سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قبيلائي تڪرارن جي ڪري اتان جي عام زندگي متاثر لڳي پئي آهي. گذريل 7 سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي پر اهي ان عمل خلاف قدم ان ڪري به نه کڻندا ڇاڪاڻ ته بلاول زرداري جي ان پارٽي ۾ ويٺل سڀني وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن جي رزق جو دارومدار ئي اهڙن خوني تڪرارن تي آهي. اوهان ڇا ٿا سمجھو ته سنڌ جون قومپرست پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ عام عوام کي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گھرجن؟