بس ايترڙي ڳالھه ته اهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    وسعت الله خان

    اڄ مان توهان کي پنهنجي پاڙي جي ڪجهه اڪابرن و مفڪرن سان ملايان ٿو، هنن مان هرڪو بنا ڪنهن شڪ جي ملڪ ۽ قوم جو خير خواهه آهي. هي آهي رفيق هيئر ڊريسر صاحب، ان جو نجات وارو فلسفو ڏاڍو سادو آهي. يعني هن ملڪ کي هڪ خمينيءَ جي ضرورت آهي. جيڪو سمورن بدعنوان آفيسرن، ڍرن جرنلن، ڌاڙيل سياستدانن ۽ سپاهي حميد کي گولي هڻي ڇڏي، جيڪو گذريل پنجن سالن کان رفيق حجم جي دڪان تي قابض آهي (سپاهي حميد، ايس پي صاحب جي اکين جو تارو آهي ۽ ايس پي صاحب جو جونيئر جج صاحب سان دعا سلام آهي ۽ جونيئر جج وٽ رفيق حجم جي سالي جو فائيل گذريل پنجن سالن کان پيل آهي.) اچو هن سان ملو، عزيز ڊاراءِ ڪلينر، پاڻ به پنج وقتي نمازي آهي ۽ سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا دڪان پڻ حوالي ڪري تبليغ تي به ويندو آهي. هن جو نجات وارو فلسفو هي آهي ته جيستائين ماڻهو پاڻ کي براين، ڪوڙ ۽ حرام جي رزق کان پاڪ نه ٿو ڪري ۽ ننهن، ڌيءُ جي عزت نه ڪندو، تيستائين خراب انهن حرس ڪندڙن، ڪوڙن، حرام خورن ۽ بي غيرتن، جي نه ٻڌندو. ڀلي توهان ڪيترا به ڌرڻا هڻو، (پاڙي جا ڪجهه بزرگ چون ٿا، ته عزيز ڌوٻيءَ جي جوانيءَ ۾ ايتري دهشت هئي جو ايس ايڇ او به اڇو ڀائي جان چئي، ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهندو هو. هڪ ڏينهن اڇو پنهنجو پاڻ ئي تائب ٿي عزيز ڊراءِ ڪلينر بڻجي ويو، هاڻي گذريل سال ئي ته قتل جي پنجين ۽ آخري ڪيس مان آزاد ٿيو آهي) ۽ هي آهن اکنوري دوا خاني وارا حڪيم نور محمد، سائين جن جو خيال آهي ته جيڪي ڪجهه به سٺو يا خراب ٿي رهيو آهي سڀ الله جي رضا آهي. هو جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڏئي ٿو. جنهن جي دل تي چاهي ٿو ٺپو هڻي ٿو ڇڏي. جيئن ماڻهو بدقمستي ۽ خوش قسمتيءَ جي دائرن ۾ داخل ٿيندو ۽ نڪرندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح قومون به انهن دائرن ۾ نه پنهنجي مرضيءَ سان داخل ٿي سگهنديون آهن ۽ نه ئي وري نڪري سگهنديون آهن. تنهن ڪري پنهنجي ناقص عقل کي ويڙهائڻ بجاءِ خدا کان رحم گهرندا رهو. (حڪيم صاهب جو سليڪڌو پٽ ڏيڍ سال اڳ ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿي ويو، تڏهن کان حڪيم صاحب چُپ چُپ، رهڻ لڳو آهي. ڪڏهن ڪڏهن گهڻو زور ڀرڻ تي ئي ڪجهه چوندا آهن!)

    طالب ڪاسائي (ڪنهن زماني ۾ ڀٽو صاحب جو جيالو هو) هونءَ ته ٿڌي مزاج وارو ماڻهو آهي، پر جڏهن هو ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ڇُري ڦاسائي، آرمي بينڊ ماسٽر جي اسٽڪ وانگر تيزيءَ سان گهمائيندو آهي ته سڀئي سندس ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان ٻڌندا آهن. طالب ڪاسائيءَ جو نظريو آهي ته قوم پاڻ کي رڍ ٻڪري سمجھڻ لڳي آهي، ۽ رڍن ٻڪرين ۾ ڪو ليڊر پيدا ناهي ٿيندو، ڪير به کين هڪلي سگهي ٿو ۽ سڀئي ڇريءَ هيٺ ايندي ايندي مين مين ڀين ڀين ڪندي رهجي وڃن ٿيون. اسان جي کل، سري، پاوا، اوجھريون، آنڊا، ڇڇڙا، وار سڀ ڪجهه وڪامجي وڃن ٿا. جيستائين جيئرا آهيون، بس چارو ملندو، جڏهن انهن رڍن، ٻڪرين پنهنجا سڱ سڃاتا ته مون جهڙي ڪاسائيءَ جو دڪان ته بند ٿي ويندو.

    ۽ هي آهي حضرت مولانا فيض عالم-جڏهن پاڙي جي مسجد جي ڪميٽيءَ کيس خادم مان موزن ۽ موزن مان پيش امام جي عهدي تي فائز ڪيو آهي، تڏهن کان سندس سوچ به تبديل ٿي وئي آهي.مولانا جو نظريو هي آهي ته جيستسائين سڀئي مسلمان (يعني سني) پنهنجا اختلاف وساري هڪ اڳواڻ (يعني مولانا فضل الرحمان) ۽ هڪ نظريو (يعني ديوبند) اختيار نه ڪندا تيستائين پاڪستان سازشين (يعني ميونسپل ڪلارڪ عباس جعفري ۽ ماستر مرزا تاج احمد وغيره)، آمريڪي ايجنٽن (يعني پاڙي جو خاڪروب نذير مسيح) ۽ ڀارتي فتني بازن جي ڄار ۾ رهندو (يعني ڪنيعا لال ڪلاٿ مرچنٽ، جيڪو مولانا کي ورهين کان اوڌر تي لٽا ڏيندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن دٻيل لفظن ۾ پئسا به گهري وٺندو آهي)

    اڪثر قومي اڳواڻن وانگر هي مفڪر ۽ ساڃاهه وند به گهڻو پڙهيل لکيل ناهن ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ بابت گهڻو ڄاڻن يا مٿو هڻڻ ٿا چاهن. پر سڀ جا سڀ صاحب نظريه آهن. جن تي قسمت مهربان ٿي، اهي سياسي جماعتن جا اڳواڻ ٿيا. يا پارليامينٽ ۾ پهتا. فوجي يا سول آفيسر بڻجي ويا يا وري ميڊيا ۾ هليا ويا، جن جي قسمت کٽل هئي، سي رفيق هيئر ڊريسر، عزيز ڌوٻي، حڪيم نور محمد، طالب ڪاسائي ۽ مولانا فيض عالم ئي رهجي ويا، بس ڳالهه ايتري آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو