• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت پير سائين تخت ڌڻي قدس سره پاڳارو ٽيون

حضرت پير سائين تخت ڌڻي قدس سره

سنگ مرمر جي هڪ تخت ٺهرايو هئائون ، ان جي نسبت سان معروف پير سائين سيد حزب الله شاه تخت ڌڻي ،22 نومبر 1258 ۾ تولد ٿيا، جڏهن سندن والد ماجد جي عمر 27 سال هئي ، پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد ماجد جي هٿ تي بيعت ٿيا، پنجن سالن جي ڄمار ۾ ٽيون نمبر پاڳارا جي دستار پاتائون ، پر ڏاهپ ۽ دانائي کين خانداني ورثي طور ملي ، پاڻ بهترين طريقي سان جماعت کي منظم ڪري ، مک ۽ خليفا چونڊي ، چونڪين جو نظام رائج ڪيائون ، سندن دور ۾ مريدن جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، جيڪي باقاعده هڪ منظم جماعت جو حصو ٿي ويا، 45 سالن جي دور ۾ پاڻ تمام اهم ڪارنام سرانجام ڏنا.

علم وفضل جا صاحب هئا ، سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير لکرايائون ، جيڪو پير سائين ڪوٽ ڌڻي تفسير ڪوثر جي نالي سان ڇپرايو. درگاه شريف جي مسجد جي تعمير ڪرايائون، ، پاڻ وڏا سخي ، فياض ۽ غريب پرور انسان هئا.

پنجتاليهه سالن جي سجادگي ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏيئي ، 50 سالن جي ڄمار ۾ 4 محرم الحرام 1308 هجري تي وڃي خالق حقيقي سان مليا.
 
Back
Top