ان ڏينهن اسان ڪراچيءَ جي سدا مصروف شاهراهه فيصل کي اڌ ۾ ڇڏي گلستان جوهر ڏانهن لڙي پياسين، جتي اسان کي هڪ دوست سان ملي واپس ٿيڻو هو. ڪراچيءَ جي اها شام هلڪي جهڙ ڦڙ واري هئي پر ڪراچيءَ جي هوا پوءِ به خماريندڙ هئي. جوهر جي ان روڊ ڪناري، جتي هاڻي دادو، ميهڙ، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جا ڇوڪرا چنگچيون به هلائين ٿا، ان ئي روڊ جي پاسي ۾ هڪ باربي ڪيو ٽائپ هوٽل جي ڀرسان وڃي بيٺاسين. آرڊر ۾ هميشه جيان هن ڌاڳا ڪباب چئي منهنجي منهن تي مرڪ آڻي ڇڏي، ڇو ته آئون کيس هميشه چيڙائيندو رهندو آهيان ته اهي ڌاڳا ڪباب به سندس حسن ۽ زندگيءَ جيان منجهائيندڙ آهن. باربي ڪيو آرڊر ڪرڻ کانپوءِ اسان ٽنهي ڄڻن جڏهن گفتگو شروع ڪئي ته اهو ڄڻ ته ادب، سياست ۽ صحافت جو سلاد ٺهي پيو، ڇو ته جنهن دوست سان ملڻ وياسين، ان جو تعلق ادب سان، خاتون جو تعلق سياست ۽ منهنجو صحافت سان هو. ڳالهه ڦرندي گهرندي جڏهن سنڌ ۾ ادارن جي اڻاٺ تي اچي پهتي ته مون کين ٻڌايو ته، سنڌي سماج ۾ ڳوٺ، ڳوٺ جو وڏيرو يا ڀوتار وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اسان چاهيون يا نه چاهيون پر پوءِ به ڳوٺ وارو ڀوتار اسان جو هميشه رول ماڊل رهي ٿو. اسين پڙهي لکي شهرن ۾ شفٽ ٿي پنهنجا ٻار ڀلي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهايون پر اسان جي هٿ ۾ جڏهن به ڪي اختيار اچن ٿا ته اسان جي اندر ۾ ويٺل ڀوتار جاڳي پوي ٿو ۽ اسان ادارن ٺاهڻ بدران پنهنجا نوازي، شخصيت پرستي کي فروغ ڏيون ٿا. ان ڳالهه ٻولهه دوران باربي ڪيو اچي ويو ۽ هن ڌاڳا ڪباب جا ڌاڳا الڳ ڪندي گرم نانَ جي ٽڪري ۾ ڪجهه ڪباب ويڙهي چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي ماءُ جيان گرهه مون ڏي وڌايو، ڇو ته منهنجا هٿ به ڪولڊ ڊرنڪس ۾ قابو هئا. هن کلندي پوئين سيٽ تي ويٺل منهنجي اديب دوست کي چيو، ”ڀوتارن جا اصل متاثرين ته اسان آهيون، پارٽيءَ ۾ اڳتي ڪو نه پيا وڌڻ ڏين ۽ اڌ ڀوتار ته هي صحافي به ٿي پيا آهن، جيڪي بليڪ ميلنگ کانسواءِ اسان جي ڪا خبر ڪونه ٿا هلائين.“ گلستان جوهر ۾ ان وقت هڪ لساني تنظيم جو وڏو جلوس روايتي نعرن ۽ شور شرابي سان گذريو، جنهن ۾ منهنجي لاءِ نئين ڳالهه اهي جديد هٿيار هئا، جيڪي سندن گاڏين ۾ اڳواڻي ڪندڙ همراهه نمائشي طور هٿن ۾ کڻي بيٺل هئا. ”هنن ته سڀ حدون ڪراس ڪري ڇڏيون آهن“ ان سياستدان خاتون چيو، جنهن جي موٽ ۾ سٺو بحث به ڇڙي پيو پر مون ان ۾ صرف ايترو واڌارو ڪيو ته، ڇا به هجي، سوين هزارين اختلافن جي باوجود هنن هڪ نظام پنهنجي پارٽي اندر رائج ڪيو ۽ نوان ادارا جوڙيا آهن. مون کي خبر نه هئي ته ٻه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ روڊ ڪناري بيٺل گاڏيءَ ۾ باربي ڪيو دوران ڪيل اهو بحث هاڻي حيدرآباد ۾ عملي طور منهنجي سامهون ايندو. ان ڏينهن قاسم آباد ۾ هڪ قومپرست ڪارڪن جي مرتئي تي وياسين، جنازي نماز کانپوءِ جڏهن ميت کي قبرستان ڏانهن کڻي وڃڻ جو مامرو آيو ته ان ئي لساني تنظيم جي سماجي خدمت واري شعبي جي ميت بس کي گهرائڻو پيو، حالانڪ پنهنجي جيئري حياتيءَ ۾ اسان جو اهو سياسي ڪارڪن دوست ان لساني تنظيم کي سنڌ دشمن ۽ ڌرتي دشمن سمجهندو هو پر ادارن جي اڻاٺ ۽ شهري ڪلچر نه اپنائڻ سبب ان ڪارڪن جي ميت کي ان ئي ميت بس ۾ کنيو ويو، جيڪا لطيف آباد کان آيل هئي. قاسم آباد سڄي سنڌ ۾ سنڌين جو هڪ شهري علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو، جتي بلڊر توهان کي سنڌ جي دبئي جا آسرا ڏئي پئسا سيڙپ ڪرڻ لاءِ روز روز چوندا. جتي گهڻ ماڙ عمارتون ڏسي لڳندو ته سنڌي مڊل ڪلاس اڀري اچي ڪراچي ۽ لاهور جي مڊل ڪلاس سان ڪلهو ملايو آهي پر ان ڀري قاسم آباد ۾ ڪنهن سنڌيءَ جو لاش کڻڻ لاءِ اسان جي پنهنجي ڪا هڪڙي ميت بس سروس به ناهي، ڇو ته اسان انهن ڪمن جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهيون، ڇو ته اسان سڀ پنهنجي پنهنجي اندر ۾ هڪ ننڍڙ ڀوتار وَسايو ويٺا آهيون ۽ ڀوتارن جي ترجيح ادارا ٺاهڻ نه پر تباهه ڪرڻ هوندو آهي. ادارا شهري ڪلچر وارا ماڻهو ٺاهيندا آهن، ڀوتار ته اوطاقون، بيٺڪون ۽ فقيرن لاءِ اوتارا ٺهرائيندا آهن، اهي ادارا ڪيئن ٺاهيندا؟ ان قسم جو خيال مون کي تڏهن به آيو هو، جڏهن سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي ميت کي مون هڪ مذهبي ۽ سياسي تنظيم جي ايمبولينس ۾ پيل ڏٺو هو. انهن تنظيمن ۽ فردن سان اسان کي نظرياتي ۽ سياسي هڪ هزار اختلاف هجن پر ڇا اسان پنهنجي سماج ۾ اهڙو سسٽم، اهڙا ڪي ادارا ٺاهي سگهيا آهيون؟ ڇا هڪ ميت بس سروس ۽ هڪ ايمبولينس سروس هلائڻ اسان سڀني مڊل ڪلاسي سنڌين جي وس کان ٻاهر آهي؟ مڊل ڪلاسي سنڌي ان ڪري ٿو لکان، جو اهي شيون، اهي ادارا ۽ اهي سروسز انهن جي ئي ڪم جون آهن، ڀوتارن جا ته لاش به هيليڪاپٽرن ۽ جهازن ۾ ايندا آهن ته پوءِ اهي ڀوتار اسان جي مرڻي پرڻي جي ضرورتن جو خيال ڇو ڪندا؟ مون کي اها خبر ڪالهه پئي ته حيدرآباد ۾ هندو ڪميونٽي لاءِ هڪ ميت بس سروس آهي. توڻي جو اهي سڀ هندو سنڌي آهن، پوءِ به پاڪستان هندو ڪائونسل جي ميت بس ۾ مسلمان جو جنازو ڪيئن وڃي!! اهو توڻي جو ساٺيڪو سال کن اڳ وارو جهيڙو آهي پر ڇا ڪجي، سنڌي سماج لاٽونءَ واري ٽِڪَ ٻڌي اتي جو اتي بيٺل آهي، جتي ريلوي اسٽيشنن تي به هندو پاڻي ۽ مسلم پاڻي هوندا هئا. ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن جي اها تنقيد آئون اڪثر ٻڌندو رهندو آهيان ته سنڌي ماڻهن کي شهري ٿيڻ ۾ اڃا هڪ صدي ٻي به لڳندي. هو ان جو دليل اهو ٻڌائيندا آهن ته سنڌي ماڻهو شهرن ۽ ميگا شهرن ۾ به جڏهن پاڙي، مُحلي ۽ ٽائون جا نالا ”ڳوٺ“ رکن ته پوءِ ڪلچر به ته ڳوٺ وارو ئي هوندو نه، ۽ ڳوٺ ۾ جيئن ته هڪ ڀوتار ضروري آهي، تيئن انهن شهري ڳوٺن ۾ به رٽائرڊ ڪامورا ڀوتار بڻجي ويهڻ چاهين ٿا پر اهي ادارا قائم ڪرڻ ۽ شهري ڪلچر اپنائڻ کان قاصر آهن. هونئن ته ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي آئون هڪ انسان دوست ڊاڪٽر سمجهان ٿو، جيڪو نسل، رنگ، مذهب کان مٿانهون ٿي ڪم ڪري ٿو پر ڇا ڪو سنڌي ڊاڪٽر ان جهوني ۽ اتساهيندڙ ميسحا جهڙو ڊاڪٽر بڻجي ادارو قائم نٿو ڪري سگهي؟ ڇا اسان جا سڀ ڊاڪٽر ڪروڙ پتي ٿيڻ جي ڊوڙ ۽ شوق ۾ جهونا ٿي لوڙي لوڙي مري ويندا پر ڌرتيءَ وارن کي ڪو ادارو جوڙي نه ڏيندا؟ ڇا سنڌين ۾ ڪو ايڌي، ڪو ڇيپا، ڪو سيلاني بڻجي نٿو سگهي؟ يا ڪا عاصمه جهانگير بڻجي نٿي اڀري سگهي؟ في الحال ته منهنجو جواب آهي هڪ وڏي نه... ڇو ته اصل مفهوم وارو مڊل ڪلاس سنڌ ۾ اڃا اسريو ئي ناهي، هي لوئر ڪلاسي اهي پڙهيل لکيل ماڻهو آهن، جن علم حاصل ڪيو رشوتي نوڪري وٺڻ لاءِ، جڏهن پئسو جام گڏ ٿي ويو ته ڳوٺ ۾ ڀوتار جي بنگلي جهڙو بنگلو جوڙائي هنن به هڪ نئين ڀوتار گهراڻي کي اڀاري آندو. سوچ سمجهه، شعور جي اڻاٺ ۽ ڏيکاءُ پسنديءَ جي حد ته ڏسو جو سنڌ ۾ مک شاهراهن تي اهي بورڊ لڳي ويا آهن ته فلاڻي اڳوڻي چيف سيڪريٽري جو ڳوٺ هن پاسي آهي ۽ فلاڻي رٽائرڊ جج صاحب جي رهائش گاهه هن پاسي آهي. ڪجهه خدا جو خوف ڪريو! ڇا ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ته ڇڏيو، گلشن اقبال ۽ نرسريءَ، ناظم آباد جي هر ٻي گهٽيءَ ۾ اهڙا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ڪامورا گهٽ آهن؟! اهي ته پاڙي جي سبزي واري کان ڀينڊيون، بصر وٺندي ملندا پر اسان ڀوتار ابن ڀوتار ۽ ٻيا وري انهن جا واٺا ۽ نوڪر چاڪر. هاڻي اهڙي به ڪا خوشفهمي مون کي ناهي ته، ٻيو نه ته قاسم آباد ۽ ڪراچي جا سنڌي مڊل ڪلاسي پڙهيل لکيل سنڌي پاڻ ۾ گڏجي چندو ڪري هڪ ميت بس سروس ترت شروع ڪندا، ته جيئن سڀاڻي ”ڌارين“ جي طعنن کان بچي سگهن، باقي ايمبولينس سروس ته اسان جي ڪلهن کان ڳرو بار هوندي. اسين اهي ادارا ۽ سروس ان ڪري نٿا شروع ڪري سگهون، جو اسان مان هر هڪ جي من ۾ هڪ ڀوتار وسي ٿو، جيڪو معاشري تي چڱائي ۽ اجتماعي ڀلائي واري ڪم کان ڪوهين ڏور ڌڪي ٿو. ڇو ته ڀوتارن جون ترجيحات هن ڳالهه مان واضح آهن ته، سانگهڙ جو هڪ شهپري ۽ نوشهرو فيروز جو هڪ سادي طبيعت سياستدان جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. سڄي واٽ وارو وقت ٻنهي ڀوتارن ايم اين اي هاسٽل، اسلام آباد ۾ هاسٽل، اسلام آباد ۾ ڇيرين جا ڇمڪا ڪندڙ هڪ ماهه جبين جي حسن جي تعريف ۾ ڪٽي ڇڏيو. سندن سيٽ جي پويان هڪ سفيد پوش سنڌي نوڪري پيشه شخص پنهنجي گهر واريءَ سميت ويٺل هو، هن رستي ۾ ته کين ڪو نه ٽوڪيو، باقي ڪراچي ايئرپورٽ تي لهڻ شرط هن ٻنهي سان تعارف ڪرائي عزت سان هٿ ڏئي کين اها ميار ڏني ته، سائين توهان جي سڄي رستي گفتگو ڪو به ماڻهو پنهنجي فيملي سان گڏ ٻڌڻ افورڊ نه پيو ڪري سگهي. منهنجي گهر واري توهان ٻنهي اعليٰ سياسي شخصيتن کان ڏاڍو متاثر هئي ۽ هن ٻڌڻ پئي چاهيو ته توهان پنهنجي تڪ ۽ عام سنڌي ماڻهن جا ڪي مسئلا ڊسڪس ڪندا، پر هاڻي هوءَ سامهون سامان پئي کڻي ۽ توهان جهڙن ڀوتارن کي سلام ڪرڻ به پنهنجي توهين ٿي سمجهي. سو ڀوتار جي ترجيح جديد مجرن تان هٽي ته ميت بس ۽ ايمبولينس سروس جهڙن ادارن ۽ سماجي شهري ڪمن طرف وڃي. انقلابي شاعر حبيب جالب چواڻي، نه ڊرتي هين، نه نادم هين هان ڪهني ڪو بس خادم هين يهان الٽي گنگا بهتي هي اس ديس ۾ انڌي حاڪم هين يه ديس هي انڌي لوگون ڪا اي چاند يهان نه نڪلا ڪر.