• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيرسائين سيد محمد راشد روزي ڌڻي قدس سره

حضرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سره

پير سائين سيد محمد راشد قدس سره جو لقب روضي ڌڻي آهي ، پاڻ رمضان جي ڇهين تاريخ 1171 هجري ۾ پيدا ٿيا، رمضان جي مهيني ۾ ڏينهن جو کير نه پيئڻ ڪري روزي ڌڻي جي لقب سان مشهور ٿيا.

پاڻ ابتدائي تعليم حافظ زين الدين مهيسر ۽ پنهنجي ناني ميان محمد اڪرم گهمرو کان حاصل ڪئي ، ان بعدعلامه حاجي فقير الله علوي، مخدوم ميان يار محمد ۽ مخدوم آريجوي وٽ پڙهيا. پڙهائي جي دوران ئي سندن والد ماجد سلسلي قادري ۾ بيعت ڪيو، پير سائين محمد بقا شاه جي وصال وقت سندن عمر مبارڪ 28 سال هئي ، پاڻ مسند ارشاد و هدايت تي ويٺا، پاڻ دور دوراز تائين سال جا نو مهينا سفر ۾ رهي تبليغ ڪندا هئا ، سندن اثر جي ڪري لکين ماڻهو راه راست تي اچي ، سلسلي قادري ۾ شامل ٿيا، ايستائين جو سنڌ کان ٻاهر پنجاب، بلوچستان ، راجستان، افغانستان ۽ ايران تائين سندن حلقه ارادت ڦهلجي ويو، سفر ۽ تبليغ سان گڏ تزڪيي نفس جي تعليم ، صاحبزادن جي تدريس ۽ ڪتابن جي تصنيف جون خدمتون ۽ ٻين ماڻهن جا جائز ڪم ڪار ڪندا رهيا،، بلڪه ڪن مسئلن جي لاءِ ته پاڻ سفر ڪري حاڪمن سان ملي حل ڪرائي ڏيندا هئا.

سندن فيض جي برڪت سان جهرجهنگن ۾ لااله الاالله جون تنوارون گونجڻ اٿيون. پاڻ پنهنجي وقت جا غوث ۽ مجدد هئا، سندن وصال مبارڪ ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ 1234 هجري ۾ ٿيو.
 
Back
Top