• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوسڙو استادن خلاف مهم جاري رکو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شوشل ميڊيا تي گوسڙو استادن خلاف ڀرپور مهم جاري آهي ۽ تنهن کي اڃا به تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ـ واسطيدار دوستن کي گذارش آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا به ڄاڻ ڏين سا هڪ سو سيڪڙو درست هئڻ گھرجي ـ

ڪراچيءَ جي هڪ سنڌي صحافي رٿ ڏني آهي ته هڪ ئي وقت ٻين شعبن ۾ به اهڙي ڪم چورن خلاف مهم هلائي وڃي ـ

منهنجي ايمانداريءَ سان راءِ آهي ته پهرين مرحلي ۾ رڳو گوسڙو استادن خلاف ڀرپور مهم هلائڻ گھرجي ـ جڏهن ان مان ڪو کڙتيل نڪري ته پوءِ ٻين شعبن ۾ هٿ وجھجي ـ هڪ ئي وقت سڀني شعبن جي ڪم چور ماڻهن کي وائکو ڪبو ته پوءِ اهو تاثر اڀرندو ته ساري سماج ۾ اهڙي حالت آهي ته پوءِ سکڻي هڪ شعبي جي ماڻهن خلاف ڇو ڪارروائي ڪجي؟ نتيجو اهو نڪرندو ته ڪنهن جي به خلاف ڪا به ڪارروائي ڪانه ٿيندي ـ

منهنجي صلاح آهي ته پهرين مرحلي ۾ رڳو گوسڙو استادن خلاف مهم هلايو ۽ ڪوشش ڪريو ته هڪ سو سيڪڙو سچي معلومات ڏيو ـ تحريڪ کان ڪو کڙ تيل نڪري ته پوءِ ٻين شعبن ۾ ڀلي هٿ وجھو ـ
 
Back
Top