• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جون چند خطرناڪ ايئرپورٽس

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
2%20Airport%2053204_05.gif
ڳالهه ڪهڙي به هجي سفر جي هجي يا ڪاروبار جي گهڻن ماڻهن جو رخ ائيرپورٽ جي طرف هوندو آهي. اڃ جي دور ۾ ايئرپورٽ جي اهميت کي ڪنهن صورت ۾ به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. اڄ اسان دنيا جي چند سڀ کان زياداه خطرناڪ ترين ايئرپورٽ جي باري ۾ آگاهه ڪنداسين.




Toncontin Internationl Airport

هي هوائي اڏو هينڊراس ۾ واقع آهي. جڏهن ته بوئنگ 757 هميشه ان ايئرپورٽ تان آڏرندو ۽ لهندو رهندو آهي. پر ان کي دنيا جو ٻيو خطرناڪ ترين ايئرپورٽ قرار ڏنو ويو آهي. ان ڪري جو هن علائقي ۾ گهڻي تعداد ۾ پهاڙ موجود آهن.

1%20Airport%2053204_03.gif




Agatti Aerodrome

هي عجيب و غريب ايئرپورٽ انڊيا جي علائقي Lakshadweep ۾ واقع آهي. ان ايئرپورٽ کي پنهنجي مختصر رن وي جي ڪري خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. ان رن وي جي ڊيگهه 4 هزار فٽ آهي. پر ان جي باوجود هي ايئرپورٽ 36 هندوستاني ٻيٽن جي لاءِ پنهنجي خدمت سرانجام ڏيندو آهي.

2%20Airport%2053204_05.gif




Gibraltar International Airport

هي ايئرپورٽ جبرالٽر ۾ واقع آهي ۽ ان کي به خطرناڪ قرار ڏيڻ جو سبب مصروف ترين روڊ آهي. هن جو رن وي هڪ وڏي روڊ جي وچ کان گذرندو آهي جنهن وقت جهاز لهندو آهي ان وقت ٽريفڪ بند ٿي ويندي آهي.

3%20%20Airport%2053204_07.gif




Kansai International Airport

جاپان ۾ واقع هي ايئرپورٽ خلا کان ڏسڻ سان انتهائي وڏو نظر ايندو آهي. هي ايئرپورٽ وڏيڪ زلزلن طوفانن کي به منهن ڏئي چڪو آهي.

4%20%20Airport%2053204_09.gif



Wellington International Airport

نيوزيلينڊ ۾ واقع ان ايئرپورٽ جو رن وي انتهائي مختصر آهي ۽ وقعي ۾ خطرناڪ آهي. ان رن وي جي ختم ٿيڻ تي سمنڊ آهي هتي لهندڙ جهاز جيڪو غلطي ڪندو سڌهو سمنڊ ۾ ڪرندو.

5%20%20Airport%2053204_11.gif




Paro Airport

ڀوٽان جو هي ايئرپورٽ هماليا جي پهاڙن جي درميان واقع آهي ۽ صرف 8 قابل پائلٽ صرف هتي جهاز لاهي سگهن ٿا. سطح سمنڊ کان 1.5 جي بلندي تي واقع ان ايئرپورٽ تي جهاز جي لهڻ وقت مسافر خوف ۾ وٺجي وڃن ٿا.

6%20%20Airport%2053204_13.gif




Old Mariscal Sucre International Airport

هي خطرناڪ ترين ايئرپورٽ ايڪواڊور ۾ واقع آهي ۽ ان جي چئني پاسي پهاڙي علائقو ۽ ٻرندڙ جبل موجود آهن. ان علائقي ۾ ڌند به وڌيڪ هوندي آهي.

7%20%20Airport%2053204_15.gif




Lakla Airport

هي ايئرپورٽ صرف ڏسڻ ۾ خطرناڪ نه آهي پر ان خطرناڪ ايئرپورٽ جو مختصر رن وي آهي. 2900 ميٽر ان رن وي جي ختم ٿيڻ تي پائلٽ کي لازمي جهاز بلند ڪرڻو پوندو آهي.

8%20%20Airport%2053204_17.gif




Kai Tak Airport

هي ايئرپورٽ هانگ گانگ ۾ واقع آهي ۽ ان کي دنيا جو خطرناڪ ايئرپورٽ قرار ڏنو ويندو هو ڇو جو هن جي آس پاس بلند عمارتون ۽ پهاڙ هئا. 1998 ۾ ان ايئرپورٽ کي ان وقت بند ڪيو ويو جڏهن پائلٽن وڌيڪ جهاز لاهڻ کان انڪار ڪيو.

9%20Airport%2053204_15.gif




Gisborne Airport

هي هڪ انتهائي منفرد ايئرپورٽ آهي جيڪو نيوزيلينڊ ۾ واقع آهي. ان جي منفرد هجڻ جو سبب ان ايئرپورٽ جي درميان روز ٽرين گذريندي آهي ۽ ان ڪَري هن ايئرپورٽ کي به خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.

10%20Airport%20%2053204_21.gif
 
Back
Top