• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيرسائين بنگلي ڌڻي پاڳارو ٻيون

حضرت پير سائين بنگلي ڌڻي قدس سره

پير سائين تجر ڌڻي جي ستن فرزندن مان ٽيون نمبر حضرت پير سائين سيد علي گوهر شاه مسند ٿيو، ۽ ٻي پير پاڳاري طور خدمتن جو سفر شروع ڪيائون، چار رجب 1231 هجري سندن سن ولادت آهي .

محبت الاهي ۾ سرشار هئا ، درگاه جي سلسلي کي سنڀالڻ سان گڏ، پنهنجي والد ماجد جي ملفوظات ”خزانة المعرفت“ کي گڏ ڪيائون ، ۽ پاڻ اعلي پايي جا شاعر به هئا ، سندن سنڌي شاعري جو رسالو ، ” اصغر سائين جو ڪلام “ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، جماعت کين بنگلي ڌڻي جي لقب سان ياد ڪندي آهي، هاڻوڪي درگاه شريف تي پاڻ آباد ٿيا، دريا جي پائڻ ڪري پنهنجي والد ماجد ۽ ڏاڏي پير سائين روضي ڌڻي جون مزارون به هن درگاه تي منتقل ڪيائون ، پاڻ32 سالن جي ڄمار ۾ 11 ربيع الاول 1263 هجري ۾ وصال فرمايو.
 
Back
Top