هڪ ڀيري فقير درياهه جو ڪپ ڏيو پئي ويو ته هڪ ڀٽونءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ڏٺائين. سو ترِي هيٺيان ڏئي. ٻاهر ٿي ڪڍيائينس ته وِڇونءَ ٺڪاءُ ڪرايس ڏنگ. ان جي سور کان تري ڪڍي ورتائين. ته وري ٻڏڻ لڳو. هن وري به تريءَ مٿان کنيس ته ڏنگ هنيائين. ته تري ڇنڊڻ لڳو. ڪنهن ماڻهوءَ اهو تماشو پئي ڏٺو. تنهن چيس فقير، ڇڏ دشمن کي ته ٻڏي مري، ڏسين نٿو ته هو پنهنجي ڏنگ هڻڻ جي بڇڙي عادت ماڳهين نٿو ڇڏي؟ فقير چيو ته هو پنهنجي ڪِني عادت نٿو ڇڏي ۽ آءٌ پنهنجي سُٺي عادت، ٿوري تڪليف ڪري، ڇو ڇڏي ڏيان. چڱايون ڪندا رهو، هڪ ڏينهن بُرو به توهان جي پيرن ۾ ڪرندو. (ڪتاب : وتايو فقير“ مان ورتل.)