غلام نبي مگسي پنهنجي ڪتاب سوچون، سچ، پڙاڏا ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ سان ملائڻ جي، سنڌي قوم پرستن طرفان مخالفت بابت سچ لکيو آهي ـ سنڌي قوم پرست شاگرد اڳواڻ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني وغيره ڪراچيءَ کي موٽائي ڏيڻ جا سخت مخالف هئا ته قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو به ـ اهي تلخ تاريخي حقيقتون آهن ۽ اسان کي انهيءَ جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو شرم محسوس نه ڪرڻ گھرجي ـ انهن ڏينهن ۾ هڪ سنڌي قوم پرست ليڊر يعني جي ايم سيد جو اهو بيان اخبارون ۾ ڇپيو هو ته اسان کي 800 ڪروڙ روپيا ڏيو ته ڄامشوري وٽ سنڌ جو گاديءَ جو نئون شهر اڏيون جنهن تي تڏهوڪي ڪراچيءَ جي شاگرد اڳواڻ اسلم عباسيءَ جو بيان اخبارون ۾ آيو هو ته اهو سنڌي قومپرست اڳواڻ، ڪراچيءَ جي هر سنڌيءَ کي 800 روپين ۾ وڪڻڻ چاهي ٿو ـ ڪجھه وقت اڳ ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد سنڌي صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو هو ته جي ايم سيد سنڌي قوم پرست اڳواڻ کين نياپو موڪيو هو ته اسان ڪراچي اوهان يعني اردو ڳالهائيندڙن کي ڏيون ٿا جنهن تي سندس چوڻ هو ته اسان سخت حيرت ۾ پئجي وياسين ڇاڪاڻ ته اسان اهڙو مطالبو ڪونه ڪيو هو ۽ اسان انهيءَ قوم پرست ليڊر کي چوَرائي موڪليو ته اسان کي منظور ناهي جو اسان، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ 30 لک اردو ڳالهائيندڙن تان هٿ نه ٿا کڻي سگھون ـ بهرحال، اها حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڪيلو اڳواڻ هو جنهن چٽڻ لفظن ۾ مطالبو ڪيو هو ته ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيو ـ افسوس ته اسان وٽ سنڌي قومپرست پنهنجون غلطيون مڃڻ بدران تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا رهيا آهن ـ
سائين ! هٿ ٺوڪيا ۽ غير تصديق ٿيل جملا لکي تاريخ جي ورقن کي نه لتاڙيو ، مهرباني ڪري ڪي تصدي ٿيل حوالا ڏيو ، غلام نبي مگسي کي اوهان سڀني کان وڌيڪ آءُ سڃاڻان ، هو منهنجو دوست آهي ، باقي سردار احمد جي ڳالهين تي اچي رهبر سنڌ تي آڱريون نه کڻو ته مهرباني ٿيندي . سائين جي ايم سيد تي هر قسم جي تنقيد ڪري سگهجي ٿي پر ،بهتان بازي ڪرڻ وڏو ڏوه ٿيندو . ان حوالي سان مون اڳيئي هڪ مضمون لکيو هو شايد دوستن ان کي نه پڙهيو هو يا اسري ويو اٿن .
سائين معاف ڪجو اسان ته اوهان کي ڪو جواب به نه ٿا لکي سگهون ڇو ته نه اسان جي ايتري عمر آهي نه ئي اسان جي ايتري تاريخ پڙهيل آهي پر جيتري قدر منهنجي ڄاڻ آهي ته سائين جي ايم سيد سنڌ جو هڪ حلالي پٽ هيو هن سموري زندگي سنڌ لا وقف ڪري ڇڏي ، سائين ڀلا سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳاله ڪيئن ٿو ڪري سگهي اگر اخبارن جي ڳاله ٿا ڪريو ته اهي منظر عام تي آڻيو ، باقي ٻي ڪنهن ليڊر کي سٺو يا همدرد ڏيکارڻ لا سنڌ جي سيد تي بهتان نه هڻو......
