• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيڏارو مُون کَي ڀَانئَي ڀَاڄَ، ڏَيرَ ڏُورَاڻَا هَلِيَا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10733982_10204825426413689_978570708747212850_n.jpg


مُون کَي ڀَانئَي ڀَاڄَ، ڏَيرَ ڏُورَاڻَا هَلِيَا
اَڳِيَان اُٿِي اُن جَي، خُوبُ نَه پَڪَمِ کَاڄَ
مَيڙَي آپُ سَرِتِيُون، نَڪِي ڳَايَمِ ڳَاچَ
آيَلِ آئُون اَڪَاڄَ، ٻَولُ ٻَرَوچَي وِتِرَو


سُرُ سَسُئي آبري

ڀَاڄَ = ڀاڄوڪڙ، ڀڄايل، وهاريل، سريت، سنگتياڻي
ڏُورَاڻَا = ڏورانهان، بنهه پري
کَاڄَ = کاڌا، طعام
آپُ = توهان، توهان کي، سرتين کي
ڳَاچَ = گيت، سهرا، شادمانا، جهمريون
اَڪَاڄَ = ڄَٽ، جاهل، اڻ ڄاڻ، اڻ واقف، بي وقوف
ٻَولُ = واعدو، وچن، قول، عهد، اقرار

بيت جو پس منظر

~ سسئي لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي ته مون کي پنهونءَ جي ڀائرن سمجهو ته آئون ڪا پنهونءَ جي ڀڄائي آيل، وهاريل، سنگتياڻي ۽ سُريت آهيان. تنهنڪري اهميت نه ڏنائون ۽ پنهونءَ کي مون کان ڇني ڌار ڪري پري هليا ويا.

~ منهنجيون به غلطيون آهن، ته مون سندن آڏو کاڌي پيتي جو ڪو جوڳو بندوبست نه ڪيو ۽ طعام نه پيش ڪيم. سرتيون ميڙي شاديءَ جهڙو ماحول ٺاهي سندن آڏو ڪو خوشيءَ جو اظهار نه ڪيو. ڪي جهمريون، رقص، ناچ گانا، گيت ۽ سهراڪونه ڳاتم.

~ مون کان ڪيڏي ڀل ٿي..!! غلطي ٿي جو آئون ايڏو پري کان آيل مهمانن جي ڪا خاص خاطر تواضع نه ڪئي. او جيجل امان مون ته غلطين مٿان غلطيون ڪيون. سڀ ڏوهه منهنجو ئي آهي. مڙئي مهڙيون مون ڏي هوت ڏي هڪ به نه. پنهون ته پنهنجي واعدي جو ڏاڍو پڪوماڻهو هو.

سمجهاڻي

سسئي پنهون داستان کي جيڪڏهن اسان صرف مجازي ۽ عشقيه داستان سمجهون ٿا ته اها اسان ڀٽائيءَ ۽ پاڻ سان بي واجبي ٿا ڪيون. ڀٽائيءَ سر سسئيءَ جا پنج داستان لکيا آهن. جنهن ۾ اسان لاءِ ڪيئي سبق ۽ سمجهاڻيون آهن. جنهن ۾ اڳواٽ رٿابندي، حڪمت عمليون، مسلسل جدوجهد ڪندو رهڻ ۽ غلطيون ڪري وري انهن جو ازالو ڪرڻ بهشامل آهي.

ڀٽائي اسان کي سسئيءَ جي ڪيل غلطين جي نشاندهي ڪري انهن لاءِ نئين سر لوچڻ، سوچڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي هدايتٿو ڪري. مهمان سسئيءَ جا ته هئا اوپرا ۽ ست ڌاريا، جيڪي کيس لُٽي ڦري پنهل کي کڻي ويا. کيس جبل جهاڳڻا پيا.

مهمان سٺ ستر سال اڳ اسان وٽ به آيا هئا اسان سندن نيڻ وڇائي آجيان ڪئي هئي. هاڻي هو مالڪ بڻجڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا سانباها پيا ڪن. اسان ڪجهه هڙتالن، مظاهرن ۽ ڌرڻن کان سوا باقيخاموش آهيون.

اچو ته پنهنجي ڪيل غلطين تي ويچاريون ۽ ڪي نيون حڪمت عمليون جوڙي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
اچو ته پنهنجي ڪيل غلطين تي ويچاريون ۽ ڪي نيون حڪمت عمليون جوڙي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪيون.
واه سائين بلڪل سچ جي سمجهاڻي ڏني اٿو
 
Back
Top