نثارابڙو
نائب منتظم
گذارش؛
1. هي ڪتاب خاص سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ پيش ڪريانٿو، هي ڪتاب اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش نآهي ٿيو.
2. هي ڪتاب لڳ ڀڳ 100 سال پراڻو لکيل ڪتاب آهي جيڪو انگريز ڏاهي ويلس ويٽلس لکيو هو.
3. هن ڪتاب کي اڄ به انگريزي ادب ۾ خاص اهميت آهي ۽ هن ڪتاب جون هزارين ڪاپيون اڄ به وڪامجن ٿيون.
4. هن ڪتاب جون سوفٽ ڪاپيون ۽ هارڊ ڪاپيون کپائي ڪيترا ادارا لکين ڊالر ڪمائي رهيا آهن.
5. هن ڪتاب مان حوالا ۽ نوٽس اڄ به ڪاليجن ۾ پڙهايا ۽ ياد ڪرايا وڃن ٿا.
6. باب باب ڪري ترجمو ڪندو ويندس ۽ اوهان دوستن سان ساڳي ڌاڳي ۾ ونڊ ڪندو رهندس، اميد ته غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ هي ڪتاب اوهانکي تمام گهڻو پسند ايندو ۽ اميد آهي ته اسين سنڌي به عملي دنيا ۾ پاڻکي ڀڙ ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا ٿيندا رهنداسون ...
اوهانجي دعائن جو طلبگار
نثار ابڙو
________________________________________

باب؛ 1
امير ٿيڻ جو حق؛
غربت جي حمايت ۾ بيشڪ ڪيتري به تعريف ڪئي وڃي پر حقيقت پنهنجي جاءِ تي اها آهي ته اهو ممڪن ئي ناهي ته سچي، ڪامياب ۽ مڪمل زندگي امير ٿيڻ کان بغير گذاري سگهجي. ڪو به پنهنجي روحاني قابليت جي ممڪن اوچائيءَ تائين پهچي نٿو سگهي جيستائين سندس وٽ ڪافي ناڻو نه آهي ... پنهنجي روحاني ترقي ۽ قابليت جي مکڙيءَ کي کولي گل ڪرڻ لئه ڪيترين ئي خاص شين جي استعمال جي ضرورت ٿئي ٿي ... ۽ ڪو به ماڻهون اهي ضروري شيون بنا ناڻي (پئسي) خريد ڪري نٿو سهگي ... ماڻهونءَ جي ذهن، روح ۽ جسم کي وڌڻ لئه ضروري شين جي ضرورت آهي، ۽ سماج ايتري ترقي ڪري چڪو آهي جو ان سماج ۾ اسان وٽ ناڻي جو هجڻ انتهائي ضروري ٿي پيو آهي ته جيئن اسين پنهنجيون ضروريات پوريون ڪري پاڻ وٽ رکي سگهون يا حاصل ڪري سگهون. انڪري سڀني واڌارن جو بنياد آهي ” سائنس “ اهڙي سائنس جنهن سان امير ٿي سگهجي.
هر جيوَ جو مقصد آهي ترقي ڪرڻ ۽ هر اها شئي جا حيات آهي انکي پورو پورو حق آهي ته هو پنهنجي واڌ ڪري سگهي يا پنهنجيون ضروريات حاصل ڪري سگهي. ڪنهن ماڻهونءَ جي حيات هجڻ جو حق آهي ته انکي دنيا ۾ موجود شين جي اسعتمال جو حق آزادانه ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي هجي، اهي شيون جي سندس ڪامل ذهني، روحاني ۽ جسماني اوسر لئه ضروري آهن، ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هر ماڻهونءَ جو بنيادي حق آهي ته هو امير هجي.
هن ڪتاب ۾، آءُ امير ٿيڻ جو ڪو اکري نمونو پيش نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته صحيح طرح سان امير ٿيڻ جو اهو به مقصد ناهي ته اوهانکي ڪي مخصوص انگ هجن، بلڪ اوهان وٽ اڻڳڻي اميرائپ هجي. ڪوبه ماڻهون ڪنهن خاص انگن کان مطمئن نه ٿو ٿي سگهي جي هو اڃان وڌيڪ اڳتي وڌڻ چاهيندو هجي يا اڃان وڌيڪ مزن ماڻڻ جي قابليت رکندو هجي، فطرت جو ڪم آهي اڳتي وڌڻ ۽ حيات جي اوسر ۽ هر ڪنهنکي ضرور هجڻ کپي، اهو سڀ، جنهن سان طاقت، عزت، سونهن ۽ آسودگي ملندي هجي. بلڪه ايئن چئجي ته ٿورڙي تي راضي ٿي بيهجي وڃڻ گناه آهي، ڏوهه آهي.
هر اهو ماڻهون جنهن وٽ هر اها شئي آهي جا هو چاهي ٿو، جا حيات هجڻ لئه ضروري آهي ته چئبو ته هو امير آهي، ۽ ڪو به اهڙو ماڻهون ناهي جنهن وٽ بنا ناڻي جي ضرورت جي هر شئي هجي. زندگي ايتري ته اڳتي وڌي چڪي آهي ۽ ايتري ته گهڻ پاسائين ٿي پئي آهي جو معمولي کان معمولي ماڻهونءَ (عورت يا مرد) کي به زندگي گهارڻ لئه اڻڳڻي دولت جي ضرورت پوي ٿي ته جيئن هو اهڙيطرح زنده رهي سگهي جهڙيءَ طرح سماج جي مڪمل صورت آهي. ۽ هر ماڻهونءَ جي فطرت آهي ته هو ائين ئي ٿي سگهي جيئن هو ٿيڻ چاهي ٿو. خواهشون اصل ۾ جبلتي انسان ۾ موجود هجن ٿيون ۽ انهن جبلتن کي ختم ڪرڻ يا انهن ۾ گهٽتائي ڪري نه ٿي سگهجي. زندگيءَ ۾ ڪاميابي تڏهن اچي ٿي جڏهن اوهان چاهيو ٿا، ۽ اوهان اهو ئي ڪجهه ٿي سگهندا جنهنجي اوهانکي خواهش هوندي آهي ۽ اهو سڀ صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهانکي شين جي استعمال جو حق هجي. ۽ شين جي استعمال جو آزادانه حق اوهانکي تڏهن ملندو آهي جڏهن اوهان ايترا امير ٿيو جو انهن کي خريد ڪري سگهو. انڪري امير ٿيڻ جي سائنس کي سمجهڻ سڀ علم کان اهم ۽ افضل آهي.
ان ۾ ڪا خرابي ناهي ته اوهان اها خواهش رکو ته اوهانکي امير هجڻ گهرجي، امير ٿيڻ جي خواهش دراصل خواهش آهي آسوده ۽ مڪمل زندگي گهارڻ جي ۽ اها خواهش تعريف جوڳي آهي، جيڪو ماڻهون مڪمل ۽ آسوده زندگي گذارڻ نٿو چاهي ان جي ڪل ٿڙيل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو ماڻهون اهو نٿو چاهي ته سندس وٽ ايترو ناڻو هجي جو هو ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهي ته به سندس ڪل ٿڙيل آهي ۽ هو ذهني پورو نآهي.
اسان وٽ ٽي سبب آهن جن لئه اسين جدوجهد ڪندا آهيون ... اسين جسم لئه رهون ٿا، اسين ذهن لئه رهونٿا، اسين روح لئه رهونٿا، انهن مان ڪوبه هڪ ٻي کان بهتر يا اهم ناهي، سڀ هڪجيتري ئي اهميت رکنٿا. ۽ انهن ٽنهي مان ڪوبه هڪ ذهن، جسم يا روح هڪٻئي کان بنا مڪمل ٿي نه ٿو سگهي، ڪنهن هڪ جي خواهشن يا ضرورتن کي ختم ڪبو ته ٻيو به ان سان گڏ ختم ٿيندو، اهو صحيح نه ٿيندو ته اوهان صرف روح جي خاطر جيئو جسم ۽ ذهن کي وساري ڇڏيو، ۽ اهو به غلط ٿيندو ته اوهان صرف ذهين ٿيڻ تي زور ڏيو جسم ۽ روح کي وساري ڇڏيو. اسين سڀ جسم خاطر رهڻ، ذهن ۽ روح کي وسارڻ جي نقصانڪار نتيجن کان پڻ واقف آهيون، ۽ اسانکي اها به خبر آهي ته حقيقي زندگيءَ جي معني آهي جسم، روح ۽ ذهن جو مڪمل اظهار، ڪو ڇا به چوي پر ڪو به ماڻهون تيستائين خوش ۽ مطمئن گذاري نٿو سگهي جيستائين سندس جسم پنهنجي پوري پوري عملي حيثيت سان ڪم ڪندو هجي ۽ ساڳي ڳالهه لاڳو ٿئي ٿي روح ۽ ذهن سان. جتي به ڪو اهڙو امڪان آهي جنهن سان ڪنهن عمل ۾ ڪا ڪمي رهجي وڃي ٿي ته اتي مايوسي پئدا ٿئي ٿي. هر خواهش يا ضرورت پنهنجو اظهار چاهي ٿي يا هر مقصد کي عمل جي ضرورت هجي ٿي.
ڪو به ماڻهون رهي نٿو سگهي، مناسب کاڌي کائڻ کان بغير، مناسب ڪپڙن کان بغير ۽ مناسب رهائش کان بغير، ۽ ان آزاديءَ کان بغير ته هو هروڀرو پنهنجي جسم جو رت ست نچوڙيندو رهي. آرام ۽ سڪون طبعي زندگيءَ لئه ضروري آهن. ڪو به پنهنجي ذهن کي ڪتابن کان بغير ۽ پڙهڻ واري وقت ڪڍڻ کان علاوه ، بغير سير و سياحت جي موقعن ملڻ جي، يا وري ڏاهن جي صحبت کان بغير، مڪمل ڪري نٿو سگهي.
سالم ذهن سان رهڻ لئه هڪ ماڻهونءَ کي ڏاهن وارا شوق هجڻ کپن ۽ سندس چوڌاري فني شاهڪار ۽ حسين ۽ جاذب نگاهه شيون گڏ ڪيل هجن جنکي هو استعمال ڪري پاڻکي خوش ۽ مطمئن رکندو هجي، ڪامل روحاني زندگي گذارڻ لئه ماڻهونءَ جي دل ۾ پيار ڀريل هجي ۽ پيار جو اظهار غربت سبب ٿيندو نآهي، بلڪ هوريان هوريان مري ويندو آهي.
ڪنهن پيار ڪرڻ واري لئه اها انتها جي خوشي هوندي آهي، جڏهن هو پنهنجي وجود مان پنهنجي محبوب کي ڪجهه ڏئي سگهندو آهي، ڪجه ڏيڻ سان پيار کي فطري ۽ بي ساخته اظهار جو موقعو ملندو آهي ... ڪو ماڻهون جنهن وٽ ڏيڻ لئه ڪجهه به ناهي ته هو ڪنهنجو مڙس يا ساٿي به نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه وري ڪنهنجي پرورش ڪري سگهي ٿو، يا وري شهريت جا حقوق ادا ڪري سگهي ٿو يا وري ائين چئجي ته ڏيڻ کان بنا هو انسانيت جي درجي کان ڪري پوي ٿو. اهي مادي شيون ئي آهن جن جي استعمال سان ماڻهون پنهنجي جسم ۾ جان آڻي ٿو، پنهنجي ذهن کي وڌائي ٿو، ۽ پنهنجي روح کي کولي ٿو، انڪري اها سڀ کان وڏي ضرورت آهي ته هر ماڻهون امير ٿئي.
اهو بجا طور تي اوهانجو حق آهي ته اوهان امير ٿيڻ جي خواهش رکو، جي اوهان عام مرد يا عورت آهيو ته اوهان ان ڳالهه کان انڪار نه ڪري سگهندا، اهو بجا طور تي صحيح آهي ته اوهانکي پنهنجي تمام توجهه امير ٿيڻ جي سائنس طرف ڏيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو علم سڀني علمن کان وڌيڪ معزز، ڪارائتو ۽ ضروري آهي، جي اوهان ان تعليم کي پٺيءَ اڇلائيندا ته سمجهو ته اوهان پنهنجي ذميوارن کان منهن موڙي رهيا آهيو، پنهنجي خدا جي نافرماني ڪري رهيا آهيو ۽ انسانيت جي توهين ڪري رهيا آهيو. اوهان امير ٿيڻ جي سائنس وارو علم حاصل ڪري نه فقط پنهنجي خدمت ڪندا آهيو، بلڪ الله ۽ انسانيت جي خدمت پڻ ڪندا آهيو.