جنهن ملڪ ۾ ڦورو، لٽيرا، ڌاڙيل گواھ طور شاهدي ڀرين، جتي نياڻين جون عصمتون لٽڻ وارا خود محافظ سڏجن، جت انصاف جا ميزان ٽنگي خود پنهنجو واڪ لڳرائين، دلائل ڏيندڙ ڪنهن رهزن جا دلال هجن، اتي امن امان لاءِ دانهڻ ريگسان ۾ رڙ ڪرڻ جي مترادف آهي. جت رهزن کي حاڪم ۽ مفلس کي قاتل بڻايو وڃي اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ ! جتي مزدور کي دهشتگرد ۽ دهشتگرد کي شاهوڪار سڏيو وڃي، جت مڪتب اوطاقون ۽ شاگرد جبري مزدور، هاري بڻايا وڃن اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم ؟ جتي حقدار غيرتمند، هونهار، هڏ ڏوکيءَ کي ڪنهن چوراهي تي وحشت جو نشانو بڻائي ڪيئي سورھ جاويد سولي چڙهيا وڃن، اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم ؟ ڌرتي جي اڻ کٽ دودن کي قتل عام ڪري، ڪونڌرن کي معذور بڻائي، پنهنجي جيجل ماءُ کي وڪڻين، اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ جتي تنهنجا تو کي نه سهن، غيرن جا ساٿاري بڻجي تنهنجي ۽ پنهنجي نسلن جا ويري وحشي بڻجن، اتي تنهنجا ۽ مهنجا ٻچا ڪٿان پڙهن؟ هاڻ ٻڌاءِ! اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم ؟ جتي مذهب جي آڙ ۾ حقارت جو درس ڏئي گھر اجھو، ڀاءُ برادر پاڻ ۾ لڙائي، ويڇا ڪرائي اڪيلو توکي ۽ مونکي لُٽينِ. چانھ جي ڪپ تي، هڪ روپئي جي هڙتي، ٻنيءَ جي ڀتر تي پنهنجي زندگيءَ جي همسفر کي مڏين ڪهاڙين سان مغز چٿين، گولين سان پروڙ ڪن، پنهنجن تي منهن ڪارو جو الزام مڙهين، وڏيرن کي خوش ڪري غلاميءَ جا ڳٽ پائي، اهڙا ڀوتارن جي چانئٺ جو ڪتو بڻجين، اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم ؟ جتي صدين کان ڌرتيءَ جي ٻچن کي سبق ڏين، ته تنهنجو بابو ڪاري ماريو، تنهنجي ڀيڻ ڪوجھي ماري، تنهنجي ماءُ مڇوءَ ماري، تنهجو ڏاڏو ۽ چاچو تنهنجي مامن ماريو، اهڙا درس منهنجي ذهن ۾ پنهنجا گوندين، پوءِ ورهين کان پنهنجن سان ويڙهاند هلي، ويڙهي ۾ پنهنجو ٻچو باقي نه رهي، اتي تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ هاڻ ارمان ڪير ڪري تعزيت ڪير ڪري، پنهنجا ڪيئن رهن، ڏک ڪنهن سان ونڊجن...... جاويد سومرو
اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ اٿڻو پوندو پنهنجي حقن لاء ... هڪ ڏينهن ڪاميابي ملندي. ڪم ڏکيو ضرو آهي پر ناممڪن ناهي.