• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فرنٽ پيج ۾ ٺهيل ويب سائيٽ کي اپ لوڊ ڪرڻ جو مسئلو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ صفحي واري فرنٽ پيج تي، اڳ ئي ٺهيل ويب سائيٽ کي ويبس ڊاٽ ڪام ۾ ٻيهر اپ لوڊ ڪرڻ تي
پهريون ڀيرو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ـ مون هوم پيج ڊليٽ ڪري نئون پيج اپ لوڊ ڪرڻ چاهيو ته وارننگ اچي ٿي: اوهان جيڪو فائيل اپ لوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا سو پريميم سائيٽ يعني پيسن جي ادائيگي واري سائيٽ ۾ اپ لوڊڪرڻ جي اجازت آهي ـ بهرحال، اڳ اهڙو مسئلو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ـ
ڪو دوست گائيڊ ڪري ۽ ان جو حل ڏسي ـ هڪ پيج واري ويب سائيٽ هڪ دوست جي نوجوان پٽ جي گم ٿيڻ جي ڳولا لاءِ اڳ ئي ٺهيل آهي جيڪا مان سال 2007 کان اپ ڊيٽ ڪندو اچان پر اپ لوڊ ۾ اهڙو مسئلو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ـ ڪٿي ويبس ڊاٽ ڪام وارن فري ويب سائيٽ اپ لوڊ ڪرڻ بند ته نه ڪرڻ ڇڏيون آهن؟
 
Back
Top