جيڪڏهن توهان جي اَڌ مهيني جي ڪيل محنت ڪير وڃائي، توهان جي ڏينهن رات جي محنت هڪ پَل ۾ ختم ٿيڻ تي هُجي ته توهان جي دل تان ڇا گذرندي ؟؟ اهڙا مسئلا پيش اچڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن دل ته ڌڙڪندي آهي پر جسم مان ساھ نڪري ويندو آهي، بلڊ پريشر چڙهي ويندو آهي.. تازوئي اڄ مونسان هڪ اهڙو مسئلو پيش آيو.. افففففففف.. ڪلاڪ ٻه ته منهنجي نڙي مان پاڻي نه لهي، جسم کي بي_ساھ محسوس ڪيم. پو منهنجي جسم ۾ ساھ ان وقت پيو جڏهن استاد گوگل کي سَڏ ڪيم، استاد ته استاد هوندا آهن چوانس هڪڙي ڪري ٻي، پو سمجهايومانس ته استاد مونکي تنهنجي ڊگهي ليڪچر جي ضرورت ناهي سڌو سنئون ٻڌا ته ڪم ڪندين يا نه ؟؟ ته تُرت جواب ڏنائين هائو، پنهنجو مسئلو بيان ڪر... پو بس مسئلو بيان ڪرڻ جي دير هُئي.. استاد جو دماغ ايڏو ته پاورفل ۽ تڪڙو آهي جو هڪ منٽ ۾ مسئلي جا هزارين حل ٻڌائي ورتائين.. ۽ آخر ڪار منهنجي جسم ۾ ساھ پئجي ويو ۽ هاڻي سنڌسلامت تي موضوع پيو لکان.