بي بي سي لنڊن جي انتظاميه آڏو سڀاڻي سنڌين ۽ بلوچن پاران احتجاج جو اعلان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سليم سنائي جي فيسبوڪ وال تان ورتل

    بي بي سي لنڊن جي انتظاميه آڏو احتجاج. حسن مجتبي خلاف کنيئل قدم تي سنڌي ۽ بلوچ رنجيده آهن.
    بي بي سي اردو جي نسل پرست پنجابي ايم ڊي جي سنڌي صحافي حسن مجتبي خلاف ڪاروائي تي سيڪولر فورم سنڌ ۽ لنڊن ۾ رهندڙ سنڌيئن پاران سڀاڻي بي بي سي جي هيڊڪوارٽر لنڊن ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو ۽ بي بي سي جي انتطاميه کي سندس اردو سيڪشن جي تنگ نظر پنجابي شائونسٽ انچارج جي اهڙي قدم جي پس پرده آئي ايس آئي جي چرچ ۽ سفارش کان باخبر ۽ آگاه ڪيو ويندو.
    آمريڪا ۾ جلاوطن جڳ مشهور ۽ بي باڪ سنڌي صحافي، اديب ، شاعر ۽ دانشور حسن مجتبي کي بي بي سي اردو جي پنجابي مئنيجنگ ڊئريڪٽر ان جرم ۾ بي بي سي تان هٽايو آهي جو هن سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ساڙي، چچري قتل ڪرڻ خلاف بي بي سي اردو تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي.
    ان ڳاله مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستاني آئي ايس آئي نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کي باهر به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترو فعال آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ سندس قهري ڪاروايئن کي وائکو ڪندڙ هر آواز غليظ حربن سان خاموش ڪرائڻ چاهي ٿي.
    سنڌ جي سموريئن قوم پرست پارٽيئن، سيڪولر ۽ جهموري قوتن جو فرض آهي ته هو بي بي سي کي احتجاجي خط لکي سندس انتظاميه کي اصل سازشن کان باخبر ڪن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان سنڌي بي .بي .سي جي اهڙي ڪاروائي خلاف سخت احتجاج ڪريون ٿا .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو