سماجي ناتن ۾ پوندڙ ڏار جا ڪجهه سبب ۽ اپاءَ!!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سماجي ناتن ۾ پوندڙ ڏار جا ڪجهه سبب ۽ اپاءَ!!!!
    مهراڻ فيچر ڊيسڪ

    روهڙي کان هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو رپورٽ ٿيو، جنهن ۾ پٽ پنهنجي جيجل ماءُ تي ڪارنهن جو الزام مڙهي ان کي گوليون هڻي زندگي جي حقن کان محروم ڪري پاڻ کي سماج ۾ غيرتي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ ۾ اهڙي نوعيت جا انيڪ واقعا ٿيندا رهن ٿا، هڪ پيءُ ٽن نياڻين سان زنا جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪري ٿو. مڙس زال کي جوا ۾ هارائي ٿو، زال کي بدپيشي تي مجبور ڪري ٿو، مڙس زال کي، ڀاءُ ڀيڻ کي، پيءُ ڌيءَ کي، ڏير ڀاڄائي کي ڪاري ڪري مارين ٿا. اهڙن دردناڪ واقعن سان روز جون اخبارون ڀريل ملن ٿيون، اهو به ناهي ته اهڙا واقعا اڄ جي نئين تاريخ جا نوان موضوع آهن، اهڙن واقعن جي تاريخ ۽ تاريخي پس منظر ۾ وڃبو ته اهي انساني تاريخ جي اوائلي دور کان جاري ملندا، پيءُ هٿان پٽ، پٽ پيءُ هٿان، ڀاءُ ڀاءُ هٿان به قتل ٿيندا رهن ٿا، پر ماءُ کي پٽ قتل ڪري ۽ مٿس ڪارنهن جو به الزام مڙهي ته ان طرح جي ٻي وڏي انساني واردات ٿي نه ٿي سگهي، نه ئي ان طرح جي بغيرتي غيرت جي نالي ۾ ڪا ٻئي ٿي سگهي ٿي. ماءُ جي پيٽ ۾ ماءُ جي رت تي پلجندڙ دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ ماءُ جي ٿڃ ۽ سهاري تي زندهه رهي وڏو ٿيندڙ ڪو پٽ جڏهن ماءُ کي ڪاري چئي ماري ڇڏي ته پوءِ غيرت جو بي غيرت تصور ڪو ٻيو نه ٿو ٿي سگهي، زال ڌي ڀيڻ ۽ ڀاڄائي تي ڪارنهن جو الزام مڙهي انهن کي مارڻ وارا غيرتي نه پر پاڻ کي ان طرح بيغيرت ثابت ڪندا رهيا آهن. پوءِ ڀلي واقعن جا پس منظر ٻيا ڪهڙا به هجن، اسلامي قانون ۾ زنا خلاف لاڳو حد ۾ سنگساري جي سزا طئي آهي، پر ڪنهن تي زنا جو الزام ثابت ٿيڻ کانسواءِ ڪا به عدالت ڪنهن کي به سنگساري جي سزا نه ٿي ٻڌائي سگهي.

    پاڪستاني قانون ۾ زنا جي سزا عمر قيد مقرر ڪئي وئي آهي، مگر اهڙيون ڳالهيون عدالتن ۾ مجاز مئجسٽريٽن سامهون گواهين ۽ ٻين ثبوتن سان ثابت ٿيڻ لازمي شرط آهي. بلڪل اهڙي طرح قرآن ۾ اها به حد لا ڳو ڪيل آهي ته ڪو ڪنهن تي زنا جي تهمت هڻي ثابت نه ڪري سگهندو ته ان کي 80 ڦٽڪن جي سزا ڏني ويندي، حدود آرڊيننس ۾ ڪنهن کي حرامي چوڻ ان جي ماءُ تي زنا جي تهمت هڻڻ جي برابر آهي، جنهن جي سزا به 80 ڦٽڪا طئي ڪيل آهي. ماءُ کي جڏهن پٽ زنا جو بنيادن تي نڪاح نامي جي ڪالمن کي خالي ڇڏيندا آهن يا لڪيرون هڻي ڪٽي ڇڏيندا آهن، سبب اهو آهي ته اڪثريت نڪاح نامي جي اهميت کان اڻ ڄاڻ آهي، ان بابت مناسب آگاهي جي ان ڪري ضرورت آهي جو عورت کي قانون ۽ مذهب سندس جن حقن جي باري ۾ مستقبل ۾ تحفظ مهيا ڪري ٿو، اهي نڪاح نامي جي فارم کي صحيح انداز ۾ پر ڪرڻ سان يقيني بڻجي سگهن ٿا، نڪاح نامي جو فارم ڪتابن جي عام دڪانن، نڪاح پڙهائيندڙن يا اسٽامپ وينڊرن کان آساني سان ملي وڃي ٿو، جوڙي کي نڪاح پڙهائڻ کان پهرين ان فارم کي پڙهي سمجهي وٺڻ کانپوءِ مرضي سان مشرطون پاڻ طئي ڪري پوءِ نڪاح پڙهائيندڙ کي ڏيڻ ۽ نڪاح نامي جو ڪو به ڪالم خالي نه ڇڏين. نڪاح جو فارم جنهن جو نالو فارم نمبر 2 مقرر آهي، مسلم فيملي قانون 1961ع جي قاعدي 8 ۽ 10 مطابق ترتيب ڏنل آهي، ان جا هڪ کان 12 تائين جا ڪالم گهوٽ ڪنوار، شاهدن وڪيلن ۽ وارثن جي بنيادي ڄاڻ بابت آهن، جن سڄي ڄاڻ قومي شناختي ڪارڊن ۾ ڏنل ڄاڻ مطابق پڙهجي ۽ شناختي ڪارڊ نمبر به لکجن ته اهو بهتر هوندو، 13 کان 16 تائين وارا ڪالم حق مهر جا ڪالم آهن، جن کي پر ڪرڻ نهايت ضروري آ هي، حق مهر ڪنوار جو شرعي ۽ قانوني حق آهي، جيڪو موجوده ويليو سان گڏ گهوٽ جي مالي حيثيت مطابق هجڻ گهرجي.

    حالانڪه حق مهر بابت وڌ ۾ و ڌ يا گهٽ ۾ گهٽ جو ڪو به شرعي قاعدو قانون موجود ناهي، گهڻا ماڻهو حق مهر واري ڪالم ۾ 32 رپيه لکرائي ڇڏيندا آهن، جيڪا رقم بيبي فاطمه رضه کي مليل حق مهر ساڍن 32 درهمن واري روايت مان ورتي وئي آهي، 14 سئو سال اڳ جا 32 درهم هن وقت جي 32 رپين جي برابر نه ٿا بيهن، انهن ساڍن 32 درهمن جو اندازو گهٽ ۾ گهٽ هزارن ۾ ڪري سگهجي ٿو، نڪاح جي ڪالم 14 ۾ حق مهر معجل ۽ حق مهر موجل جا لفظ استعمال ٿيل آهن. حق مهر معجل اهڙي طئي رقم ٿئي ٿي، جيڪا رخصتي کانپوءِ جلدي يا زال جي گهرڻ تي مڙس کي هر صورت ۾ ادا ڪرڻي آهي، حق مهر موجل جي طئي ڪيل رقم زال ۽ مڙس جي شادي واري معاهدي ختم ٿيڻ، طلاق ٿيڻ يا مڙس جي وفات جي صورتن ۾ ڏيڻ جوڳي رقم ٿئي ٿي. ڪالم 15 ۾ حق مهر جي طئي رقم مان شادي جي موقعي تي ادا ڪيل رقم يا جنسي شئي، سون زيور يا ڪا ٻي قيمتي شئي جيڪا ادا ڪئي وڃي، ان جو تفصيل ڄاڻائڻ ضروري آهي. ڪالم 16 ۾ ڪا جائيداد، گهر زمين دڪان يا ڪو ڪاروبار جيڪو حق مهر جي نالي ۾ آندو ويو هجي، ان جي ماليت ٻنهي ڌرين طرفان ڏوڪڙن جي صورت ۾ طئي ڪري لکڻ لازمي آهي. نڪاح نامي جو ڪالم نمبر 17 هن سوشل معاهدي(شادي) جو اهم ترين ڪالم آهي، جيڪو خاص شرط جي نالي سان لکيو ويو آهي، ان ڪالم کي گهڻو ڪري عام شادين ۾ لڪيرون ڏئي ڪٽيو ويندو آهي ۽ ان جي هن معاهدي ۾ اهميت کي سمجهيو ئي نه ويندو آهي، ان ڪالم ۾ ڪو به اهم شرط ڄاڻائي سگهجي ٿو، مثال طور زال طرفان حق مهر جي رقم معاف ڪري ڇڏڻ کي نه مڃيو ويندو يا زال مڙس جي نه ٺهڻ يا بيمارين جي حالت ۾ ٻارن جي خرچن جي ادائيگي ڪير ۽ ڪهڙي طرح ڪندو؟ مڙس طرفان طلاق ڏيڻ جي صورت۾ ان تي ڪو شرط به لاڳو ڪري سگهجي ٿو، وغيره وغيره.

    نڪاح نامي ۾ طلاق تفويض جو هڪ ڪالم 18 نمبر تي آهي، جيڪو هن زماني ۾ معروضي حالتن جي پيش نظر اهم ڪالم آهي، جيڪڏهن مڙس زال کي نڪاح جي وقت طلاق ڏيڻ جو حق ڏئي ڇڏيو هجي ۽ ان لاءِ مناسب شرط رکيا هجن ته هن ڪالم ۾ اهو حق ۽ شرط ڄاڻائي سگهجن ٿا. نڪاح وقت مڙس زال کي طلاق ڏيڻ جو حق تفويض ڪري سگهي ٿو، اهو مشروط يا غير مشروط به ٿي سگهي ٿو، ان طرح زال جڏهن چاهي شرط پورا ڪري مڙس کي هن ڪالم ذريعي طلاق ڏئي ان جي زوجيت مان آجي ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ زال کي مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ يا عدالت۾ وڃڻ، ڪيس داخل ڪرڻ، شاهد پيش ڪرڻ ۽ نامناسب قسم جي الزامن کي فيس ڪرڻ ۽ ٻين مشڪلاتن کان بچڻ جو گس ملي سگهي ٿو.

    نڪاح نامي جي ڪالم 19 ذريعي مڙس جي طلاق ڏيڻ واري حق کي مشروط بڻائي سگهجي ٿو، طلاق ڏيڻ واري صورت ۾ طئي ڪيل حق مهر جي رقم کانسواءِ ٻيا مناسب شرط به مورثي لاڳو ڪري سگهن ٿا. ان سان به عورت کي هڪ قسم جو تحفظ ملي سگهي ٿو، ڪالم 20، حق مهر جي سلسلي ۾ ڪنهن پراپرٽي بابت ڪو دستاويز تيار ڪيو ويو هجي ته ان جا تفصيل هن ڪالم ۾ لکي سگهن ٿا ته جيئن نڪاح جي رڪارڊ تي اچي وڃن. نڪاح نامي جا آخري ٻه ڪالم يعني 21 ۽ 22 اڄوڪي دور ۾ پوري ديانتداري ۽ باهمي رضامندي سان ڀري عورت کي وڏو تحفظ مهيا ڪري سگهجي ٿو، انهن ڪالمن ۾ اهو ڄاڻائڻو آهي ته جيڪڏهن مرد جي پهرين ڪا شادي آهي ته ان زال يا زالن کان ٻئي يا نئين شادي جي لاءِ اجازت نامو ورتل آهي يا نه؟ جيڪو وٺڻ لازمي قرار ڏنل آهي، اهڙو اجازت نامو مشروط به ٿي سگهي ٿو. ان طرح هنن ڪالمن ۾ مرد جي پهرين جي صورت ۾ ٻئي شادي

    جي اجازت ۽ ان لاءِ شرط طئي ڪري لکي سگهجن ٿا.

    جديد قانوني نڪاح نامي ۾ عورت کي نهايت مناسب ازدواجي تحفظ مهيا ڪيل آهي، پر نڪاح جي وقت اهڙو خوشگوار ماحول هوندو آهي، جنهن ۾ ڌرين کي نڪاح نامي جي صورت ۾ ٻن فردن جي ايگريمينٽ جي پائيداري بابت ڪو مناسب خيال نه هوندو آهي، رڳو دعا گهري ويندي ته خدا تعاليٰ جوڙي کي خوشيون ۽ اولاد عطا ڪري، اهو تصور به نه ڪيو ويندو آهي ته ٻنهي زال مڙسن جي وچ ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو معاملو به اچي سگهي ٿو، جنهن ۾ انهن جو گڏ رهڻ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي، ٻيو اهو به ته ڪڏهن ڪڏهن اجايا سجايا شرط خود عورت لاءِ مسئلو بڻجي پوندا آهن، جنهن ۾ ان جي زندگي به خطري ۾ پئجي ويندي آهي. مثال طور هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي ازدواجي تحفظ لاءِ نڪاح نامي ۾ شرط لکرايو ته طلاق ڏيڻ تي گهوٽ 2 لک رپيه ڀري ڏيندو، ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻنهي جو جڏهن گاڏو نه هليو ته مڙس 2 لک ڀري ڏيڻ کان 6 مهينن تائين غائب ٿي ويو، جنهن ۾ عورت ويچاري ٽنگجي وئي، پيءُ پنهنجي نياڻي جي جان آجي ڪرائڻ لاءِ نيٺ ان شرط تان هٿ کڻي ورتو.

    سنڌ جو اهڙو سماج جتي نياڻيون پنهنجن پيئرن هٿان ڏوڪڙن تي وڪرو ٿينديون هجن، اتي مذڪوره ڪالمن واري نڪاح نامي ذريعي نياڻين کي ڪهڙو ازدواجي گهريلو احترام ۽ عزت وارو تحفظ ملي سگهندو هوندو، هاڻ ته قانون ۾ سڱ چٽي، بدي جي شادي ۽ نياڻين جي وڪري بابت سزائون به مقرر ٿي ويون آهن، پيار جي شادي تي روزانو ڪات ڪهاڙا اڀا ٿيندا رهن ٿا ۽ اهڙين شادين تي جرڳن ۾ سڱ چٽيون به مڙهجڻ روز جو معمول ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ڪا نياڻي ڀاءُ يا پيءُ جي ڪنهن غلط يا صحيح جائز يا ناجائز اخلاقي يا غير اخلاقي حرڪت جي نتيجي ۾ فيصلي اندر چٽي طور ڏني وڃي ته ان جي ڪنهن سان نڪاح نامي ۾ ڪهڙا شرط آڻي سگهبا ۽ ان کي مسلم فيملي قانون 1961ع تحت نڪاح نامي ذريعي ڪهڙو تحفظ مهيا ڪري سگهبو؟

    سنڌ ۾ شادين، سڱ چٽين، نياڻين جي وڪري سميت نياڻين سان ٻيون ڪيتريون ئي عقوبتون معمول جا معاملا ٿيندا پيا وڃن، انهي جي باوجود جن جن ڌرين کي پنهنجين نياڻين جي بهتر مستقبل ۽ ازدواجي تحفظ جو اونو ٿي سگهي ٿو، اهي نڪاح نامي ذريعي انهن کي مناسب تحفظ مهيا ڪري سگهن ٿا، نڪاح پڙهجڻ دوران شرطن جو نڪاح نامي ۾ آڻڻ برادري اڳيان ڏٺي ٿيڻ جو مسئلو سامهون ضرور آڻي ٿو، پر ٻن انسانن کي زندگي ڀر هڪ ٻئي سان گڏائڻ لاءِ انهن جي وچ ۾ جيڪو سماجي معاهدو لکجي ٿو، ان جي اهميت ٻين سمورن معاهدن کان وڏي آهي، ان ڪري ان معاهدي جي لکجڻ دوران سمورين امڪاني خطرن ۽ ڳالهين جو جيڪڏهن اڳواٽ خيال لکبو ۽ بندوبست ڪبو ته مستقبل ۾ ڪيترن ئي پيچيدا مئسلن کان بچي سگهبو، ان ڳالهه ۾ تمام وڏو وزن آهي ته جتي وار وڇائبا آهن اتي ڪي به ليکا ناهن ڪبا، جڏهن زال مڙس خوش رهي نه سگهن ته انهن کي طئي ڪيل شرط ڪهڙي طرح گڏائي ۽ هلائي سگهندا، انهن سارين اهم ترين ڳالهين جي باوجود ٻن زندگين جي وچ ۾ مڪمل ايگريمينٽ (سماجي معاهدو) تمام گهڻن امڪاني مسئلن جو حل ۽ خاص طور تي عورت ۽ ٻارن جو تحفظ بڻجي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي سنجيدگي سان طئي ڪرڻ ۽ لکڻ سان گڏ رڪارڊ تي آڻڻ لازمي آهي، ان ۾ ٻنهي ڌرين جي گڏيل ڀلائي ۽ عورت جو وڏو تحفظ آهي.





    هي ۽ هي به تعليم يافته هو جيڪڏهن هو چاهي ها ته وڏو آفيسر يا ڪا ٻي سرڪاري نوڪري حاصل ڪري ها پر هن غريب پي پهچ عوام جو ساٿ ڏيڻ لاءِ صحافت جو رستو اختيار ڪريو .هوءَ صحافين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هو ڪٿي به ڪنهن صحافي سان ڪابه ناانصافي ٿيندي هئي يا ڪنهن صحافي مٿان جبر ڪو ظلم ڪيو ويندو هو ته هوءِ صحافين جي حقن لاءِ اٿي کڙو ٿيندو هو،

    صحافي جي باري ۾ جيترو لکجي اهو گهٽ آهي

    جبل جهڙي دل رکندڙ صحافي محومد شر منهنجو صحافت ۾ استاد هو هن مونکي صحافت جا اصول سيکاريا صحافي محمود شر کي سنڌ صحافتي سنگت طرفان حيدرآباد ۾ مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنو ويو صحافي محمود شر جو وڇوڙو فيضگنج لاءِلاءِ وڏو خال اهي جيڪو ڀرجي نه سگهندو توڙي جو ان جو پٽ به صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو آهي هن جي ويجهي دوستن ۾ غلام فريد هاليپوٽو ، رياض سولنگي ارشاد لاشاري شاهه محمد شر جاويد اختر عبدالرحمٰن چانگ هئا محمودخان شر هڪ بيباق صحافي هيو محمود خان جڏهن بيماري جي بستري تي پيل رهيو ته ڪنهن به وس واري سندس واهر نه ڪئي مان جڏهن حيدرآباد جياسپتال ۾ ان کان پڇڻ ويس ته هن معيار ڏيندڙ اکين سان معيار ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ثقافت کاتي منهنجي سار نه لڌي آهي.

    muzafarsharakrichodgi@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو