محمد خان سيال
سينيئر رڪن
غلام نبي مگسي پنهنجي ڪتاب سوچون، سچ، پڙاڏا ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ سان ملائڻ جي، سنڌي قوم پرستن طرفان مخالفت بابت سچ لکيو آهي ـ سنڌي قوم پرست شاگرد اڳواڻ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني وغيره ڪراچيءَ کي موٽائي ڏيڻ جا سخت مخالف هئا ته قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو به ـ اهي تلخ تاريخي حقيقتون آهن ۽ اسان کي انهيءَ جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو شرم محسوس نه ڪرڻ گھرجي ـ
انهن ڏينهن ۾ هڪ سنڌي قوم پرست ليڊر يعني جي ايم سيد جو اهو بيان اخبارون ۾ ڇپيو هو ته اسان کي 800 ڪروڙ روپيا ڏيو ته ڄامشوري وٽ سنڌ جو گاديءَ جو نئون شهر اڏيون جنهن تي تڏهوڪي ڪراچيءَ جي شاگرد اڳواڻ اسلم عباسيءَ جو بيان اخبارون ۾ آيو هو ته اهو سنڌي قومپرست اڳواڻ، ڪراچيءَ جي هر سنڌيءَ کي 800 روپين ۾ وڪڻڻ چاهي ٿو ـ
ڪجھه وقت اڳ ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد سنڌي صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو هو ته جي ايم سيد سنڌي قوم پرست اڳواڻ کين نياپو موڪيو هو ته اسان ڪراچي اوهان يعني اردو ڳالهائيندڙن کي ڏيون ٿا جنهن تي سندس چوڻ هو ته اسان سخت حيرت ۾ پئجي وياسين ڇاڪاڻ ته اسان اهڙو مطالبو ڪونه ڪيو هو ۽ اسان انهيءَ قوم پرست ليڊر کي چوَرائي موڪليو ته اسان کي منظور ناهي جو اسان، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ 30 لک اردو ڳالهائيندڙن تان هٿ نه ٿا کڻي سگھون ـ
بهرحال، اها حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڪيلو اڳواڻ هو جنهن چٽڻ لفظن ۾ مطالبو ڪيو هو ته ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيو ـ افسوس ته اسان وٽ سنڌي قومپرست پنهنجون غلطيون مڃڻ بدران تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا رهيا آهن ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: