ســنـڌ جــي تــعـلــيـم ۽ هـڙتـالـون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ســنـڌ جــي تــعـلــيـم ۽ هـڙتـالـون
    شــاھـــد عـــلــي راڄـــپـر

    چوندا آهن ته ڪنهن قوم کي جيڪڏهن تباھ ڪرڻو هجي، ته اتان جي تعليم کي تباھ ڪريو، قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي، اهو ئي ورتاء سنڌ سان، ۽ سنڌ واسين سان ڪيو پيو وڃي، سنڌ کي ته الائي جي ڪھڙي اوڏھي، يا وڻ ويڙهي وڪوڙي وئي آهي، جو ڪرپشن۽ بي ايماني چوٽ چڙهي چڪي آهي، ڄڻ هٿ سان سنڌ کي تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي، حڪومت به خاموش تماشائي بڻي پئي آهي، جو ڪنهن مسئلي طرف ڌيان ئي نه ڏئي رهي آهي، سنڌ جي تعليم جو وزير ته صرف اخباري بيانن ۾ سجاڳ آهي جنهن اخباري بيانن ۾ ته وڏا وڏا تعليم سڌارڻ جا بيان ڏنا پر هن مھل تائين حقيقت ۾ ڪو به کڙتيل نه ڪڍيو آهي، سنڌ جي تعليم جو سيڪريٽري به صرف ملازمن جون پگھارون روڪڻ، ملازمن کي خوار ڪرڻ ۾ اڪثر مصـروف آهي ۽ تعليم طرف ٽڪي جو به ڌيان نه ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سيڪريٽري صاحب صرف سنڌي استادن سان اهڙو ورتاءَ پيو ڪري ۽ شايد ڪراچي ۾ ان جي نگاھ نه پئي پوي، جو اتان جي ڪنهن به ملازم جي پگھار ته ڇا، پر سکڻو نوٽيس به نه موڪليو آهي،نه ئي اتان جي ڪنهن ماستر مٿان ڪا ڪاروائي ڪئي آهي، سنڌ جو وڏو وزير به اگھور ننڊ ستل آهي، ڪنهن مسئلي طرف دلچسپي ئي نه وٺي رهيو آهي، جيڪڏهن سيد سڳورو صاحب چـڱي طرح سنڌ جي ڊيوٽي نه ٿو ڪري سگھي ته ان کي موڪل ڏئي سنڌ جي وڏ وزارت ڪنهن نوجوان کي ڇو نه ٿي ڏني وڃي، جيڪو بردباري سان سنڌ جي خدمت ڪري سگھي، اٽل فيصلا ڪري ۽ سڀن کان ڪم وٺي ڄاڻي، جيڪي من مستيون ڪن انهن کي گھر ڀيڙو ڪري، سيد صاحب سالن جو سياست جو تجربو آهي، پر سنڌ کي ڪوبه فائدو نه ڏئي سگھيو آهي، هڪ ته سنڌ ۾ ڪرپشن عام آهي، ٻيو وري سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ڏينهون ڏينهن ٻڏي رهيو آهي، پر ڪو به اڳواڻ اهڙي مسئلي طرف توجھ نه ڏئي رهيو آهي، لازم آ جن ملازمن کي ڊيوٽيون ڏنيون ويون آهن ته پگھار ته انهن جو حق آهي، 2011ع ۾ ڪاليجز سائيڊ سکر ريجن ۾ ڀرتيون ڪيون ويو، جيڪي ان وقت جي سکر ڊويزن جي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز مطابق ميرٽ بنياد تي ڪيون ويون، جتان آر ڊي کي هٽائي وري اتي هڪ ٻيو آر ڊي کي مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجا پاور استعمال ڪندي ملازمن کي جعلي قرار ڏنو، ۽ اتي پاڻ آرڊر ڪڍيا، پوءِ جعلي ڪنهن جا،؟ لازم آهي جنهن ميرٽ تي آرڊر ڪڍيا اهي ئي اصل هوندا،! باقي ته دنيا ڄاڻي ٿي، ظلم ته ملازمن سان ٿيو جن کي اڄ تائين تقريبن 35 کان 36 مهينا ٿي ويا آهن، پر انهن ويچارن ملازمن کي پگھار نه ملي آهي، جڏهن ته هنن مظلوم ملازمن جو ڪيس به سکر هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، قتلن جا ڪيس به ايترو وقت نه هلندا آهن، جيترو وقت هي پگھارن جو ڪيس هلي رهيو آهي، اڻڄاتل ذريعن وٽان اهو ٻڌڻ ۾ آيو، ته هنن ڀرتين ۾ ڪجهھ جعلي آرڊر نڪتا، ان وقت جو تعليم جو وزير پير مظهر الحق صاحب اگر نيڪ نيتي سان ملازمن کي ڪليئر ڪرائي ها ته اڄ تائين ڪيترن ئي گھرن ۾ خوشحالي هجي ها، ڪاليجز ملازمن جا احتجاجي مظاهرا به ٿيا، پر اڄ تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي، جڏهن ته ملازمن جو هڪ الله پاڪ ۾ آسرو، ته ٻيو ڪورٽ سڳوري ۾ اميد آهي ته، جيڪي ملازمن سان انصاف ڪندا، پر هي ملازم ايمانداري سان ڊيوٽي ڪن ٿا، پر قانون کي هٿ ۾ نه کڻي رهيا آهن، پوري سکر ريجن ۾ هنن ملازمن ڪڏهن به اسڪول يا ڪاليج بند ڪرڻ جي ڳالهھ نه ڪئي، ڪڏهن به تعليم متاثر ڪرڻ جي ڳالهھ نه ڪئي آهي

