• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت پير سائين سورهيه بادشاه قدس سره پڳ ڌڻي پاڳارو ڇهون

حضرت پير سائين سورهيه بادشاه قدس سره

پاڻ 13 صفرالظفر 1327 هجري ۾ تولد ٿيا، سندن والد ماجد جي انتقال بعد ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سجاده نشين ٿيا، پاڻ پنهنجي دور ۾ انگريز جي خلاف تحريڪ کي اڳتي وڌايو، مريدن جي تربيت لاءِ دورا ۽ سفر شروع ڪيائون ، حضرت پير سائين سورهيه سائين تحريڪ آزادي جي پاداش ۾ گرفتار رهيا، سندن خاندان ، جماعت ۽ درگاه جي مٿان آزمائش جو دور هو، سمورا سلسلا منقطع ٿي ويا، جماعت روپوش ته ٻي لوڙهن ۾ ، هوڏانهن کين 20 مارچ 1943 ع تي فرنگي سامراج شهيد ڪيو، سندن خاندان کي نظر بند ڪري ، صاحبزادن کي جلاوطن ڪيو ويو ، درگاه جي مٿان بمباري جي ذريعي سواءِ مزارن ۽ مسجد جي ٻيو ڪجهه نه ڇڏيو ويو. انهن ڏکين حالتن ۾ جماعت ۽ درگاه 1952 تائين رهي ، پوءِ مرشد زادن جي واپسي سان ڏک لٿا، حضرت پير سائين شاه مردان شاه ساڳيون رونقون بحال ڪيون..
 
Back
Top