35 ـ مهمان ڳوٺن ۾ رحمت پر شهرن ۾ زحمت: مهمان ڳوٺ ۾ ايندا هئا ته اسان ٻار ڏاڍو خوش ٿيندا هئاسين ۽ جڏهن ويندا هئا ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، سچ ته ائين لڳندو ڄڻ ته ڪو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجي يا سولي سنڌيءَ ۾ ڀولڙيِ ڇڏائجي وئي هجي ـ گھڻو ڪري مهمانن لاءِ هنڌَ ته اڳ ئي گھر ۾ تيار هوندا هئا پر جي کُٽي پوندا هئا ته پاڙي وارن کان وٺندا هئا سين ـ سڀ هڪٻئي سان سهڪار ڪندا هئا ۽ هر هڪ، ٻئي کي ڏکئي توڙي سکئي وقت ۾ ڪم ايندو هو ـ سچ ته اهو آهي ته شهرن ۾ اچڻ کانپوءِ وسيلا گھٽجي وڃن ٿا ـ نه ئي گھڻن مهمانن کي رهائڻ جي جاءِ هجي ٿي ۽ نه ئي مهانگائيءَ سبب ايترا ذريعا ـ بهرحال، ڳوٺن جا ماڻهو گھڻو ڪري جائز ڏوراپا ڏيندا آهن ته شهر جا ماڻهو مهمانن کان منهن موڙي وڃن ٿا پر مان سمجهان ٿو ته شهر جي ماڻهن جون ڪجھه حقيقي مجبوريون به سمجھڻ جي به ضرورت آهن ـ بهرحال، اڄڪلهه جي دور ۾ جيڪڏهن مهمان ڌاريا آهن ته پوءِ اهي زحمت ئي زحمت آهن، ڀلي ڳوٺ هجي يا شهر....!! 36 ـ تارن ڀريون راتڙيون: اسان جي ڳوٺ ۾ رات جو گھڻو ڪري آسمان چٽو نظر ايندو هو ـ تارن ڀريل راتين جو نظارو ڏاڍو سُهڻو ۽ وڻندڙ هوندو هو ـ اونهاري جي راتين ۾ اڱڻ ۾ سمهندا هئاسين ته نظرون آسمان ۾ کتل هونديون هيون ـ ڪڏهن تارن کڙڻ جو نظارو ڏسندا هئاسون ته وري ڪڏهن هوائي جهازن جي روانگيءَ تي به تارن جو گمان ٿيندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهازن جو هلڪو آواز به ڪن تي پوندو هو ته ساري ماجرا سمجھي ويندا هئاسون ـ تن ڏينهن ۾ مون کي خبر نه هئي ته مان وڏو ٿي، 30 ورهين تائين قومي ايئر لائين پي آءِ ايَ ۾ آفيسر طور ڪم ڪندس ۽ دنيا جا ملڪ گھمندس ـ اڪثرهوائي جهاز ملڪي توڙي غيرملڪي اڏامن ذريعي ڪراچي ويندي يا موٽندي نوابشاهه مٿان ضرور لنگھندا آهن ـ هڪ ته نوابشاهه سندن روٽ تي آهي ۽ ٻيو ته اتي بهتر متبادل رن ويَ به ٺهيل آهي جيڪو انگريزن جي دور جو ٺهيل آهي ۽ هنگامي حالتن ۾ جهاز اتي لهي ۽ اُڏمي سگھن ٿا ـ نوابشاهه مٿان لنگهڻ وقت هوائي جهاز پنهنجي اوچائي گھٽائڻ شروع ڪندو آهي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ سولائيءَ سان لهي سگھي ـ جڏهن پائليٽ نوابشاهه مٿان لنگهڻ جواعلان ڪندو آهي ته مون کي سچ ته ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ـ هڪ ٻه ڀيرو، پنهنجي وقت جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو مسافر بردار هوائي جهاز بوئنگ 747 (جمبو جيٽ) ايمرجنسيءَ ۾ اتي لٿو هو جنهن ۾ چار سو کان مٿي مسافر ويهن ٿا ـ هن وقت دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسافربردار هوائي جهاز ايئربس ڪمپنيءَ جو ايَ ـ 380 آهي جنهن ۾ 525 ماڻهو ويهن ٿا جيڪو ٻه ماڙ آهي ـ جيڪڏهن سڀ ايڪانومي ڪلاس جون سيٽون لڳائجن ته ڪل 853 مسافر ويهندا ـ سڀ کان پهريون جهاز سنگاپور ايئرلائينز، سال 2007 ۾ پنهنجي ٻيڙيَ ۾ شامل ڪيو هو ـ اهو به سچ آهي ته ڪراچي شفٽ ٿيڻ کانپوءِ اهڙين تارن ڀريل مٺڙين راتين ڏسڻ کان سِڪي مُئا آهيون ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ سدائين راتين جو آسمان تي لڙ ڇانئيل هوندو آهي ـ مان جڏهن پي آءِ اي ڪوئٽيا ۾ مئنيجرهوس ته مون کي هڪ ڀيري تُربت وڃڻ جو موقعو مليو ـ بجلي نه هئڻ ۽ سخت گرميءَ سبب اڱڻ ۾ سمهيس ۽ اُتي پڻ ڪيترن ورهين کانپوءِ ساڳي جهازن جي چرپر ۽ ساڳي تارن ڀري رات ڏٺم ـ سچ ته مونکي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو ۽ جاڳڻ مهل منهنجون اڳيون رڳو آسمان ۾ کتيل رهيون ـ 37 ـ نشو پتو: ڳوٺ ۾ عام طور ڪو نشو پتو ڪونه ڪندو هو ـ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڀنگ جو نشو ڪندو هو نه ته ٿورا ماڻهو پن جون ٻيڙيون ڇڪيندا هئا ـ تن ڏينهن ۾ بابُو ٻيڙي هئي ۽ ڪيپسٽن سگريٽ (ڳوٺاڻا ان کي ڪيپٽن سڏيندا هئا) گھڻو مشهور هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ريڊ اينڊ وائيٽ سگريٽ جو به نالو ٻڌبو هو ـ ڪجھه عورتون وري نڪ يا وات ۾ ناس ڏينديون هيون ته ڪي وري پن جون ٻيڙيون به ڇڪينديون هيون پر ڪوبه شراب، چرس، آفيم وغيره استعمال ڪونه ڪندو هو ـ ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق (جنهن کي هڪ سنڌي قومپرست اڳواڻ شريف النفس جو لقب ڏنو هو) جي قوم کي ڏنل تحفن جھڙوڪ هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ افغان مهاجرن جو اسان جي ڳوٺ توڙي ويجھڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ پريَ پريَ تائين ڪو نانءُ نشان به ڪونه هوندو هو ـ 38 ـ ڳوٺ ۾ مختلف رانديون: ڳوٺ ۾ مختلف رانديون کيڏبيون هيون جن ۾ اکٻوٽ، ڪٻڊي (ڪٻٽي يا ڪوڏي ڪوڏي)، اٽي ڏڪر، والي بال ۽ بلورن وارن رانديون شامل هونديون هيون ـ اسان شاگرد اکٻوٽ کان علاوهه ڦر ڦر سونٽو ـ دٻلي ٿي ڇڻڪي، اکٻوٽ يا وري ڪُئي ٻليءَ واري راند کيڏندا هئاسون جنهن ۾ مان گھڻو ڪري ڪُئو بڻبو هوس ۽ مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن، ڪنهن به مون کي پڪڙيو هجي ـ 39 ـ درسي ڪتابن جون غلطيون ۽ شاگرد کي مار: اسان جي اسڪول ۾ استاد، هڪ شاگرد ميهر ولد فيروز رند جيڪو اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، تنهن کي اردوءَ جو سبق پڙهڻ لاءِ چيو ـ تن ڏينهن ۾ اردو ٽئين ڪلاس کان لازمي طور پڙهائي ويندي هئي ـ هن هڪ سبق پڙهيو جنهن ۾ لکيل هو: امان جان .......پر استاد واري ڪتاب ۾ لکيل هو: امي جان.....استاد سمجھيو ته شاگرد غلط پڙهي ٿو سو کيس ٻه ٽي ڀيرا ساڳي ڳالهه دهرائڻ لاءِ چيائين ـ جڏهن ميهر وري به ساڳي ريت پڙهيو ته کيس مار ڏنائين! ميهر معصوميت سان ڪتاب ڏيکاريندي استاد کي چيو ته : سائين مون ته درست پڙهيو آهي ـ بهرحال، استاد اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته سندس ڪتاب ۾ ڪجھه ٻيو لکيل هوـ اهڙيءَ ريت، درسي ڪتابن جي غلطيءَ هڪ شاگرد کي هروڀرو مار کارائي ـ 40 ـ شاگردن کي مختلف سزائون: استاد ورليَ چنڊَن شاگردن کي انوکي سزا ڏيندو هو ـ ڪجھه شاگردن کي ٽنگو ٽالي ڪري ڪنهن اهڙي وڻ جي هيٺان کڻي ويندا هئا جت ماڪوڙا هوندا هئا ۽ ماڪوڙن جي ٻرن ۾ پاڻي وجھي، چنڊيَ شاگرد کي بڇائيندا هئا پر مون ڏٺو ته اهڙا شاگرد سزا ڏيڻ جي باوجود به ڪونه سڌرندا هئا ـ اٽلندو اهڙا شاگرد اسڪول ڇڏي هليا ويندا هئا ـ هڪ ڀيري سنگاپور ويس ته اسان جي هوٽل جي سامهون اينگلو ـ چائنا اسڪول هو جنهن ۾ تڏهوڪي پاڪستاني سفير جو پٽ به پڙهندو هو ـ پڇڻ تي، پرنسيپال خاتون ٻڌايو ته اسان وٽ شاگردن کي ڏنڊي سان مارڻ جي پابندي هوندي آهي ۽ اهڙو اختيار رڳو پرنسيپال خاتون وٽ آهي سا به شاگرن کي رڳو شرارتن تي سزا ڏئي سگھي ٿي ـ رهيو مولابخش (ڏنڊو) ته اهو سڀني اسڪولن وانگيان اسان جي اسڪول ۾ به موجود هوندو هو ـ سڀني شاگردن کي الائجي ڇو مولابخش کان نفرت هوندي هئي جڏهن ته ويچارو مولابخش ته بي جان هو، ڀلا ان جو ڪهڙو ڏوهه ؟