    جڏهن ته اسڪولن جو ماحول ڪجھه ڊفرنٽ آهي، جتي يونين جي آڙ ۾ شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، ڪنهن به ذاتي مفاد لاءِ اسڪولن جي تالا بندي ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي،؟ يونين اڳواڻن جي غير ذميواري سبب سنڌ جي لکين شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هينئر شايد هڙتالن جي سيزن شروع ٿيڻ واري آهي، جو گسٽا جي سڏ تي اسڪولن جي تقريبن هڪ هفتي کان تالا بندي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ضلعي نوشهرو فيروز جي محراب پور، ڪنڊيارو، ڀريا، نوشهرو فيروز ۽ مورو تعلقن ۾تعليمي وهنوار ٺپ رهيو، جڏهن ته يونين اڳواڻن جو اولاد اڪثر ڪري پرائيوٽ سينٽرن تي تعليم پيو پرائي، ان لاءِ انهن کي ڪا به ڳڻتي نه آهي ته هڙتالن سان تعليم ڪنهنجي ٿي متاثر ٿئي، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن جا ٻارڙا تعيلم پرائن ٿا، ان لاءِ شايد هنن تي ڪو اثر نه آهي، سرڪاري پگھاردار هئڻ باوجود هي اڪثر غير حاضر رهن، ۽ ڪو نوٽيس نڪرڻ تي اسڪولن جي تالابندي، ان سان نقصان ٻئي ڪنهن جو ٿئي يا نه ٿئي، پر مستقبل جو ضرور ٿيندو، هن ترقي يافته دور ۾ تعليم جي ڪيتري اهميت آهي، ان لاء هرڪو توڙي اسان جا نمائندا ضرور آگاھ هوندا، کين تعليم جي تباھيءَ جو پڻ احساس هوندو، پر عملي طور ڪجهھ ڪرڻ کان قاصر آهن، تعليم جي معاملي ۾ حڪمرانن جي بي حسي ڏسڻ وٽان آهي، ته نئين نسل لاءُ حڪمرانن اڄ تائين ڇا ڪيو آهي،؟ بند پيل اسڪولن جي بحالي توڙي تعليم جي سڌاري لاءِ حڪومت ڪي به ڪارائتا قدم نه کنيا آهن، اڄ به سرڪار اگر نيڪ نيتي سان سچائيءَ سان تعلم طرف ڌيان ڏئي ته گھڻو ڪجهھ ٿي سگھي ٿو، ان لاءِ پھريان ڪوتاهين کي ڳولڻو پوندو ته پهرين ڪاپي ڪلچر کي پاڙان پٽڻو آهي، ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڀرتيون ڪري اهل استادن کي اڳتي آڻڻو آهي، جن وڏيرن جي قبضن ۾ اسڪول آهن، جن کي وڏيرن ڀانڊا، مال جا وٿاڻ، ۽ اوطاقون بڻايو آهي، اتان قبضا ختم ڪرائي، اسڪولن ۾ تعيلم بحال ڪئي وڃي، اهو به ڏسڻو پوندو ته اسڪولن ۾ عملو وقت سر وڃي تعليم به ڏئي ٿو، يا گھر ويٺي پگھارون کڻي رهيو آهي، جيڪڏهن آفيسر سختي ڪندو ته عملو به ڪا ڪوتاهي نه ڪندو، سنڌ جي تعليمي ادارن مان يونين جي نظام کي ڪڍي اتي صرف استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، يونين جي آڙ ۾ اڳواڻ پنهنجن ذاتي مفادن خاطر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، اگر يونين اڳواڻ تعليم سا سهمت آهن، ته تعليم جي ترقي لاء قدم وڌائن، ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري پنهنجي ۽ سنڌ جي مستقبل کي ترقي طرف گامزن ڪن، ترقي يا فته ملڪن ۾ اسڪولن جي مئينجميٽ ، فنانس، ۽ تدريس وارا شعبا ڌار ڌار آهن، ۽ انهن ملڪن جي ادارن جا نتيجا هتان جي ادارن کان ڪافي ڀيرا بهتر آهن، اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاء اڌ صدي کان وٺي ڪوششون ٿي رهيون آهن پر، ان ۾ اڳڀرائي ٿيڻ بجاءِ تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿي رهي آهي، هتي جي تعليم تباهي ڪناري پهتل آهي، استادن مان پڙهائي جو رجحان گھٽجي رهيو آهي، ان جو سڄو بار سنڌ گورنمينٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ان لاء سنڌ جي تعليم جي سيڪريٽري، سنڌ جي تعليم جي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير تي اهو فرض آهي ته سنڌ اندر تعليمي ادارن ۾ جتي جتي ڪوتاهيون ڪيون ويون آهن، ٿي ويون آهن، يا ٿي رهيون آهن، انهن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي، جن ملازمن جون پگھارون رهيل آهن، انهن کي پگھارون ڏنيون وڃن، جن جا جيڪي حق آهي انهن کي حق ڏناوڃن، جيڪي تعليمي ادارن سان سچائي سان پيش نه ٿا اچن، انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ڪنهن جي به ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي وڃي، جتي ڊفالٽر آهن، جن اگر جعلي آرڊر ڪڍيا آهن، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، تعليم کاتي ۾ ملازمن سان جيڪي ويساھ گھاتيون ڪيون پيون وڃن، اهي ختم ڪرائي، ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري انهن کي تحفظ ڏنو وڃي جيڪي يونين کان الڳ ٿي ايمانداري سان ڊيوٽي ڪرڻ چاهن ٿا، ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪن پيا، انهن کي اگر انصاف ملندو ته ڪو به يونين جي اڳواڻن آڏو بيوس نه ٿيندو، ان سان هڙتالن مان به آجو ماحول ٿي ويندو، نه ته يونين اڳواڻن جون هڙتالون رهيل سهيل تعليم جو ٻيڙو به ٻوڙي ڇڏينديو، ۽ اسان هٿ مليندا رهجي وينداسين، ته اسان سنڌ جي تعليم لاءِ ڪجهھ به نه ڪري سگھياسين.

    Shahidali.rajper@yahoo.com
     
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين اوهان کان ڪجه سوال آهي ! ڇا تعليم کي تباه ڪرڻ واري سنڌهي ناهن؟؟؟؟
    ڇا تعليم واري وزارت وفاق وٽ آهي ؟؟؟
    ڇا تعليم لا سنڌه حڪومت بجيٽ ناهي رکندي؟؟؟
    ڇا جيڪا تعليم لا بجيٽ رکي ويندي آهي اُها گهٽ آهي؟؟؟
    ڇا اسان جا سنڌهي تعليم جي طرف مائل آهن ؟؟؟
    شهري شاگردن جي نسبت ٻهراڻي مان ڪيترا شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين ٿا ؟؟؟
    سائين اگر انصافن ڏٺو وڃي ته سڀ اسان جو قصور آهي تعليم کي تباه ڪرڻ وارا سنڌهي آهن جيڪي سنڌ حڪومت ۾ آهن
     
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    دوست تعليم جي تباهي ۾ اسين سڀ ذميوار آهيون پر ڏوھ ورهائي کڻبو ته اسين نمبر وائيز ڏوھ کي ورهايون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو