪيو هو، پنهنجي خارجه پاليسي جي ڪري ايراضي جي حساب سان هن ننڍڙي ملڪ هلندڙ سالن ۾ خاصي توجه حاصل ڪئي آهي ۽ قطر ملڪ تي مختلف اسلام پسندن جي حمايت جا الزام به لڳايا ويا آهن.
اڪرا جو محل
هي عاليشان محل گھانا جي صدر جو آهي، گهانا کي آفريڪا ۾ استحڪام ۽ اقتصادي ترقي جي نشاني طور ڏٺو وڃي ٿو، هي ملڪ سون جي آمدني جي حوالي سان مشهور آهي، ايستائين به ملڪ جا 23 ملين ماڻهون حڪومتي بدعنوانين ڪري غربت واري زندگي گذارين پيا.