• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت پير سائين محافي ڌڻي قدس سره پاڳارو چوٿون

حضرت پير سائين محافي ڌڻي قدس سره

حضرت پير سائين تخت واري جا وڏا صاحبزادا هئا ، سندن سن ولادت 1275 هجري آهي ، پاڻ والد ماجد جي حڪم موجب پير سيد محمد شاه گيلاني جي هٿ تي بيعت ڪيائون ، والد سائين جي وفات بعد سجاده نشين ٿيا، اڪثر بيمار رهندا هئا ، ان ڪري جماعت ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ محافو استعمال ڪندا هئا ، ان ڪري کين محافي ڌڻي جو لقب مليل آهي، کين اولاد نه هئڻ ڪري ،پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي برادر حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه اول کي ولي عهد مقرر ڪيائون، پاڻ 24 جمادي الثاني 1314 تي 39 سالن جي ڄمار ۾ وصال ڪيائون.
 
Back
Top