رضوان ساند
سينيئر رڪن
انجلي سنڌ جي نياڻي
ڀرچونڊيءَ جي پيرن جي هڪ وڌيڪ انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ، مذهبي اخلاقيات کي ڀليندڙ، اقليتن جي تحفظ جي حقن کي چٿيندڙ، سنڌ جي سيڪيولر فضا ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽيندڙ، ماڻهن کي فرقيواريت ڏانهن ڌڪيندڙ ڪڌي ڪارروائي اڳيان آئي آهي، جنهن جي جيتري به نندا ڪجي، اها گهٽ آهي. ڏهرڪيءَ ۾ 12 سالن جي نابالغ نينگري انجليءَ کي مسلمان بڻائي ان جي شادي ڪرائي ويئي آهي.
ڀرچونڊي وارن پيرن جو اهو پراڻو ڌنڌو آهي، هر مهيني ٻئي مهيني ڪونه ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي، جنهن هيٺ ڪنهن هندو ڇوڪريءَ جي شادي ڪنهن مسلمان سان ڪرائي ويندي آهي.
پهرين ڳالهه: 12 سالن جي نابالغ ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائڻ ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پر اها انجلي 18 ورهين جي به هجي ها، تڏهن به اهو هڪ شرمناڪ عمل هجي ها ته ڪنهن اقليتن سان لاڳاپيل نياڻيءَ کي زوريءَ پرڻايو وڃي. ان ڏس ۾ انهيءَ ملا کي به گرفتار ڪيو وڃي، جنهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي نڪاح پڙهايو.
ٻي ڳالهه: ميان مٺو هندن کي مسلمان ڪرڻ جي فيڪٽري هلائي رهيو آهي ۽ اهو پيپلز پارٽيءَ جو ايم اين اي به رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ مذهبي وڳوڙن ۽ اقليتن لاءِ دهشت جي علامت بڻيل آهي. پيپلز پارٽي هڪ سيڪيولر پارٽي هئڻ جي دعوا ڪري ٿي، جنهن جا سڀني فرقن ۽ اقليتن جا ماڻهو ووٽر آهي ته پوءِ اهڙن ماڻهن کي ڇو پارٽيءَ ۾ رکندي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻندي نٿو ٿڪجي ۽ ملالا سان ملي، ان کي مان ڏئي ٿو ته ڇا ان وٽ سنڌ جي هن نياڻي انجليءَ جي ڪا عزت ناهي، جو فوري طور سنڌ حڪومت کي هن واقعي جي نوٽيس وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري؟
ٽين ڳالهه: انجليءَ جي ڪيس ۾ مک جوابدار رياض سيال، سندس ڏهرڪي عدالت ۾ اچڻ مهل ماڻهو وٺي نعرا هڻائيندو رهيو، ان کي پوليس ڇونه گرفتار ڪيو؟
ڇوٿين ڳالهه: انجليءَ سان جوابدار جي ماءُ گاڏيءَ ۾ ڇو چڙهي آئي ۽ ان جا پيءُ ماءُ ڇو عدالت ٻاهران مجبور ۽ بيوس بيٺا رهيا ۽ پنهنجي ڌيءَ سان ملي به نه سگهيا؟ ڇا ان کان وڌيڪ ٻي زيادتي ٿي سگهي ٿي؟
چوٿين ڳالهه: انساني حقن جي وڪيلن ڇو 10 ڏينهن لاءِ انجليءَ کي شيلٽر هوم منتقل ٿيڻ جي درخواست ڪئي ۽ هن معاملي کي اينگهايو، ڇا اهي پڻ جوابدار جو پهر وهي رهيا آهن. جڏهن ته 12 ورهين جي نينگريءَ جي شادي قانون ۾ ڏوهه هو ۽ ان ڏس ۾ ثبوت به پيش ڪيا ويا ته پوءِ عدالت سڳوريءَ کي فيصلي جي درخواست ڪئي وڃي ها ۽ موقف اختيار ڪيو وڃي ها ته انجليءَ کي پيءُ ماءُ جي حوالي ڪري، انهن کي تحفظ ڏنو وڃي. هن معاملي کي اينگهائي ڇا رنڪل واري تاريخ کي ورجايو ويندو؟
پنجين ڳالهه: هيءُ واقعو سنڌي سماج جي سيڪيولر، لبرل ۽ امن پسند تصوير ۽ تصور کي بگاڙڻ جي هڪ وڌيڪ بدبودار ڪوشش آهي، انڪري، سنڌي جي سول سوسائٽي انساني حقن جي ڪميشن، عورتن جي حقن جاکوڙيندڙ تنظيمن سميت، سياسي پارٽين کي گڏيل نموني تحرڪ ۾ اچڻ کپي. سول سوسائٽي اهڙن واقعن تي متحرڪ ۾ ڏٺي ويندي آهي، پر سياسي پارٽيون سنڌ جي امن پسند، لبرل ۽ سيڪيولر سڃاڻپ لاءِ ڇو تحرڪ ۾ نه اينديون آهن؟
ڇهين ڳالهه: جي اهڙن واقعن جي روڪيو نٿو وڃي ته پوءِ سنڌي هندو پنهنجي عزت آبروءَ جي بچاءَ خاطر هتان لڏيندا رهندا ۽ انهن تي معيار به ڪهڙي رکبي، جو سڀ سنڌي، حڪومت، قانون، قومي سياسي جماعتون، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جون تنظيمون ملي به رڳو هڪ پيراڻي گاديءَ کي اهڙا غيرقانوني، غيرانساني، اقليتن کي آزاريندڙ، فرقيواريت جي باهه پکيڙندڙ عملن کان روڪي نه سگهندا هجن، اهڙي ڪمزور ۽ ڪنهن ارادي کان وانجهيل ۽ کوکلي سماج ۾ هندو ڇو رهڻ چاهيندا، جڏهن انهن وٽ ڪو چڱو آپشن به موجود هجي؟