سائين...منهنجي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي ـ مان ان وقت سرگرم صحافي هوس ـ جيڪو مون لکيو آهي سو سو سيڪڙو سچ لکيو آهي ۽ تاريخي تلخ حقيقتون لکيون اٿم ـ مان پاڻ ون يونٽ خلاف تحريڪ جو حصو رهيو آهيان ـ اوهان ان وقت جون اخبارون ڪنهن لائبرريءَ ۾ ڏسي سگھو ٿا، اهو منهنجو چيلينج اٿوَ ـ هٿ ٺوڪين جملن جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ـ اصل ۾ آغا شهاب الدين به ڪتابڙو ڇاپيو هو، مس ڪراچي جنهن ۾ هن ڪراچيءَ کي ڪاري مارڻ جو ذڪر هو ـ اهو ڪتاب مونکي سهڻيءَ جي ايڊيٽر طارق اشرف ڏنو هو ـ رسول بخش پليجو به ڪراچي کي ملائڻ جي خلاف هو ـ مهرباني ڪري ان وقت جون اخبارون پڙهو ۽ هروڀرو جذباتي نه ٿيو، ان ۾ ڪا بهتان بازي ناهي ـ لفظ ڌيان سان لکو ته مهرباني ٿيندي ـ ـ مان خود ون يونٽ خلاف تحريڪ جو حصو رهيو آهيان ـ
جن کي ڪراچي نه ٿي کپي، انهن جو الڳ موقف هو، تاريخ جو مطالعو ڪريو ۽ ان وقت جون اخبارون ڪنهن لائبرريءَ ۾ پڙهو ـ ان ۾ ٻه اڌ جي ڳالهه هرگز نه هئي ـ ڪراچي اڳ به ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ مرڪز وٽ هئي ۽ پوءِ به اهو مطالبو ڪيو ويو هو ـ هروڀرو جذباتي تبصرا نه ڪريو، مطالعو ڪريو، پوءِ بحث ڪريو ـ
هاني ته مان ڪوشش ڪندس ته ان وقت جون اخبارون ٺٺولي ڏسجن ، مون وٽ ان ڳاله بابت مواد هيو ، پر 1990 ع واري سنڌ مهاجر فساد ۾ سڙي ويو ، وڌيڪ گواه جيرڪا هن وقت فوت ٿي چڪي آهي ، جيڪا ان وقت ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ جي اردو دانن پاران مهنداري ءِ وڪالت ڪري هئي ، سائين جي ايم سيد کي مرڻ گهڙي تائين بابا چوندي هئي ءِ هر سال سائين جي سالگره ملهائيندي هئي ، اها هئي ڊاڪٽر عامر لياقت جي والده ،ان جي گواهي ڊاڪٽر عامر به ڏيئي سگهي ٿو . اهو کڻي فرض ڪجي ته جيڪڏهين سائين جي ايم سيد ڪراچيءَ کي ڌار ڪرن وارو مطالبو مڃي ورتو هو ته ،پوءِ هڪ فوجي جنرل يحيى خان ڪنهن جي چوڻ تي ڪراچيءَ کي ورائي سنڌ ۾ شامل ڪيو ؟
سائين..اوهان جي معلومات بلڪل اڌوري آهي ـ جنرل يحى خان ڪنهن هڪ شخص جي چوڻ تي ون يونٽ ڪونه ٽوڙيو هو ـ اوهان کي شايد ياد ناهي پر مان ياد ڏياريان ته ون يونٽ سال 1957 ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ طرفان ون يونٽ ٽوڙڻ جي حمايت ۾ بحال ڪيل ٺهراءُ جي بنياد تي ٽوڙيو ويو هو ۽ جنرل يحى خان ون يونٽ ٽوڙڻ واري تقرير ۾ به اها ڳالهه ڪئي هئي ـ جنرل ايوب پنهنجي ڪتاب فرينڊز ناٽ ماسٽرز۾ لکيو هو مون ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ اقتدار تي قبضو ڪيو هو ـ مهرباني ڪري تاريخ جو مطالعو ڪريو،اوهان جي مهرباني ٿيندي ـ
سائين سيال صاحب ! اوهان جون لک مهربانيون، اوهان ته سڄ ڳالهائي سمورو بحث ئي ختم ڪري ڇڏيو . هت ڳاله پئي هلي ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان ڌار رکڻ جي ، نه ڪي ون يونٽ ٽوڙائڻ جي ،اهو ڪڙو سچ آهي ته ون يونٽ کي ڪنهن هڪڙي شخص ڪو نه ٽوڙايو هو ، ان جي حاصلات لاءِ هزارين ماڻهن جي محنت شامل هئي ۽ آهي . اوهان پاڻ ئي غلام نبي مگسيءَ جي ڪتاب جو حوالي سان لکيو آهي ته ، ( سنڌي قوم پرست شاگرد اڳواڻ يوسف لغاري ، يوسف ٽالپور ۽ مسعود نوراني وغيره ڪراچيءَ کي موٽائي ڏيڻ جي سخت خلاف هيا ۽ قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو به ) . اهي سمورا جملا ذو معنى (ٻٽي معنى ) رکندڙ آهن . سوال اٿي ٿو اها ڪراچي ڪنهن کي موٽائي ڏيڻي هئي ؟ مهاجرن کي ،جنهن جي لاءِ هو گهر ڪري رهيا هيا ۽ سنڌ جا وڏا قوم پرست ليڊر به ان ۾ راضي هيا ته ڪراچي مهاجرن کي ملي ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ نه ٿئي ته پوءِ يحيى خان سنڌ جي ڀاڳ ناڙي ۽ لسبيلي وارا علاقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪراچي ءَ کي سنڌ جو گادي ءَ جي هنڌ بنائڻ جي مهرباني ڪنهنجي چوڻ تي ۽ ڪينئن ڪئي ؟. ٻيو اوهان لکيو آهي ته ون يونٽ کي 1957ع واري قراداد جيڪا مغربي پاڪستان جي اسيمبيليءَ پاس ڪئي هئي ان مطابق يا گهر تي ٽوڙيو ويو . بلڪل درست ڪري کڻي مڃجي ۽ ويجهو هجوها ته اوهان کي مٺائي کارائجي ها . هاڻي اسيميليءَ جو رڪارڊ گواهي ڏيندو ته اها قراداد ڪهڙن فردن پيش ڪئي هئي ۽ ان کي پاس ڪرائڻ جي لاءِ ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن ڊڪ ڊوڙ ڪئي ۽ ان کي پاس به ڪرائي ويا ، جنهن جي پاداش۾ جنرل ايوب کي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻي پئي . سموري ڳاله چٽي ۽ واضع ٿي ويئي . تنهنڪري ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد سان گڏوگڏ ڪيترن ماڻهن ڪراچيءَ کي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ بنائڻ تي بضد هيا ۽ ڪرائيءَ کي باقي سنڌ کان ڌار ڪرڻ نه ٿي چاهيو .س
سائين ون يونٽ جو ٽٽڻ 1957 جي ٺهراءُ جي بنياد تي هو جنهن تي سارو پاڪستان هڪراءِ هو، سواءِ چئن ميمبرن جي ـ اهو سال 1957 جو قصو هو ـ ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جو مسئلو 1969 يا 70 ڌاري پيدا ٿيو ـ ٻنهي کي الڳ الڳ ڏسوته صورتحال سمجھه ۾ اچي ويندي ـ باقي سائين جي ايم سيد تي کليو بحث نه ٿو ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته ان جي موٽ ۾ سنڌي قوم پرستن طرفان ڌمڪيون ۽ گاريون ملنديون آهن ـ مونکي اهڙو تجربو آهي ـ ٿورو لکيو گھڻو سمجھندا ـ
سائين سيال صاحب! 1..... منهنجي سوچ مطابق تعميري تنقيد ۽ بحث هر ڪنهن شخص تي ڪري سگهجي ٿو . باقي اجائي تنقيد ۽ بهتان بازي ڪنهن به شخص تي نه ٿي ڪري سگهجي . جيڪڏهين حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪبي ته پوءِ پنهنجي ايندڙ نسلن جي راهن تي وڇايل ڪنڊن کي ڪهڙي طرح صاف ڪري سگهبو ؟ اسان کي اهو صاف طرح پنهنجي ذهنن ۾ ويهارن گهرجي ته حقيقتن کان منهن موڙڻ وارا سدائين نقصان م ويندا آهن ، ماضيءَ م ڪيل پنهنجن غلطين جي نتيجن کي ڏسي آئينده جي لاءِ انهن يا اهڙين غلطين کان پاسي ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي . 2........سائين ! شايد اوهان ان وقت الائي ڪٿي هيا ، 20 مئي 1990ع کان وٺي پهرين جون 1990ع تائين ڪراچيءَ ۾ قيامت برپا ٿيل هئي ، اهي ڏينهن هي ناچيز اورنگي واري خانه جنگي ، سلطانه آباد ، گوليمار۽ مختلف ڪيمپن جو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهيان ۽ اوهان پيا چئو ته 1990ع ۾ سنڌي مهاجر فساد ڪو نه ٿيا هيا .
سائين عبدالڪريم چانڊيو صاحب....مان دي نيوز اخبار جو لنڪ ڏيان پيو جنهن ۾ وڏن فسادن جي فهرست ڏنل آهي پر اوهان جي دعوى موجب 20 مئي کان پهرين جون 1990 تائين سنڌي ـ مهاجر فساد ٿيا هئا، ان جو ذڪر ناهي ـ http://www.thenews.com.pk/Todays-News-6-106417-91-major-terrorism-incidents-haunted-Ka