ٿرپارڪر جي هڪ امام بارگاهه ۾ شهزادي امام اڪبر جي قرباني تي روشني وجهندڙ هي هندو ذاڪر روي شنڪر سنڌ ڌرتيءَ جي مذهبي رواداري ، امن عالم ، انساني برابري ۽ سهپ ءٌ ڀائيچاري جو اعلا مثال آهي ، هي روي شنڪر جيڪو هڪ عام مسلمان کان وڌيڪ اسلام بابت ڄاڻ رکي ٿو ، جيڪو اهل تشيع سان گڏ هر جمعي جي نماز پڙهندو آهي ۽ جنهن جي آخري خواهش به اها آهي ته هن جي جنازي جي نماز فقه جعفريا وارا پڙهائين ، روي شنڪر جيڪو 1970 کان عزاداري ڪندو اچي ۽ 1990 کان هو مجلسو پڙهندو اچي ،هن کي مذهبي انتها پسندن هٿان قتل ٿي وڃڻ جو ڪو به خوف ناهي ، هو ان کي شهادت سمجهي ٿو