• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيرسائين تجر ڌڻي پاڳارو پهريون

حضرت پير سائين تجر ڌڻي قدس سره

حضرت پير سائين سيد صبغت الله شاه اول، تجر ڌڻي جي لقب سان معروف آهن ، پير سائين روضي ڌڻي جا فرزند ۽ تربيت يافته هئا ، سندن وصال بعد مسند تي ويهي، پهرين پاڳاري جو اعزاز ماڻيائون، سجادگي وقت سندن عمر مبارڪ 50 سال هئي ، پاڻ قرآن پاڪ جا حافظ هئڻ سان گڏوگڏ وڏي پايي جا عالم هئا ، پير سائين روضي واري جي سلسلي کي نه فقط سنڀالي بلڪه ان ۾ ڪافي واڌارو به ڪيائون .سندن دور سجادگي ٻارنهن سال رهيو، 1246 هجري ۾ سندن وصال ٿيو.
 
Back
Top